تعليمي ادارن ۾ اقربا
پروري ۽ پنهنجو نوازيو پاليسي
ليکڪ؛ اجمل مير مهدي،
حيدرآباد.
سنڌ سڳوري جي تاريخي پس
منظر ۾ روايتي تعليم جو ڪمال ان ڳالهه جو مظهر آهي جنهن مان سنڌ جي خوشحالي نمايان
نظر اچي ٿي. شعور جي مهاذ تي وقت جي تقاضا مطابق علم جي پروڙڻ، سکيا ۽ ترتبيت جي
ماهرن جون لازوال قربانيون، وقف ٿيل زندگيون ۽ بي بها تعليمي خدمتون بينظير
ڪارنامن جي صورت ۾ سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور هيون.
خوشحال ۽ امير سنڌ جي
تعليمي ماهرن جون قابلِ تعريف انداز ۾ خدمتون شاهوڪار سنڌ جي انمول ڪاوشن جون
عڪاسي ڪن ٿيون جيڪي ننڍي کنڊ ۾ تعليمي معيار هونديون هيون. موئن جي دڙي جا ماڻهو
خوشحال ۽ شاهوڪار هجڻ سان گڏ تعليم جا ماهر پڻ هوندا هئا. پاڪستان ٺهڻ کان پهرين
سنڌ جا هندو استاد علمي وراثت جا مالڪ هجڻ سان گڏ علمي قابليت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ
هوندا هئا. اڄ جي نسبت اها تاريخي تعليمي روايت اڻلڀ ٿي وئي آهي جنهن سنڌ جي جوڌن
کي سنڌين جي تاريخي وطن جي سڃاڻپ طور پوري دنيا ۾ عزت ۽ عظمت عطا ڪئي هئي. هن وقت
پاڪستان جون ورسٽيون مالي بحرانن کي تمام خراب نموني منهن ڏئي رهيون آهن. جنهن جو
نزلو شاگردن سان گڏ عوام تي پڻ ڪري رهيو آهي. تعليمي ماهرن ۽ انتظامي ماهرن جي اڻ
هوند جي ڪري ورسٽيون صرف گريجوئيٽ پيدا ڪري رهيون آهن نه ڪي قابل معاشري جي مختلف
شعبن جا ماهر. اُهي صرف ڊگري هولڊر هن سماج لاءِ پڻ مٿي جو سور بڻجي رهيا آهن.
مادرِ علمي درسگاهن کي اندروني توڙي ٻاهرن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اندروني
مسئلن ۾ انتظامي معاملا، استادن ۽ شاگردن لاءِ معيارينظام جو نه هجڻ، مالي بحران ۽
غير موزون ماحول جهڙا مسئلا درپيش اچن ٿا. ٻاهرين مسئلن ۾ سياسي مداخلت، ترقياتي
ڪمن ۾ رڪاوٽ، حڪومت ۽ هائير ايجوڪيشن جي سهڪار جي شديد ڪمي نظر اچي ٿي. مادرِعلمي
درسگاهن ۾ انتظامي معاملن کي منهن ڏيڻ لاءِ استاد صاحبان کان خدمت ورتي ٿي وڃي
جيڪا تعليمي نظام جي بلڪل خلاف آهي.تدريسي عمل ۾ انتظامي لحاظ کان نااهل ۽ بيڪار
ماڻهن جي حوالي ڪيل ذميداريون تعليم جو ٻيڙو غرق ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر نٿا ڇڏين.
حڪومت وٽ علمي درسگاهن
جي چانسلر، پروچانسلر ۽ وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ جو خودمختيار حق آهي جيڪو اڄ ڏينهن
تائين صحيع نموني استعمال نه ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري سياسي ماڻهن کي وڏيرن،
جاگيردارن، نوابن ۽ رئيسن جي سفارش تي مقرر ڪيو وڃي ٿو جيڪي انهن نام نهاد وڏيرن،
جاگيردارن، نوابن ۽ رئيسن جي نوڪري ۾ پورا آهن. ورسٽين ۾ ڪرپشن جي ازالي لاءِ ڪو
به منظم نظام ناهي جنهن جي تحت غيرواجبي ۽ بدعنواني ڪندڙن جي خلاف ڀرپور ڪاروائي
ڪري سگهجي. ورسٽين جي ماحول تي ٿوري نظر وجهجي ته ورسٽيون ڪنهن به لحاظ کان ان
معيار تي پورو نه لهن ٿيون جنهن سان هن قوم کي بهترين انداز ۾ فائدو ملي سگهي.
مادر علمي درسگاه سنڌ
ورسٽي، شاه عبداللطيف ورسٽي، ڪراچي ورسٽي سميت پبلڪ ورسٽيون مڪمل خساري ۾ آهن جتي
ملازمن، استادن کي صحيع نموني معاوضو به نه ڏنو وڃي ٿو. مالي خساري کي پوري ڪرڻ
لاءِ سڀني ورسٽين فيسن ۾ بي انتها اضافو ڪري ڇڏيو آهي شاگردن ۽ استادن جو تقريبن
مراعتون ختم ڪري ڇڏيون آهن. ان مالي بحران کي پورو ڪرڻ لاءِ مختلف جاين جي ڀرتي
لاءِ اميدوار کان غير منصفاڻي رقم پڻ ورتي وڃي ٿي ۽ شاگردن جي داخلا وقت مصنوعي
پاليسي جوڙي ڪري شاگردن کان تمام گهڻي رقم وصول ڪئي وڃي ٿي. مادر علمي درسگاهن جا
تمام گهڻا روينيو جنيريٽرز آهن ان کان علاوه سنڌ ۾ سنڌ حڪومت تعاون پڻ ڪري رهي
آهي. ورسٽي جي منتظمِ اعلٰي جي انتخاب جو طريقيڪار به موثر نه آهي جنهن جي ڪري به
ورسٽيون مالي بدعنوانيءَ جو شڪار ٿين ٿيون.
ورسٽين ۾هڪ وڏو ۽ اهم
مسئلو استاد يونين جو به آهي جنهن ۾ استاد پاڻ کي انتظامي پوسٽن تي کڻي ٿا اچن ۽
پنهنجي سپورٽ لاءِ استاد يونين جو هڪ دڙو تشڪيل ٿا ڏين جيئن هڪ مشهور ورسٽي ۾ آهي.
ٻئي طرف اهي استاد تنظيمون شاگردن ۽ انهن جي والدين جا جائز مسئلا حل ڪرڻ ۾ وڏي رُڪاوٽ
آهن. استاد تنظيمون جڏهن به چاهين ورسٽي کي هاءِ جيڪ ڪري سگهن ٿيون جنهن جي ڪري
سنڌ جي شعور وڏو ڌچڪو لڳي رهيو آهي. سالن کان هڪ ورسٽيءَ ۾ فارميسي جي رجسٽريشن به
نه ٿي آهي جڏهن ته ان ئي مادرِ علمي درسگاه ۾ ڪروڙن جي ماليت جو مين گيٽ لڳايو ويو
آهي. ورسٽيون قومن جا اهم اثاثا هوندا آهن جنهن ذريعي قومون پنهنجا معيار تبديل
ڪنديون آهن. انتظامي معاملن ۾ انتظامي ماهرن جو انتخاب ڪرڻ ۽ ان جي نگراني ڪرڻ
حڪومت جو پهريون فرض آهي. تعليم جي وزير کي ورسٽين جي گهمبير حالتن جو خود جائزو
وٺي ڪري مالي بحرانن، استادن ۽ شاگردن جي مسئلن کي فوري طورحل ڪرڻ لاءِ جامع
پاليسي جوڙائي جيئن مستقبل جي معمارن کي ڪارائتو بڻائي اسان پنهنجي وڃايل قومي
حيثيت بحال ڪري سگهون. ورسٽين جي لاءِ مانيٽرنگ سسٽم جديد تقاضن جي مطابق هجڻ
گهرجي ۽ ورسٽين ۾ انتظامي پوسٽن تي ويٺل استادن کي هٽائي ڪري نوان قابل منتظمن جو
انتخاب ڪيو وڃي. اعلٰي معيار جي تعليم لاءِ موثر اُپاءَ وٺڻ جي سخت ضرورت آهي. اگر
قوم جانوجوان معياري ۽ اعلٰي تعليم مان استفادو حاصل ڪندا ته اهو قومي فائدو
ٿيندو. ورسٽين جي مالي بدعنوانين جي غيرجانبدار ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. حڪومت کي
گهرجي ته ورسٽي ۾ موجود انتطامي پوسٽن تي غير قانوني طور قابض استاد ۽ استاد
تنظيمن جي ماڻهن جن پنهنجي دوستيءَ ۽ پنهنجو نوازيو پاليسي اختيار ڪري ورسٽين کي
نه ادا ٿيندڙ نقصان ڏنو آهي ۽ انهن ذميدارن جن نوڪرين ۾ پنهنجي چارج جو غير
قانوني، غير اخلاقي استعمال ڪيو آهي اهڙن ذميدار جي پنهنجو نوازيو پاليسي جو سخت
نوٽيس ورتو وڃي ۽ ملوث جوابدارن جي خلاف قانون مطابق ڀرپور
ڪاروائي ڪئي وڃي.

0 Comments