Recent-Post

هڪ پيء جو اڌورو رهجي ويل خواب


هڪ پيء جو اڌورو رهجي ويل خواب
 تحرير: بھادر علي ابڙو
 مان محنت ڪري هڪ سٺي ٽيچر ٿيندس ۽ پنهنجي علائقي جي غريب ٻارن جي زندگين کي علم جي نور سان روشن ڪندس، ڪائنات سڌايو پنهنجي هڪ استاد جي پڇيل سوال جو جواب ڏيندي چيو هيو ان وقت هوء اقراء گرامر اسڪول ڊکڻ ۾ ستين ڪلاس ۾ پڙهندي هئي ان ننڍڙي عمر ۾ به ان جا حوصلا پهاڙن کان وڌيڪ بلند ۽ ارادا سمنڊ جي ڇولين کان وڌيڪ مضبوط هئا، هوء جنهن ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪندي هئي ان کي آخري توڙ تائين پهچائي پوء ساھ کڻندي ھئي، علم سان پيار ته ڄڻ هوء پنهنجي ماء جي پيٽ مان ئي کڻي آئي هئي ان ڪري سڄو ڏينهن ويٺي ڪتابن سان مٿو هڻندي هئي ۽ جيڪڏهن ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه ايندي هيس ته جيستائين ان ڳالھ کي پوري طرح سمجھي نه وٺندي هئي تيستائين آرام سان نه ويهندي هئي، هن جي ڪلاس جون سڀ سهيليون هن کي ڪتابي ڪيڙو چئي ڪري اڪثر چيڙائينديون هيون پر هوء انهن کي اهو جواب ڏئي ڪري چپ ڪرائيندي هئي ته اگر اڄ توهان ڪتابن کي پڙهندؤ ته سڀاڻي پوري دنيا توهان کي پڙهندي، پر هن جون سهيليون هن جي ڳالھين جي گھرائيء کي سمجھي ڪونه سگھنديون هيون تنهن ڪري اهي ان جي ڳالهين کي ٻڌي ڪري اڻ ٻڌو ڪري ڇڏينديون هيون، پر هوء پنهنجي مستيء ۾ مست هوندي هئي ۽ ڏينهن رات پئي ڪتابن سان مٿو هڻندي هئي ڪائنات هڪ ڏينهن ۾ الائي ڪيترا ڪتاب کائي ويندي هئي پر پوء به هن جي علم جي پياس ختم ڪونه ٿيندي هئي٠ ڪائنات سڌايو اصل ۾ ڊکڻ شھر کان 12 ڪلوميٽر پري سڌايو نالي ڳوٺ جي هڪ غريب خاندان ۾ جنم ورتو هو، هن جي خاندان ۾ ڪل پنج گھرڀاتي هئا جنهن ۾ ٻه هن جا ماء پيء هڪ هن جي وڏي ڀيڻ ۽ هڪ ننڍو ڀاء هيو، هن جو پيء هڪ رازو(يعني) جڳهون ٺاهڻ وارو مستري هيو جيڪو پنهنجي اولاد جي پيٽ پالڻ ۽ ان کي سٺي تعليم ڏيڻ لاء ڏينهن رات محنت ڪندو هيو٠ ان جو هڪ خواب هيو ته هو پنهنجي نياڻي ڪائنات کي سٺي تعليم ڏيئي هڪ سٺي ٽيچر بڻائي انهيء خواب کي پورو ڪرڻ خاطر هن پنهنجي نياڻي کي ڊکڻ شهر جي هڪ بهترين پرائيويٽ اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني هئي جتي هوء ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجي پيء جي خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي، پر افسوس انکان پهريان جو هوء پنهنجي پيء جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏئي ان جو سر فخر سان مٿاهون ڪري ها پر انهي وقت اسان جي سماج لاء هڪ زهريلو نانگ بڻيل قبائلي جھيڙو جيڪو ان وقت ڏاهاڻي برادري ۽ سڌايا برادريء ۾ ھلي رهيو هيو انهيء جھيڙي ۾ ڪائنات جي پوري ڪائنات ئي لٽجي وئي ھڪ شام جو هن جو پيء پنهنجي ڪم کان واندو ٿي چنگچيء تي پنهنجي ڳوٺ موٽي رهيو هيو ته رستي ۾ ڏاھاڻي برادري جي ڪجھ شرپسند ماڻھن هن جي پيء کي چنگچيء تان لاهي بيدرديء سان قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح هڪ مهربان پيء پنهنجي نياڻي لاء ڏٺل خواب جون هسرتون دل ۾ کڻي هميشه هميشه لاء الوداع ڪري ويو

Post a Comment

0 Comments