ڪجھ ڏينهن پهريان اسان جي ملڪ پاڪستان پنهنجي دشمن
ملڪ هندستان جي گرفتار ڪيل جنگي پائليٽ اڀي نند کي آزاد ڪري
پنهنجي ملڪ موڪلي پوري
دنيا جي اڳيان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته اسان پاڪستاني قوم هڪ امن پسند ۽ بردبار
قوم آهيون جيڪا انسان دوستيء واري نظريي تي يقين رکندي جنگ، جدال، قتل و غارت کي
انساني معاشري لاء عيب ۽ انسانيت جي توهين سمجھندي ان جي خاتمي جو ڪارڻ سمجھندي
آهي٠ پر اسان جي پاڙيسري ملڪ جي گٽيا ۽ ذهني مفلوج سياسي قيادت پنهنجي
personal interest کي ڪيش ڪرڻ خاطر پنهنجي فوج ۽ عوام کي
پاڪستان دشمنيء جو sentiment ڏيئي اسان جي مٿان حملو ڪرائي اسان جي پاڪ سرزمين جي تقدس کي
پامال ڪرايو ان جي باوجود اسان جي ملڪ جي حڪومت ۽ سياسي قيادت ان حملو ڪندڙ
هندستاني سپاهيء کي معاف ڪري پنهنجي ملڪ واپس موڪلي ڇڏيو جنهن مان اهو ثابت ٿيو ته
پاڪستاني قوم هڪ امن پسند ۽ انسان دوست قوم آھي٠ پر افسوس ان ڳالھ جو آھي ته جيڪا
حڪومت پنهنجي ملڪ جو تقدس پامال ڪندڙ دشمن کي معاف ڪري ان کي پنهنجي ملڪ صحيح
سلامت موڪلي سگھي ٿي ته پوء اها حڪومت پنهنجي ئي ملڪ ۾ رهندڙ ۽ ملڪ سان وفادار
شيعا قوم کي تحفظ فراهم ڇو نه ٿي ڪري سگھي؟ ڇا پاڪستان ۾ شيعا بڻجي رهڻ هڪ دشمن
کان به وڌيڪ خطرناڪ آھي؟ ڇا پاڪستان ۾ رھندڙ شيعا قوم جي معصوم ٻارن، ان جي
نوجوانن ۽ ان جي بزرگن کي بيدرديء سان قتل ڪرڻ پوري انسانيت جو قتل ڪرڻ ۽ پوري
پاڪستاني قوم سان دشمني ڪرڻ جي برابر ناهي؟ ڇا پنهنجي ئي ملڪ پاڪستان ۾ شيعا قوم
کي امن امان ۽ سڪون سان رهڻ جو ڪو حق ناهي؟ جڏهن ته تاريخ گواھ آھي پاڪستاني شيعا
قوم پنهنجي ملڪ جي اها بهادر ۽ دلير قوم آهي جيڪا پنهنجي وطن جي حفاظت ۽ ان سان
وفاداريء کي پنهنجي ايمان جو حصو سمجھندي آهي ۽ ان جي عزت ۽ وقار جي سر بلنديء لاء
ھر قسم جي قرباني ڏيڻ لاء تيار رهندي آهي پر افسوس جو پاڪستان جا ڪجھ شرپسند ۽
دشمن عناصر پاڪستاني سرزمين کي شيعا قوم جي لاء مقتل گاھ بڻائي ان کي اندران ئي
اندران کوکلو ڪري رهيا آهن، اڄ هڪ طرف آل سعود جا ڪرائي تي خريد ڪيل قاتل پنهنجن
آقائن کي خوش ڪرڻ خاطر پاڪستان جي سرزمين تي شيعا قوم جي نسل ڪشي ڪري رهيا آهن ۽
ان جو خون ناحق وهائي رهيا آھن، ۽ ٻي طرف پاڪستاني حڪومت به انهن قاتلن جي آقائن
جي اڳيان بيوس بڻجي انهن کي پڪڙي سزا ڏيڻ بدران انهن جي پشت پناهي ڪندي ملڪ ۾ شيعا
نسل ڪشي جي بازار کي گرم ڪري رهي آهي جيڪا اڳتي هلي پاڪستان جي سالميت ۽ ان جي امن
امان واري صورتحال لاء ڪافي خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿي، اڃا به وقت نه گذريو آھي
پاڪستاني حڪومت شيعا قوم جو اعتماد حاصل خاطر انهن جي نسل ڪشي ڪندڙ آل سعود طرفان
خريد ڪيل ڪرائي جي قاتل ٽولن ۽ انهن جي سرگناھ اڳواڻن کي پڪڙي سر عام ڦاسي تي
چاڙهيو وڃي ته جيئن شيعا قوم پنهنجي ملڪ ۾ سڪون جو ساھ کڻي سگھي٠

0 Comments