Recent-Post

8شوال يوم انهدامِ جنت البقيع



8 شوال يوم انهدامِ جنت البقيع
ليکڪ؛ اجمل مير مهدي، حيدرآباد
ظالم ۽ جابر حڪمران تاريخ جي ڪارن ورقن ۾ هميشه بدنُما داغ مثل پنهنجي سڃاڻپ ڇڏي ويندا آهن جيڪا سندن ٻين انسانن لاءِ تمام گهڻي نفرت سان گڏ ڪنهن عبرت کان گهٽ نه هوندي آهي.ظالم، جابر ۽ فرعون صفت انسان ڪنهن به نسل، رنگ، ذات سان تعلق رکي سگهن ٿا ۽ مظلوم هجڻ لاءِ ڪنهن رنگ، نسل، ذات ۽ مذهب جو هجڻ ضروري ناهي، ڇو ته مظلوم کي همدردي ملڻ هڪ فطرتي عمل آهي.ڪافي ڪردار پنهنجي لازوال مظلوميت جي ڪري هميشه لاءِ امر ٿي ويا ۽ ڪجهه ڪردار پنهنجي ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جي ڪري سدائين لاءِ لعنت جا مستحڪم ٿي ويا. ڪجهه اهڙن ظالمن جو تعلق  مصر، فارس ۽ عربستان سان به آهي ۽ عربن جي جهالت ته پوري دنيا ۾ مشهور هوندي هئي سندس نياڻيون زنده دفن ڪري ڇڏيندا هئا، ننڍي ننڍي ڳالهه تي ايتريون وڏيون جنگيون ڪندا هئا جو نسل ئي ختم ٿي ويندا هُئا پر جنگ جي پُڄاڻي نه ٿيندي هئي. انا ۽ ضد جو زنده جاڳندو مثال ابُو جهل هو سندس رسالت گهر ۾ هوندي به حق ۽ سچ کي پرکي به نه سگهيو ۽ هميشه لاءِ ڦٽڪار جو حقدار ٿي ويو۽ ائين جهالت جا تمام گهڻا مثال موجود آهن. ظلم ۽ ناانصافي ۾ وقت جا حڪمران سڀ حدون اورانگهي ويندا آهن پر ڪڏهن  ڪڏهن ڪجهه شين کي ڪا به تڪليف نه ڏيندا آهن. مثال طور يورپ جون ڪافي جنگيون اهڙيون به هيون جنهن ۾ تعليم ادارن کي ڪنهن به قسم جو نقصان نه پهچايو ويو هو. نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جنگين ۾حيوانن، عورتن، ٻارن سميت بزرگن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف ڏيڻ کان سختيءَ سان منع ڪندا هئا. پر تاريخ ۾ ڪڏهن به اسلام اهو حڪم ناهي ڏنو آهي ته ڪنهن به مُلڪ جا تاريخي ماڳ ڊاهي پَٽُ ڪيو، مصر جا احرام ڪيرائي ڇڏيو، آفريڪا جا عجائب مسمار ڪري ڇڏيو، عرب جو وڏيون عمارتون ڪيرائي نالو نشان ئي ختم ڪري ڇڏيو، بلڪه سدائين اهو تاڪيد ڪيو آهي ته تاريخي ماڳ انسان جي نصيحت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي تاريخي حيثيت ۾ برقرار رکيا وڃن، پر عرب حڪمرانن اسلام جي تاريخ کي ڪاري ضرب لڳائي ڪري اهلبيت عليه سلام جي پاڪ ۽ مقدس ترين قبرن ۽ مقبرن کيبلڊوزر گهمائيندي مسمار ڪري ڇڏيو ائين عرب جي ظالم بادشاهن اسلام جي فرزندن جي آخري آرام گاه کي پنهنجي ظلم ۽ جبر جو نشانو بڻايو، جنهن کي مسلمان ناقابلِ فراموش گناه سمجهن ٿا. ان تاريخي قبرستان جنهن ۾ اهلبيت عليه سلام جون مقدس قبرن سان گڏ اصحابِ رسولِ ڪريم صه جو پڻ قبرون موجود آهن. جنت البقيع جي ان تاريخي قبرستان ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي نياڻي حضرت بيبي فاطمته زهره سلام الله عليها، حضرت امير المومنين امام علي عليه جو فرزند ۽ جنت جي جوانن جي سردار حضرت امام حسن عه، امام زين العابدين عه، امام محمد باقر عه، امام جعفر صادق عه جا مقبرا پڻ جي موجود هئا، جنهن کي 1925 ۾ آل سعود جي حڪم تي مسمار ڪيو ويو. سندس موقف هيو ته قبرون ۽ مقبرا بدعت آهن. ان جي ڪري انهن  قبرن کي مسمار ڪيو وڃي جيڪو سڄي دنيا جي مسلمانن لاءِ تمام گهڻي اذيت جو سبب بڻيو. ان تاريخي ورثي جي حفاظت ڪرڻ هر انسان ۽ مسلمان جو ايماني فرض آهي ڇو ته اهي تاريخي ماڳ مسلمانن جي ايمان کي تازي ڪرڻ سان گڏ جوش پيدا ڪرڻ جو پڻ ذريعو آهن. رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جي نياڻي حضرت بيبي فاطمته الزهره سلام الله عليها سميت اهلبيت عليه سلام جي آخري آرمگاهن ۽ مقدس ترين مقام کي غاصب حڪمران مسمار ڪندا ۽ پيغمبرِاسلام جي ڪروڙين مڃيندڙن کي رنج پهچائيندا اهو دنيا جي ٻين مسلمانن نه سوچيو هوندو ته عربستان جي تاريخي جهالت کي ورجهائي ويندو. اسلام هر قسم جي دهشتگرديءَ جي خلاف آهي. تشدد، ظلم ۽ جبر جو اسلام سان پري پري تائين ڪو واسطو ئي ناهي پر ان دور جي حڪمرانن هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي تاريخي جهالت کي ورجهائيندي اهلبيت عه جي قبرن کي بلڊوز ڪري پنهنجي جاهلت جو هڪ دفعو ٻيهر ثبوت ڏنوجيڪو انتهائي مذمت جوڳو عمل هيو ۽ ان جي مذمت جاري رهندي.

جنت البقيع انهدام کان پهريان جي تصوير


انهدام کان بعد جي تصوير



Post a Comment

0 Comments