Recent-Post

مهراڻ جي موجن ۾ رولاڪ لاش ۽ درد ڪٿائون...؟؟


مهراڻ جي موجن ۾ رولاڪ لاش ۽ درد ڪٿائون...؟؟
ليکڪ؛ اجمل مير مهدي، حيدرآباد
هڪ باغ جو مالهي جيڪڏهن بهتر نموني پنهنجي باغيچي جي سار سنڀال هر روز جي بنياد تي لهندو رهي ۽ ڪُوماٽيل ۽ ڪمزور ٻوٽي کي به توجهه طلب ڌيان ڏيندو رهي ته ان جي گلستان ۾ ڪو جاندار قدرتي موت کان سوا ء پنهنجي جياپي کان نه ويندونه ئي سڙي ختم ٿي ويندو .اهڙي ئي طريقي سان هڪ ما ء پنهنجي معصوم ٻار جي گهربل خدمت چاڪري نه ڪندي ته سندس معصوم ٻار جنهن اذيت مان گذرندو ان جي تڪليف صرف ان ٻار کي ئي خبر هوندي ته هڪ معصوم کي علمناڪ اذيت مان ڪئين گذرڻو پيو .ساڳي نموني رياست جو به ڪردار هڪ ما ء وانگر هوندو آهي جيڪا هر وقت پنهنجي ٻچن جو ضرورت آهر خيال رکندي آهي .ٿورو مشاهدو ڪجهه هن ريت آهي آمريڪا ۾ هر سال هزارين ماڻهو دهشتگردي، گلين جي ويڙهه، سينيمائن ۾ جڳڙي سبب ماريا وڃن ٿا، پنهنجي تي جون رياستون پنهنجي قانون کي چئيلنج ٿيڻ نه آهن ڏينديون ۽ رياستي قوت پاڙيسري ُملڪن ۾جنسي دهشتگردي ء ٿيندي رهي ٿي پر اُ کي برقرار رکڻ ال ء هر قسم جو عملي قدم کڻنديون آهن .پاڪستان ۾ جنسي دهشتگردي ء جي تازي لهر جنهن ُرخ ۾ هلي پئي سا پيپلز پارٽي حڪومت جي مصلحتي پالسيز جي بدولت صوبي جي عوام ۾ مايوسي ڦهالئي رهي آهي .صوبي جو عوام جنسي بگهڙن سميت ڏوهارين، قاتلن جو قانون جي گرفت ۾ نه اچڻ تي سنڌ حڪومت جي جهموريت واري روئي جي مڪمل طور تي انڪار ڪندي کيس نااهل قرار ڏئي ٿو .ڇو ته رياست جو اولين فرض پنهنجي عوام جي جان و مال، عزت و آبرو جي حفاظت ڪرڻ آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت خراب نموني ناڪام وڃي رهي آهي .ان ناڪامي جي ڪري سنڌ ۾ وڏيرا شاهي راڄ مستحڪم پيو ٿئي جنهن سان سنڌ ۾ وائيٽ ڪالر فيوڊلز ۽ وائيٽ ڪالر سرمائيداري نظام مضبوط پيو ٿئي جيڪو پڻ سنڌ اندر سماجي مسئلن ۽ سماجي بُراين کي جنم ڏئي رهيو آهي .جنهن ۾ ڪاروڪاري، جنسي دهشتگردي، بيروزگاري، غربت، بدحالي، افالس، بُک ۽ اُڃ وغيره شامل آهن .سنڌ اندر هي ُٽ ڪندي سو ايندڙ وقت تي دارومدار رکي ٿو .ان بي قابو باهه جي مچيل مقتل ۽ خون جي لڳل هي ء خطرناڪ باهه ڪيترا اجها ڊاهي پ ڪري سنڌ جا بيگناهه ماروئڙا ڪڏهن ڪهڙي وسندي مان الش ٿا کڻڻ ته ڪڏهن ڪهڙي واهڻ مان پنهنجي پيارن جي الش ڏسي خون جا ڳوڙها روئي رهيا آهن .ڪٿي ڪولهين کي پوليس ماري ماري رت ڪڍي پئي ته ڪٿي پوليس وائيٽ ڪالر وڏيرن جي ونگارو بڻيل سنڌو ء جي جنهن ڪناري نظر ڊوڙائي ڏسجي ٿي ته سوا ء مهراڻ جي مجبور ماروئڙن جي رت ڀ رين ڳوڙهن کان سوا ء نظر اچي ٿي . ڪجهه نظر نٿو اچي ۽ انهن مجبور نظرن کي پنهنجي بيوسي سان گڏ صرف مقتل گاه ۾ الش ئي الش نظر اچن پيا .سنڌ جو الچار ۽ بيوس بڻيل عوام آخر ڪٿي وڃي انصاف جي ال ء رڙيون ڪري ، ڪنهن جي ته اڳيان پنهنجي دانهون ڪري؟ ڇا انصاف جي مسند واري ڪُرسي تي ويٺل انصاف جي علمبردارن جي ڪا ذميداري ناهي؟ سنڌ صوبي جو چيف ايگزيڪٽو آخر ڇا پيو ڪري؟ سنڌ حڪومت جي سرواڻ وٽ انصاف فراهم ڪرڻ ال ء ايتري گهمڀير خاموشي ء جي ڪهڙي مصلحت آهي؟ آخر جهموريت ڪڏهن پنهنجي اصلي رنگ ۾ نظر ايندي جنهن سان عوام کي جاني توڙي مالي فائدي ٿيڻ سان گڏ جان و مال جي حفاظت يقيني بڻايو ويندو؟ قتل جو هي سلسلو جنهن ۾ نشٰوي، رمشا، تانيه، شيرين، ثمينه، آرتي، ارشاد، سبطين شامل آهن ۽ فهرست تمام گهڻي ڊگهي آهي .جن کي موت جي گهاٽ ۾ الٿو ويو آهي .انهن مائرن جي ڪهڙي حالت هوندي جڏهن انهن جي معصوم نياڻين يا بيگناه ٻارڙن کي مرده الش جي صورت ۾ جنسي ڏاڍائي کان پو ء سندس سامهون آندو ويندو هوندو، انهن مائرن جو ته جگر ئي ڦاٽي پوندو هوندو ۽ ائين سنڌ جي جوڌن جون مائرون پنهنجي بيوسي ۽ قانون نه هجڻ واري ڪشمڪش تي زار و قطار روئن پيون .سنڌ جي مقدس ترين سرزمين تي نياڻين جون عزتون پامال ڪري کين هميشه جي ال ء مٽي ء ما ُء حوالي ڪرڻ وارو سلسلو اڃا ڪٿي بيهڻ جو نالو ئي نه وٺي ٿو، نوجوانن جا الش روڊن تي بي يارو مددگار تڙپن پيا، اسپتالن ۾ ماڻهن ۽ عورتن کي بي دردي ء سان ماريو وڃي پيو، شعور جي شمع ٻاريندڙ مستقبل جا معمار وائيٽ ڪالر وڏيرن جي آزار ۾ پنهنجي زندگي غالمن جيان گذاري رهيا آهن .سنڌ جي ترقي اڄ تاريخ جي گمنام راهن تي ،ڀٽڪندڙ عاشق جيان پنهنجي منزل جي ڳوال ۾ آهي .اسڪول بند پيا آهن، نياڻيون محفوظ ناهن، نوجوان بيروزگاري جو شڪار آهن دهشتگردي ء جو ڀرپور مظاهرو ڪندي بسن مان ماڻهن کي انجنيئرن سميت بيروزگار خودڪُشي ڪري رهيا آهن، ڪٿي انساني قاتل الهي ڪري گولين جو کاڄ بڻائي رهيا آهن ته ڪٿي جنسي بگهڙ عورتن ۽ معصوم نياڻين جون عزتون ۽ عظمتون پامال ڪري رهيا ،آهن، ڄڻ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته سنڌ ۾ قانون نالي ڪاشي ء ئي ناهي نه ئي وري ڪي پهريدار آهن، جيڪي ماڻهن جي عزت جان ۽ مال جي حفاظت ڪن .روڊن رستن سميت زندگي ء جي بُنيادي حالتن کان وانجهايل مهراڻ جا مجبور ماروئڙا اڄ به مسيحا جا منتظر آهن .سنڌ اندر رڻ پٽ ريگستان سميت هر شهر مقتل گاه بڻيو پيو آهي ڪٿي نه ڪٿي معصوم شهرين کي رت سا وهنجاريو وڃي پيو .پو ء هر عام و خاص جي ذهن ۾ ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا ته سنڌ جا ماروئڙا آخر ڪيسيتائين پٽڪو ۽ ماتم ڪندا رهندا؟ سندس چونڊيل عوامي نمائندا ڪڏهن پنهنجي فرض جو مظاهرو ڪندا؟ ڇا سنڌ ۾ هر ضلعي جو ايس ايس پي الچار، بي وس ۽ مجبور آهي؟ ڪهڙي الچاري، بيوسي ۽ مجبوري کيس مجبور بڻايو اٿس؟ سنڌ اسمبيلي ء ۾ ويٺل سنڌ جا ايم پي ايز آخر ڪهڙي مصلحت تحت خاموشي جو ڀرپور مظاهرو ڪندي بي حس ٿي ڪري سنڌ ۾ لڳل هن دوزخ جي باه کي نظر اندازڪري رهيا آهن؟ يارنهن سالن کان سنڌ ۾ جيالن جي حڪومت هلي رهي آهي هزارن جي تعداد ۾ نياڻيون بي گناه مري رهيون آهن، معصوم ٻارڙا موت جي ور چڙهي رهيا آهن، عورتن جو عزتون محفوظ ناهن، غريب غربت جي ڪري بُک ۽ بدحالي جي ڪري مري رهيا آهن، سنڌ ۾ . ڪارڪردگي ء تي سواليه نشان آهن پاڻي جي کوٽ برقرار آهي ٿر بُکيو ۽ اڃايو لڳو پيو آهي .اهي سڀ شيون جهموري حڪومت جي غربت، بيروزگاري، بدحالي، ڏڪار۽ پاڻي جي کوٽ سميت جنسي حراسان ڪرڻ جا معامال ڪير حل ڪندو؟ صوبي اندر نياڻن کي تحفظ ڪير ڏيندو؟ سنڌ ۾ مهراڻ جي مجبور ماروئڙن جي احسا س محرومي وڌي رهي آهي ۽ حڪومت جي عدم دلچسپي جي ڪري سنڌ جا شهر کنڊر بڻجڻ واري حالت ۾ اچي رهيا آهن انهن سڀن مسئلن جي حل ڪرڻ ال ء ذميوار ڪير آهي؟ انهن مسئلن کي ايمرجنسي دهشتگردي ء کي ڪونہ ڪونہ ٻنڌ ڏيڻو پوندو، نہ تہ ائين بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ جنسي بگهڙن سميت جنسي اهي جنسي بگهڙ ۽ جنسي دهشتگرد اسان جا معصوم ٻاررڙا ۽ نياڻيون کائي رک ڪري ڇڏيندا ۽ پو ء اسان وٽ افسوس کان عالوه ڪو بہ چارو نہ بچندو .سنڌ حڪومت ۾ ويٺل سنڌ جي خيرخواهن ۽ همدردن کي سنڌ ۾ ٿيندڙ هر ظلم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ملوث جوابدارن خالف قانون مطابق ڀرپور ڪاروائي ڪرڻ ال ء موثر قدم کنيا وڃن ته جئين مجبور سنڌ جي ماروئڙن کي جلد کان پهريان .انصاف فراهم ڪيو وڃي جيڪو هن رياست جو پهريون ۽ ترجيحي فرض آهي واقعو ڪهڙي به نوعيت جو هجي صاف شفاف ۽ ميرٽ تي تحقيقات ٿيڻ گهرجي .ان تحقيقات جي روشني ۾ الڳاپيل قانون مطابق ء وٺي ڪري عمل کي مڪمل طور تي پا ڪاروائي ڪئي وڃي .رياست جو فرض آهي ته نتيجن کي سامهون رکي ڪري اهڙا ديرپا اُ يقيني بڻائي ته جئين سنگين نوعيت جي واقعن کي روڪڻ ۾ پائيدار هٿي ملي سگهي .ان سان گڏوگڏ قانوني ادارن کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ ال ء هر قسم جا قدم کنيا وڃن ته جئين نياڻن ۽ معصوم ٻارڙن سميت رياست جي عوام ۾ رونما ٿيندڙ قتل و غارت جي واقعن کي فل اسٽاپ لڳي سگهي .ساڳي نموني انهن جنسي دهشتگردن جي ڪري نياڻيون جيڪي پنهنجو انت پاڻ آڻينديون آهن روڪي سگهجي يا وري تانيه خاصخيلي وانگر جنهن کي گولين جو کاڄ بڻائي هميشه ال ء مٽي ما ُء حوالي ڪيو ويندو هجي ته انهن کي عبرت بيدردي ء سان قتل ڪيو ويندو ڏاڍائي ء کان پو ء ناڪ سزا جو مزو چکرائجي يا ڪڏهن وري سنڌ جي رمشا، نشٰوي يا شيرين کي جنسي .هجي ته کين قانوني حرڪت سان انهن جي حرڪت روڪي سگهجي اهو سڀ قانون جي مڪمل حڪمراني جي بدولت ممڪن آهي .جيڪي سنڌ صوبي ۾ اڻ لڀ ٿي وئي آهي ا.ئين ناهي ته سنڌ ۾ قانون جي حڪمران هڪ ناممڪن عمل آهي پر حڪمرانن جي پنهنجي نام نهاد مقصدن جي ڪري اال ء ڪيترا .بيگناه مقتل جو ٻارڻ ٿي رهيا آهن حڪمراني ء سميت امن جي ديرپا قيام ال ء اعل قيادت کي سنڌ اندر مچيل مقتل جونوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ انصاف۽ قانون جي ٰ سنڌ جي ي .عملي ڪوششون وٺڻ گهرجن ته جيئن مهراڻ جا ماروئڙا انصاف حاصل ڪري پنهنجي زندگي سٺي نموني گذاري سگهن

Post a Comment

0 Comments