انڌير نگري چرٻٽ راجا
اجمل
مير مهديسنڌ ۾ پوليس گردي هميشہ جيان پنهنجي ظلم ۽ بربريت سان برقرار رهندي اچي ٿي، ڪڏهن اها پوليس اقليتن کي ڊوڙائي ڊوڙائي ماري ٿي، ڪڏهن ڪراچي ۾ استادن کي رت ۾ وهنجاري ٿي، ڪڏهن آباگارن کي نشانو ٿا بڻائين تہ ڪڏهن مزدورن کي تہ ڪڏهن شاگرد ؛ ڪجهہ ائين ئي قاسم آباد پوليس طرفان سنڌ ورسٽي جي شعبي آءِ ٽِي جي شاگرد محسن علي کي بلاجواز گرفتار ڪري گذريل چار ڏينهن کان پوليس ڪسٽڊي ۾ رکيو ويو آهي. ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، هي اها ساڳي پوليس آهي جيڪا ڪڏهن فوت ٿيل ماڻهن تي ايف آءِ آر درج ڪري ڪاروائيون ڪندي آهي قاسم آباد ۾ پوليس جا ڪارا ڪارتوت ڪنهن کان لڪيل ڍڪيل ناهن، پوليس جي ورسٽي جي شاگرد جي بلاجواز گرفتاري سخت مذمت جوڳو عمل آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. اعلٰي اختيارن بشمول آءِ جي ڪليم الله صاحب کي قاسم آباد پوليس جي هن غير قانوني عمل جو نوٽيس وٺي ڪري بيگناه سنڌ ورسٽي جي طالب علم کي جلدي آزاد ڪيو وڃي.
حڪومتون ڪُفر سان هلي سگهن ٿيون پر ظُلم سان نہ هلنديون آهن
پاڪستان جي قانون مطابق پوليس ريمانڊ تي ورتل جوابدار تي ڪنهن بہ قسم جو تشدد ڪرڻ جو حق پوليس کي ناهي مليل، ريمانڊ تي ورتل جوابدر ريمانڊ ختم ٿيڻ کان پوءِ ميڊيڪل ڪرائي اگر تشدد ثابت ٿيو تہ ڄاڻايل پوليس جا اهلڪارن ۽ ذميدڌوارن کي ڏنڊ سان گڏ جيل وڃڻو پوندو.
ان جي ڪري اوهان دوستن کي گذارش آهي تہ پوليس اوهان جو ڪوبہ ماڻهو کڻي، گرفتار ڪري، کنڀي يا وٺي وڃي تہ ڪورٽ جي مدد سان پهريان ميڊيڪل ڪرائي پوءِ ماڻهو پوليس جي ريمانڊ تي ڏيو، ريمانڊ ختم ٿيڻ مهل وري پنهنجي ماڻهوءَ جو ميڊيڪل ڪرايو ۽ پوليس جي ڪارين رڍن خلاف ڪاروائي جي هن نئي قسم جي ٽرينڊ کي شروع ڪيو تہ بيوس ۽ لاچار بڻيل عوام کي آگاهي فراهم ڪري سگهجي ۽ سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ پوليس گردي کي نندي سگهجي ٿو


0 Comments