بدحال معاشي حالتون، تبديلي سرڪار ۽ عوام جا اهنج .....!!
ليکڪ: اجمل مير مهدي، حيدرآباد
ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن مُلڪ جي معاشي حالت
سرڪاري اسپتال جي آءِ سِي يُو ۾ پيل زندگي جي بازي واريءَ جنگ سان وڙهندڙ بلڊ
ڪينسر جي مريض جهڙي آهي. جنهن جو علاج هن جديد دور ۾ ماهر ڊاڪٽرن جي هوندي موجود
ته آهي پر علاج ڪرڻ لاءِ ضروري سهولتون موجود نه هجڻ جي ڪري اها بازي هر روز شڪست
جو منهن ڏسي ٿي. ساڳي نموني پاڪستان جي معاشي حالت تمام تباهي واري مرحلي ۾ آهي
جيڪا ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي ان جي بدحال ترين مُلڪ جي معيشيت کي سڌارڻ لاءِ
اڃا تائين ڪي مطمئن ڪرڻ جوڳا اُپاءَ نه ورتا ويا آهن. اڳوڻوناڻي جو وفاقي وزير اسد
عمر به ڪجهه نه ڪري سگهيو، هاڻي وري زرداري صاحب جي حڪومت وارو وزير ٿي آيو آهي
جنهن به هن وقت تائين عوام جي لاءِ ڪو ٻوٽُو نه ٻاريو آهي جنهن سان عوام کي ڪو
رليف ملي، اهڙي طرح سان تبديلي سرڪار جي ٽيم ۾ مشرف، زرداري ۽ نواز حڪومتن جا اُهي
ماڻهو ويٺل آهن جن کي سو في سيڪڙو ايماندار ۽ ديانتدار هجڻ سان گڏ صادق ۽ امين نٿو
قرار ڏئي سگهجي. حڪومتي واڳون سنڀاليندي تبديلي سرڪار جي سرواڻ جا بيان ائين تبديل
پيا ٿيندا رهن جئين اڄ ٽي ٽي ٽوئنٽي ۾ اسڪور تبديل ٿيندو آهي. ان تبديلي سرڪار جي
تبديل ٿيندڙ بيانن ۽ ڳالهين کي سندس پارٽي ورڪر، مُشير، وزير، صلاحڪار، مداح ۽
پارٽي ميمبرز ائين دفاع پيا ڪن جئين عمران خان جا لفظ حرفِ آخر هجن. انهن سڀني شين
کي ڏسي ڪري تحريڪِ انصاف جي سرواڻ کي پنهنجي بيانن کي يوٽرن جو نالو ڏئي ڪري کين
درست قرار ڏنو ويو. مُلڪ جو سربراه ڪنهن ڪانفرنس ۾ وڃي ٿو ته اتي سفارتي آداب ئي
وسريو وڃن ٿا ۽ يوٽرن وانگر سوشل ميڊيا تي
حمايتي هڪ ڳالهه کي ٽي ڳالهه ڪري پيش ڪن ٿا. وزيراعظم پاڪستان محترم عمران خان
صاحب کي بيان سوچي سمجهي ڪري مضبوط حڪمتِ عملي سان ڏيڻ گهرجن ۽ انهن کي هر پهلو
سان ڏسي ڪري نتيجن کي به سامهون رکڻ گهرجي. ڳالهه ڪپتان تائين محدود ناهي، حڪومتي
ٽيم جو به ڪجهه حال اهڙو ئي آهي جهڙو پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جو آهيحڪومتي ٽيمغير
جهموري رويي ججو ڀرپُور مظاهرو ڪري رهي نظر آهي جيڪو ڪردار اپوزيشن کي ادا ڪرڻ
گهرجي اهو حڪومت پنهنجي ذمي سمجهي ويٺي آهي. جهموري قدرن جي بقا، قانون جي حڪمرانيءَ
۽ اظهار جي آزادي جي خاطر پارليامينٽ ۾ اپوزيشن کي ڀرپور موقعو ڏنو وڃي. حڪومتي
صفون پنهنجي نيڪ نيتي کي خالص عوامي مقصدن جي لاءِ واضع ڪن ۽ سياسي انتقام کان
پاسو ڪرڻ ئي سندن وقت جو بهترين فيصلو ٿيندو. نه تبديلي ٽولو هميشه اقتدار ۾ رهندو
نه اپوزيشن وارا جيل ۾، تحريڪِ انصاف کي عوام جو مينڊيٽ آهي ته اهو عوامي خدمت جي
لاءِ وقف ڪري نه اپوزيشن تي وقت ضايع ڪرڻ ۾. تبديلي ٽيم کي اها ڳالهه بغور سُٺي
نموني سمجهڻ گهرجي ته بيانن جي ڏي وٺ ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو ڇاڪاڻ تهڪپتان صاحب جا
بيان ٻڌي عوام ويچارو اڃا وڌيڪ پريشان ٿي وڃي ٿو ان جو سڀ کان اهم سبب اهو به ٿي
سگهي ٿو ته اڄ ڏينهن تائين حڪومتي ٽيم جو ڪپتان پنهنجي ڪنهن به واعدي کي وفا نه
ڪري سگهيو آهي. سندس واعدي مطابق تحريڪ انصاف جو چئيرمين پنهنجي ڪنهن به ڳالهه کي
پوري ڪندي نظر نٿواچي جنهن خاطر سندن اليڪشن مُهم نوجوانن جي لاءِ تمام گهڻي
اُميدن جو سبب بڻي هئي.نوجوانن سميت مُلڪ جي عوام جي اُميدن جو جنازو ان وقت نڪري
ويو هو جڏهن ڊالر بُليٽ ٽرين جي پٽري تي اچڻ لاءِ ڪا ڪثر نه ڇڏي ۽ پنهنجي بلند
ترين سطح تي پهچي ڪري عوام جو وايون ٻائيتال ڪري ڇڏيون. جنهن کان پوءِ مهنگائي ۽
عام استعمال جي شين سميت روزمره جي واهپي واريون ضروري شين جا اگهه ائين وڌي ويا
جنهن جو درد عوام جي لاچاري ۽ بيوسي مان ڏسي سگهجي ٿو. ڊالر جي اگهه وڌڻ جي ڪري
پاڪستان جي مجموعي قرض ۾ به اضافو ٿيو آهي ۽ جيڪو قرض تي انٽريسٽ ڏيڻو هو اهو پڻ
اضافي جي صورت ۾ ادا ڪرڻ پوي ٿو. جنهن سان مشڪلاتن جا انڀار لڳي ويا آهن جنهن جو
نزلو عوام تي سڌيءَ ريت ڪِري ٿو. ڊالر جي اگهه پنهنجي جڳهه تي پر پاڪستان جو
مجموعي قرض 30 هزار ارب ڊالر کي ڪراس ڪري ويو آهي جيڪو هن مُلڪ جي لاءِ ڪنهن خطري
کان خالي ناهي ۽ مٿان وري تبديلي سرڪار پنهنجي پهرين حڪومتي سال ۾ قرضي جي رفتار پُٺين
حڪومتن کان به تيز آهي. ان ڪري حڪومت کي چندي، خيرات کان وڌيڪ سُڌارن جي ضرورت آهي ۽ سڌارن سان ۾مُلڪ
جي معاشي بحران کي مُنهن ڏئي سگهجي ٿو. جيڪو هن وقت تائين ممڪن نظر نٿو اچي ڇاڪاڻ
ته اڃا تائين ڪي موثر سڌرا نه آيا آهن. مُلڪ ۾ حڪمرانن جي پنهنجا نواز پاليسي جو
سلسلو عمران خان جي حڪومت اچڻ سان ڪنهن به فرق جو شڪار نه ٿيو ۽ نه ئي ٿيندو ڇاڪاڻ
ته وفاقي حڪومت ۾ اُهي بازيگر به تبديلي ٽيم جو حصو آهن جيڪي گذريل حڪومتن جا مزا
احسن طريقي سان وٺي آيا آهن ۽ سندن ڪيترائي ڪرپشن، مالي بدعنواني ۽ ٻيا الزام انهن
جي گردن ويجهو گردش ڪن ٿا تنهن هوندي به حڪومتي وزير، مشير ۽ صلاحڪار احتساب جو نه
جهڙو حصو آهن ۽ اپوزيشن کي جيلن ۾ ڀرڻ واري روايت بدستور برقرار آهي جنهن کي
حڪومتي ٽيم جو انتقامي رويو سمجهيو وڃي ٿو.احتساب هڪ سٺو عمل آهي ضرور ٿيڻ گهرجي.
احتساب انصاف جي سمورن پهلُن جي سٺي نموني نمائندگي ڪندي منصفاڻي انداز ۾ سڀني جي
لاءِ برابر هوندو آهي پر هتي ڪهاڻي ئي ڪجهه ٻي آهي جنهن جا سَوين رُخ آهن. وفاقي
حڪومت سنڌ صوبي جي لاءِ سخت رويو رکي ويٺي آهي، سنڌ جون ڪيتريون ئي ترقياتي اسڪيمون وفاق بغير
ڪنهن سبب جي بند ڪري ڇڏيون آهن صوبي جي اسپتالن کي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ لاءِ هر ممڪن
ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪو ارڙهين ترميم جي خلاف آهي ۽ ياد رهي ته وفاقي حڪومتي سنڌ
حڪومت کي سندن گهربل پئسا نه پئي ادا ڪري جيڪو صوبي جو حق آهن.وفاق جي ان روئي جي
ڪري تبديلي ٽيم سنڌ صوبي ۾ جيالا سرڪار جي لاءِ ڪنهن مٿي جي سُور کان گهٽ ناهي
ساڳي ئي نموني تبديلي سرڪار جي لاءِ اپوزيشن ۾ ويٺل پارٽيون ڪنهن پريشاني کان گهٽ
ناهن، ان سڄي رام ڪٿا ۾ تبديلي سرڪار جو پنهنجو غير ذميوار رويو آهي جنهن جي ڪري
اڄ پارليامينٽ جو ڏيک جهموري ۽ آئيني گهٽ نظر اچي ٿو. جيڪڏهن سنجيده روئي سان منظم
انداز ۾ حڪومتي ٽيم تبديلي جا جوهر ڏيکاري ها ته اڄ عوام بي يارو مددگار نظر نه
اچي ها. ياد رهي ته پاڪستان جي عوام اڪثريتي طور وفاقي بجٽ کي رد ڪندي سندس عوامي
رليف جي بجاءِ عوام جي لاءِ آزار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ تبديلي سرڪار جو پهريون ۽ اولين فرض عوامي خدمت هجڻ گهرجي ها
۽ عوام کي هر ممڪن رليف ڏيڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو. ان جي برعڪس رليف ته پَري جي ڳالهه پر عوام جي
مٿان ٽيڪسن جا انڀار لڳايا ويا آهن گڏوگڏ عوام جي لاءِ دال چانور به کائڻ جوڳا نه
ڇڏيا ويا آهن. بيروزگاري، غربت ۽ معاشي بدحالي ۾ بي پناه اضافو ٿيو آهي ۽ تبديلي
سرڪار جو عوام جي لاءِ وڌيڪ رليف نه ڏيڻ پاڪستان جي عوام کي غربت، بک، بيروزگاري ۽
جيترن سماجي مسئلن ۾ اٽي جي چڪيءَ جيان پيهندو اهو صرف عوام جي دانهن ۽ ڳوڙهن کي
ڏسي ڪري اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
وزير اعظم عمران
خان کي اهو پهريان ئي معلوم آهي ته خان صاحب اوهان هاڻي پاڪستان جا وزير اعظم آهي،
سندس مُلڪ کي شوڪت خانم، نمل فائونڊيشن سمجهي ڪري هلائڻ جي ضرورت ناهي ڇو ته مُلڪ
پاليسيز تي ۽ فلاحي ادارا اڪثر چندي، صدقي ۽ خيرات جي عيوض هلايا ويندا آهن.
حڪومتي صفن ۾ ويٺل حڪومتي نمائندن کي عوام جي رليف، آسائش ۽ سهولتن لاءِ هر ممڪن
اُپاءَ وٺڻ گهرجن. اپوزيشن جو ڪم ئي شور شرابي سان گڏ مخالفت ڪرڻ آهي پر حڪومتي
ڌُر صاحبِ اختيار هجڻ باوجود پارليامينٽ ۾ اهڙي ماحول کان پاسو ڪري جنهن سان عوامي
مفادن سان گڏ قومي ۽ مُلڪي مفادن کي ڇيهو رسي. اقتدار جون وسيع واڳون تبديلي سرڪار
جي هٿ ۾ آهن سندس تبديلي جي ٽيم ميمبرز کي حقيقي تبديلي سان گڏ نواڻ آڻڻ لاءِ
پنهنجي نابالغ روئي جي نظرثاني ڪرڻ جي شدت سان ضرورت آهي ڇاڪاڻ سندن واعدا پنهنجي
قد کان وڏا آهن جيڪي تبديلي سرڪار جي ٽيم کي وفا ڪرڻا آهن.

0 Comments