Recent-Post

ڪتاب جو تعاف



ڪتاب جو تعاف

ثمر علي چانڊيو

ڪتاب جو تعارف :
زندگي ۾ مشڪلاتون ۽ مصيبتون سڌائين انسان کي پريشان ڪنديون آهن،انهن مشڪلاتن ۽ مصيبتن کي صرف سٺي سوچ سان ئي حل ڪري سگهجي ٿو ۽ سوچ ان وقت سٺي ٿيندي ،جڏهن موثر ۽ مفيد ڪتاب مطالعي هيٺيان هجن .
مفيد ۽ موثر ڪتابن مان فارسي زبان ۾ لکيل هڪڙو ڪتاب ” لطفا گوسفند نباشيد “ به آهي جنهن جو ليکڪ ايران جي صوبي قم جو رهاڪو ” محمود نامني“ آهي.
”لطفا گوسفند نباشيد “ جو سولو ترجمون هي ٿيندو ته ” مهرباني ڪري رڍ نه ٿيو “ پر ان جو ترجمون هي به ڪري سگهجي ٿو ته مهرباني ڪري موڳا نه ٿيو.
هي ڪتاب پنجن بابن تي هن ترتيب سان مشتمل آهي :
پهريون باب : ڪئين سکڻ گهرجي ؟
ٻيون باب : محاورا
ٽيون باب : اهي سوال جن جو جواب ملڻ مشڪل آهي
ڇوٿون باب : پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ متعلق ڪجهه سوال
پنجون باب : هي ڪتاب توهان لاءِ ڪيترو موثر ثابت ٿيو ؟

ليکڪ پنهنجي ڪتاب کي هنن لفظ سان شروع ڪري ٿو :

” کاش دانسته بودم چگونه زندگي کنم يا کسي را يافته بودم که روش زندگي به من تعليم داده بود “
ترجمون : ڪاش مون کي خبر هجي هان ته زندگي ڪئين گذاريان يا ڪو اهڙو انسان هجي هان جيڪو زندگي گذارڻ سيکاري هان !

پهريون باب : ڪيئن سکڻ گهرجي ؟
ليکڪ پهرين باب کي هڪ قصي ٻڌائڻ سان شروع ڪري ٿو :
قصو : هڪڙي دفعي نوجوان ، ارسطو کي عرض ڪيو ته حڪيم سڳورا مون کي فلسفو سيکاريو !
ان وقت ارسطو حوض جي آڏو ٻيٺو هو ، نوجوان کي ڪنڌ کان جهلي ٽوٻا ڏيڻ شروع ڪيائين ، جڏهن نوجوان جو ساهه منجهيو ، ارسطو کي چيائين مان ته فلسفو سکڻ آيو هيس توهان مون کي ٽوٻا ڇا لاءِ ڏيو پيا ؟
ارسطو چيو ته جڏهن پاڻي ۾ هئين ته ڇا جي ضرورت محسوس ڪيئي پئي ؟
نوجوان چيو ته سائين آڪسيجن جي اشد ضرورت محسوس ڪيم پئي ، ان تي ارسطو نوجوان کي چيو جڏهن فلسفي جي ضرورت ايتري محسوس ٿيئي جيتري آڪسيجن جي ضرورت اٿئي ته پوءِ فلسفو سکڻ اچجان !
ان مان سمجهه ۾ اچي پيو ته ڪنهن به شئي کي ان وقت صحيح نموني سان سکي سگهجي ٿو جڏهن ان جي اشد ضرورت محسوس ڪجي ، ٻئي صورت ۾ ان کي دل ۽ جان سان سکي نه سگهنداسين !
تنهن ڪري ضروري آهي اهڙي شعبي جو انتخاب ڪجي ، جنهن جي اسان کي اشد ضرورت محسوس ٿئي ته جئين ان کي دل و جان سان سکي سگهون !
باب ٻيون : محاورا
ليکڪ ڪتاب جي ٻئي باب ۾ ڪجهه محاورا لکي ٿو جيڪي پڙهندڙن جي لاءِ مفيد ۽ ڪارائتا ثابت ٿيندا :

يادت باشد ! خداوند ما را اتفاقي به دنيا نفرستاد
ياد رک ته الله سائين حادثاتي طور تي اسان کي هن دنيا ۾ ناهي موڪليو !
بلڪه هڪ خاص هدف تحت موڪليو آهي ،هدف تائين پهچڻ ئي ڪاميابي جو نالو آهي .
ڪاميابي يعني هدف کي حاصل ڪرڻ تائين ڪوشش مان هٿ نه ڪڌڻ
ان جي ڪري چوندا آهن ته :
از تمبر ياد بگير ! تا رسيدن به هدف به نامه مي چسپد !
ٽڪلي کان سکو ! جيسيتائين خط ڏنل اڊريس تي ناهي پهچندو خط سان ڄنبڙيل هوندي آهي !
ڪوشش مان هٿ نه ڪڍ جيسيتائين ڪوشش تو کي مقصد تائين نه پهچائي !

اين فرمول را ياد بگير ! نه بار زمين بخور ، ده بار برخيز !
هي فارمولو هميشه ياد رکي ڇڏ ته
جي نوَ دفعا به پٽَ تي ڪري پوين ته به ڏهون دفعو اٿ !
نوَ دفعا ڪرڻ کانپوءِ به ڏهون دفعو اٿڻ جي ڪوشش ڪر

بهتر است يک روز هم که شد ” شير باشيد “ تا آن که در همه سالها زندگي تان ” گوسفند باشيد “
هڪ ڏينهن به شينهن ٿي گذارڻ ڀلو آهي ، سڄي زندگي رڍ ٿي گذارڻ کان

محاورن جو مطلب :
بيوقوفي ۽ موڳائي ۾ زندگي نه گذاريو . بلڪه شينهن ٿي زندگي گذاريو
هڪ ڏينهن شينهن ٿي گذارڻ ، هميشه لاءِ رڍ ٿي گذارڻ کان بهتر آهي
پنهنجي مقصد تائين پهچڻ لاءِ ڪڏهن به ڪوشش ڪرڻ ڇڏي نه ڏئي ، ان ملهه تائين ڪوشش جاري رک جيسيتائين مقصد تائين نه پهچين !
بيوقوف ۽ موڳو نه ٿي رڍ وانگر
محنت ڪر ، جوان ٿي ، هدف تائين پهچ ، شينهن وانگر

ٽيون باب : اهيسوالجنجوجوابملڻمشڪلآهي

مرڻ جو وقت ويجهو هجئي، تو کي چيو وڃي ته صرف هڪ ڪال ڪري سگهين ٿو ، ته پوءِ ڪنهن ڏي ڪال ڪندي ۽ ڇو ڪندي ؟
هڪ لفظ ۾ ” الله “ جي Definition  ٻڌايو ؟
هڪ لفظ ۾ شيطان جي Definition ٻڌايو ؟
توهان جي سمجهه ئم انسانيت جي تباهي جو ڪارڻ ڇا آهي ؟
زندگي جي معني ڇا آهي ؟
زندگي ۾ سڀني ڪمن منجهان خراب ڪم ڪهڙو ڪيو اٿئي؟
پنهنجي لفظن ۾ ڪاميابي جي معني ٻڌاءِ ؟
ڪنهن اهڙي جاءِ تي هڪڙو مهينو رهه جتي پيسا ساڻ کڻڻ جي اجازت نه هجي ، ته پوءِ ڪٿي رهندو ۽ ڇو رهندو ؟
ليکڪ جي چوڻ موجب هي اهڙا سوال آهن جن جو جواب ملڻ انتهائي مشڪل آهي !

ڇوٿون باب : پاڻ سڃاڻِ
ليڪ پنجين باب ۾ ڪجهه سوال ڪري ٿو ۽ انهن جا جواب پڙهندڙ کان گهري ٿو ، ان جي دعوي آهي ته انهن سوالن وسيلي ڪنهن حد تائين پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي سگهجي ٿو !
توهان ڪير آهيو ؟
توهان ڪهڙي ڪم جا آهيو ؟
ڇا توهان هر ڪم ڪرڻ ۾ شرم محسوس ڪيو ٿا ؟
ڇا توهان هر ڳالهه تي ڪاوڙ ڪندا آهيو ؟
پنهنجو پاڻ تي ڪيتري حد تائين اعتماد ڪيو ٿا ؟
توهان زندگي جي ڪهڙي موڙ تي ٻيٺا آهيو زمان ماضي ۾ آهيو يا حال ۾ قدم رکيا اٿوَ ؟
پنهنجن ڪمن کي دلي شوق سان انجام ڏيندا آهيو يا صرف تفريح خاطر ؟
بحث مباحثن ۾ انصاف کان ڪم وٺندا آهيو يا نه ؟
انهن سوالن جي جواب سان سان ڪافي حد تائين پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي سگهو ٿا ته توهان جي سوچ واڌو آهي يا ڪاٽو ؟؟


پنجون باب : هي ڪتاب اوهان تي ڪيترو اثر انداز رهيو ؟

ليکڪ هن باب ۾ پڙهندڙن کان اها درخواست ڪري ٿو ته هي ڪتاب توهان تي ڪيترو اثر انداز رهيو آهي ، هن ڪتاب جا مثبت ۽ منفي اثر ڪاغذ تي لکي انهن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪرايو ، ته مثبت اثر توهان تي گهڻا ٿيا آهن يا منفي اثر .
( رابطي لاءِ 00989055292547)

Post a Comment

0 Comments