Recent-Post

سنڌ ڌرتيءَ جي پاڻي ۾ وڌنڌڙ آرسينڪ(سينکئي) جو زهر



سنڌ ڌرتيءَ جي پاڻي ۾ وڌنڌڙ آرسينڪ(سينکئي) جو زهر
مير الطاف حسين ٽالپر
خالق هن ڌرتيء تي زندگي جو سلسلو برقرا رکڻ لاء فطرت جو نظام اهڙي طرح ترتيب ڏنو آهي جو هر جيوت ٻي جيوت جو سهارو بڻجي ٿي وڃي. هر عيب ۽ نقص کان پاڪ فطرت جي ان نظام جي ڪري ئي ڪروڙين سالن کان وٺي هن ڌرتيء جي گولي تي زندگيء جون رونقون برقرار رهنديون پيون اچن. مگر گذريل 200 سالن ۾ تيزي سان ٿيندڙ سائنسي ترقي ۽ ٽيڪنالوجي جي استعمال ڌرتي تي جاري ان قدرتي نظام ۾ بگاڙ پيدا ڪرڻ شروع ڪيو. ابتدا ۾ تہ انسانن کي ان جو احساس ئي نہ ٿيو تہ هو جيڪي ڪجھ عمل ترقي ۽ سهولت جي نالي تي ڪندو پيو وڃي ان جا مستقبل ۾ ڪهڙا اثر ظاهر ٿيندا. آهستي آهستي ترقي يافتہ قومن ۾ اهو شعور اجاگر ٿيندو ويو تہ انهن ۾ غلطيء جو احساس بہ جاڳڻ شروع ٿيو ۽ انهن ۾ فاش غلطين جي نقصانن جو سدباب ڪرڻ واريون ڪوششون بہ تيز ٿينديو ويون. مثال طور اڻويهين صدي ۾ جڏنهن يورپي قومون پوري دنيا تي ڇائنجي ويون تہ ان وقت انهن جو سڄو زور قدرتي جهنگ ۽ ٻيلا وڍي زراعت لاء گهڻي کان گهڻي زمين حاصل ڪرڻ تي هوندو هيو. هو جهنگن ۽ ٻيلن جي وجود کي فضول ۽ ترقيء جي راه ۾ رڪاوٽ سمجهندا هئا. سندن اها روش ٻي عالمگير جنگ تائين عروج تي پهچي چڪي هئي. وري جڏنهن ٻي عالمگير جنگ کان پوء ٽيڪنالاجي طوفاني رفتار سان ترقي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ انسان زمين جي فضا مان نڪري خلا جي وسعتن تائين پهتو تہ زمين بابت سندن علم ۾ بہ اضافو ٿيڻ لڳو. نئين معلومات کين تشويش ۾ وجهي ڇڏيو تہ ترقيء جي جنون ۾ انهن ڌرتيء جي فطري نظام کي تباهي جي جنهن منزل تي پهچايو آهي ان جو سدباب جيڪڏنهن نہ ڪيو ويو تہ هڪ ڏينهن اهڙو بہ ايندو جو هيء ڌرتي انسانن جي رهڻ لائق نہ رهندي. ان احساس ٿيڻ کان پوء هنن ٻيلا ۽ جهنگ ختم ڪرڻ جي حوصلا شڪني ڪرڻ ۽ ٿيل نقصان جي ازالي ڪرڻ خاطر وڌيڪ ايراضين تي مصنوعي طريقن سان نوان وڻ پوکڻ تي زور ڏيڻ شروع ڪيو. زرعي پيداوار وڌائڻ لاء ڪيمڪل ڀاڻ ۽ زهريلين دوائن جو استعمال روڪڻ جا انتظام ڪيا. هاڻي اهي ترقي يافتہ قومون پنهنجن ملڪن ۾ تہ قانون سازي ڪري ڪافي حد تائين انهن نقصانن کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون مگر غريب ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ وري ان جي ابتڙ فطرتي ماحول کي تباه ڪندڙ طريقن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ئي ٿيندو پيو وڃي.
پاڪستان جهڙي ڇڙواڳ ملڪ ۾ ته اهو عمل سرڪاري سرپرستيء ۾ هلندو پيو اچي. زراعت ۾ زهريلين دوائن جو استعمال هتي ايتريقدر عام آهي جو ٻهراڙين ۾ جيت مار زهريليون دوائون عام سيڌي جي دڪانن ۾ کاڌي پيتي جي کليل سامان سان گڏ کلي عام پيل نظر اينديون. روزمره کاڄندڙ سبزيون زمين جي تياري کان وٺي پٽائي تائين هر هفتي ڏهين ڏينهن انهن زهرن سان وهنجاري پوء مارڪيٽ ۾ وڪري لاء پيش ڪيو ٿيون وڃن. هر قسم جو فروٽ انهن زهرن سان ڀرپور دستاب آهي. ٻيو تہ ٺهيو پر هر روز جنهن ڪڻڪ جي اٽي جي ماني هر گهر ۾ پچي ٿي اهو ان بہ انتهائي خطرناڪ زهرن جي ملاوٽ ڪري پاڻ وٽ ذخيرو ڪري رکئون ٿا تہ جيئن جيتن جي کاڄ کان محفوظ رهي. ان کان وڌيڪ خطرناڪ عمل وري صنعتي فضلي کي بغير پراسيس ڪرڻ جي سڌو سئون دريائن ۽ واهن جي پاڻيء ۾ شامل ڪرڻ آهي جنهن سان نہ رڳو مٺي پاڻي جي ان واحد ذريعي کي اسان زهريلو بنائي ڇڏيو آ پر ساڳيو پاڻي زير زمين جر جي پاڻيء سان ملي ان کي بہ زهريلو بنائيندو پيو وڃي. پاڪستان جي چئني صوبن جي زير زمين پاڻي مان ورتل نمونن جي جاچ پڙتال کان پوء عالمي ادارن جيڪا رپورٽ جاري ڪئي آهي ان مطابق خطرناڪ ترين زهر سينکئي جو سڀ کان وڌيڪ مقدار سنڌ جي انهن ميداني علائقن جي جر واري پاڻيء ۾ موجود آهي جيڪو سنڌونديء جي ٻنهي پاسن کان سرسبز علائقو آهي. ٻئي نمبر تي پنجاب جي زير زمين پاڻي ۾ سينکئي جو مقدار حد کان گهڻو وڌيڪ آهي، جڏنهن تہ ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان م زير زمين پاڻيء ان زهر جو مقدار نارمل آهي. ياد رهي تہ آرسينڪ يا سينکيو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪسٽائيل جي صنعت ۾ استعمال ٿيندڙ رنگن ۾ موجود هوندو آهي ۽ اتان صنعتي فضلي جي صورت ۾ اهو سڌو دريائن جي پاڻي سان ملي زير زمين جر جي پاڻيء کي زهريلو بنائي رهيو آهي. ٽيڪسٽائل جي صنعت جو مرڪز پنجاب آهي ۽ پنجاب جي سڀني دريائن ۽ گندي پاڻي جو ڇوڙ سنڌو ندي ۾ آهي. سنڌو ندي اهو سمورو زهر ۽ گندگي پاڻ سان گڏ کنيون سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ سنڌ جي زير زمين پاڻي سان پنهنجو پاڻي ملائي ٿي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي معيار موجب انسانن جي پيئڻ واري پاڻي ۾ آرسينڪ جو وڌ ۾ وڌ مقدار 10 مائيڪرو گرام في لٽر پاڻي ۾ هجڻ گهرجي مگر توهان کي حيرت لڳندي تہ سنڌ اندر اسان جيڪو پاڻي صاف سمجهي بغير ڪنهن خوف خطر جي پيئڻ لاء استعمال ڪريون پيا ان پاڻي جي اندر 210 کان وٺي 500 مائيڪرو گرام سينکئي جو زهر شامل آهي.
ڳالھ صرف آرسينڪ تائين محدود ڪونهي، ان کان علاوه به گهٽ ۾ گهٽ 20 ٻيا زهريلا ڌاتو پيئڻ جي پاڻي ۾ شامل هوندا آهن جن تي ڪنهن به قسم جي هتي تحقيق ئي نه ڪرائي وئي آهي. هي سڀ heavy metals سڏبا آهن ۽ جيڪڏنهن انهن جو مقدار انساني جسم ۾ مقرر معيار کان وڌي ويندو تہ انسان تي ان جا خوفناڪ اثر ايٽم بم کان وڌيڪ تباه ڪن پوندا آهن. مثال طور پارو ۽ شيهو اهڙا ڌاتو آهن جن جو مقدار اگر معصوم ٻارن جي جسم م وڌي وڃي ٿو ته انهن جي دماغي واڌ ويجھ شديد متاثر ٿيندي آهي اهڙن ٻارن ۾ رت جون بيماريون، هڏن جون بيماريون، جگر ۽ گردن جون بيماريون عام ٿي وينديون آهن.
اسان جي بي خبري ۽ لاعلمي جو اهو سفر اڃا بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري آهي ڇو ته اسان جو سمورو توجھ صرف دولت جائداد گڏ ڪرڻ، شهرت جي آسمانن کي ڇهڻ، سياست ۾ نچڻ ڪڏڻ ۽ راڳ رنگ مان سرور حاصل ڪرڻ تي اٽڪيو بيٺو آهي.

Post a Comment

0 Comments