Recent-Post

سنڌ جي شعور جي علامت بڻيل مستقبل جا معمار پريشان حال .......!!



ليکڪ: اجمل مير مهدي، حيدرآباد
جيئڻ ايترو آسان نه رهندو، نه ئي زندگيءَ عزت جي دائمي برقراري ۾ باقي رهندي، انسان پنهنجي عظمت کي قربان ڪرڻ واسطي واپار لاءِ رستن ۽ چوراهن تي چوٻول لڳائڻ واري رسم جو عادي ٿيندو اهو شايد سنڌ جي عظيم هستين خواب ۾ به نه سوچيو هوندو، ڀٽائي سرڪار رحه به  نه سوچيو هوندو ته جنهن عظيم ڌرتيءَ لاءِ آءٌ بيتن ۾ لکيم، ”جي تون بيت ڀايا سي سڀ آيتون آهن“. انهن جي فهم، سوچ ۽ ڏاهپ کي پروڙڻ وارين مُڙني صلاحيتن کي ڪَٽُ لڳي ويندي، ڊيلٽا وانگر سنڌ جا جوڌا جوان پنهنجي شعور سان گڏ پنهنجي منزل واري رستي بي يارو مددگار ڀٽڪيل ملندا، ڪتاب ۽ قلم جي عشق جا هي ديوانا پنهنجي لاءِ ڪا به شمع نه ٻاري سگهندا، مهراڻ جا ماروئڙا ۽ مستقبل جا معمار سنڌ اندر پنهنجي بيوَسي ۽ لاچاري جو ماتم ڪندا هوندا ۽ سراپا احتجاج ٿيندا، اهڙو ڪنهن بزرگ تصور به نه ڪيو هوندو،ان جي ابتڙ اڄ جا نوجوان شاگرد ٽرانسپورٽ جي لاءِ مظاهرا ڪندي نظراچن ٿا، اهي سنڌ جا سَپوت پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ جي ڪنهن به روڊ، رستي تي ويهي رهن ٿا ۽ پنهنجي مطالبن جي مڃتا جي خاطري کان سواءِ نه اٿن ٿا سي مستقبل جا معمار پنهنجي مطالعي ۽ شعور کي پروڙڻ جي لاءِ مظاهري ڪندي نظر اچن ٿا ۽ اعلٰي اختيارن کان گهُر ڪن ٿا ته اسان کي پڙهڻ لاءِ هڪ غير معمولي لائيبرري ڏيو جيڪو شاگردن ۽ مستقبل جي معمارن جو بنيادي حق آهي. شاگردن يونين تي پابندي مُڙهي وئي، طاقت جي زور تي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ مستقبل جي معمارن کان احتجاج جو حق کسيو ويو ۽ سندن مطالبا هميشه جيان مطالبن جي گُهر واري فهرست ۾ سر فهرست رهجي ويا.  گُهرجون ۽ ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مڪمل سهڪار ڪرڻ ۽ بنيادي جياپي کي دائم قائم رکڻ واسطي رياست جو اولين فرض آهي. جيڪو هن مهل تائين سنڌ جي جيالا سرڪار کان وفا نه ٿي سگهيو آهي.سنڌ جي نَوي في سيڪڙو اسڪولن ۾ لائيبرريون ۽ سائنسي ليبارٽيون نه آهن، هزارن جي تعداد ۾ اسڪولَ راند جي ميدان کان محروم آهن، نياڻين لاءِ هزارين اسڪولن ۾ واش روم ناهن، ڪمپيوٽر ليب اڄ به سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن جو خواب بڻيل آهي. سنڌ حڪومت جي بجٽ آڊٽ مطابق سنڌ جي تعليم واري کاتي ۾ سَتر في سيڪڙو بجٽ ئي خرچ نه ٿي آهي. ورسٽيون پهريان ئي مالي خساري سان گڏ، مالي بدعنوانيءَ ۾ مشهور ٿي ويون آهن، مادرِ علمي درسگاهون اڄ به تعليم جي بهتريءَ لاءِ هڪ ايماندار، ديانتدار ۽ سنڌ دوست منتظم ۽ سرواڻ جون منتظر آهن، سنڌ جو پبلڪ ورسٽيون سنڌ سرڪار جي توجهه کان وانجهايل نظر اچن ٿيون. سوال اهو آهي ته آخر تعليمي ادارن جي مالڪي ڪير ڪندو؟ سنڌ سرڪار ۽ جيالن جي سرواڻ جي عدم دلچسپيءَ جي ڪري تعليمي ادارا ڪو قيمتي ٻوٽو نه ٻاري سگهيا آهن ۽ نه ئي وڃايل ساک بحال ڪري سگهيا آهن.
تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ جامع حڪمتِ عملي سان گڏ دورانديش پاليسيون مرتب ڪرڻيون پونديون ۽ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ هر ممڪن اُپاءَ وٺڻ جي سخت ضرورت آهي. شعور جي شمع ٻاريندڙ مستقبل جي معمارن کي هر ممڪن سهولت ڏني وڃي ته جيئن اُهي شعور کي پروڙي سگهن ۽ سنڌ جي هر وسندي ۾ سنڌ جا جوڌا شعور ۽ علم سان جياپو برقرار رکي ڪري عزت ۽ سڪون واري زندگي گذاري سگهن. تنهن ڪري سنڌ جي هر ضلعي ۾ اسڪولن، ڪاليجز ۽ شهرن ۾ هڪ غيرمعمولي لائيبرري هجڻ وقت جي  اهم تقاضا آهي جنهن کي اسان ڪنهن به صورت ۾ ٽاري نٿا سگهون ۽ هر تعلقي جي سطح تي سهولتن سان مڪمل لائيبرري جو قيام  يقيني بڻايو وڃي ته جيئن مسقتبل جا معمار پنهنجي منزل جي ڀٽڪيل رستي کي ڇڏي ڪري علم، شعور ۽ فهم واري واٽ وٺي سگهن، علم ۽ شعورکي پروڙي قوم ۽ ڌرتيءَ جي خدمت ڪري سگهن. بجٽ ۾ ناڻي هجڻ باوجود تعليم کاتي جو تعليم تي خرچ نه ٿيڻ  سنڌ جي جوڌن ۽ شعور جي سپوتن سان وڏي ناانصافي ۽ زيادتي آهي. جنهن کي هاڻي فُل اسٽاپ لڳڻ گهرجي ۽ بجٽ کي مڪمل پلاننگ سان خرچ ڪرڻ لاءِ بهتر نموني حڪمتِ عملي طئي ڪئي وڃي ته جيئن مستقبل جي معمارن کي هر علم حاصل ڪرڻ ۾ ۽ شعور جي پروڙڻ واري مرحلي ۾ هر رُڪاوٽ کي هٽائي سگهجي.
داءود پوٽا لائيبرري حيدرآباد ۽ شاهنواز لائيبرري لاڙڪاڻي ۾ سهولتن جي کوٽ هجڻ سبب سنڌ جي مستقبل جا معمار شمع جو ڏيئو ڪيئن ٻاريندا؟ سنڌ جي انهن ٻنهي وڏن شهرن ۾ لائيبرريون قائم ڪرائڻ ۽ بنياد رکڻ سميت انهن کي هر ممڪن سهولت ڏيڻ ڪنهن جو فرض آهي؟ سنڌ جي ٽيلينٽ کي ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ مستقبل جي معمارن کي هرممڪن سهولتون ڏنيون وڃن. ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ هڪ لائيبرري مُڙني سهولتن سان تعمير ڪرائي وڃي. انهن لائيبيرين ۾ صاف پيئڻ جي پاڻي کان ويندي ويهڻ جي لاءِ آرامده جڳهه هجڻ گهرجي، سڪيورٽي تي قانوني ادارن جي اهلڪارن جو هجڻ به ضروري آهي ان کان علاوه پارڪنگ جي لاءِ موزون جڳهه پڻ هجڻ گهرجي. شاگردن کي اُهي سڀ سهولتون ملڻ گهرجن جنهن سنڌ جي مسقتبل جي شمع هميشه لاءِ روشن رهي.روشن سنڌ شاگردن جي روشن مستقبل تي دارومدار رکي ٿي. سندن هر قسم جي حوصلاافزائي ٿيڻ گهرجي.
اجمل مير مهدي، حيدرآباد.
ليکڪ جي باري ۾ ڪجهه لفظ،
ليکڪ، سماجي مسئلن، تعليم، سياست، غربت، بيروزگاري، ڪاروڪاري، گدلاڻ سميت سنڌ ۽ پاڪستان جي سياسي، سماجي ۽ معاشي پهلُن تي پاڪستان ۽ سنڌ جي انگريزي، سنڌي ۽ اردو نيوزپيپرز، ميگزين ۽ بلاگ تي لکندو رهندو آهيان. ميڊيا تجزيا نگار، تنقيد نگار هجڻ سان گڏ تعليمدان، بلاگر، سماج سڌارڪ، سوشلاجسٽ ۽ ليکڪ پڻ آهيان.
اوهان جو ٿورائتو
اجمل مير مهدي، حيدرآباد
ajmalmahdi48@gmail.com


Post a Comment

0 Comments