Recent-Post

5 سالن کان ڀارت جي جيل ۾ قيد گهاتو مجيد۽ سندس ماء ساران جا سڏڪا…

5 سالن کان ڀارت جي جيل ۾ قيد گهاتو مجيد۽ سندس ماء ساران جا سڏڪا
علي رضا وڻجارو
صبح جو وقت هو اسٽائل تان خريد ڪري ڳاڙھو شھر جي هڪ جڳه ۾ ويهي پڙھي رهيوس تہ
ابا ابا ……ابا..اي… پٽ جوآواز اوچتو ڪنن تي پيو مٿي ڪنڌ کڻي نهاريم تہ هڪ 60 سالن جي عمر جي پوڙھي عورت منهنجي مٿان بيٺي هئي چيم امان ٻڌائي ڇا ٿي چوين؟ وراڻيائين ابا آئون ساران مهاڻي جنگسير واري آھيان ڪاخيرات ڏي… پرپٽ خيرات کان پهريائين جيڪا تنهنجي هٿ ۾ اخبار آھي اها ڏي تہ ڳولهيان چيم امان اڃان صبح جي وقت اخبار مونکي ملي آھي گهوٽڪي ملڪي  صورتحال جون خبرون پيو پڙھان صبر ڪر ٿوري دير لاء ……! ڪنڌ ھيٺ ڪري وري اخبار ڏانهن ڌھيان ڏئي پڙھڻ لڳس منهنجي مٿان بيٺل پوڙھي فقيراڻي عورت زمين تي جهڪي ويهي رهي ۽ ڀڻڪندي چوندي رهي.آئون ڀانيان ٿي گهاتو هن عيد تي بہ گهرنہ ايندا… وري آواز آيو ابا اي …ابا اخبار ڏي مونکي اڃان شھر پنڻون آھي منهنجو گهرپري آھي لاريون نڪري وينديون پويان گهر۾ معصوم بکيا ٻچاڇڏي آئي آھيان جڏھن اٽي لپ پني کڻي وينديس تڏھن هو ماني ڳڀو کائيندا. چيم امان وٺ اخبار تون پڙھيل تہ ناهين پوء اخبار کي ڇاڪندين… ابا منهنجي مجيد جوفوٽو سڃاڻي ويندس ڳاله کي وڌائيندي ابا مجيد منهنجو پٽ جيڪو5 سالن کان ڀارت جي جيل ۾ بند آھي کيس پاڪستاني سامونڊي حدن مان مڇيء جو شڪارڪرڻ دوران ڀارت جا فوجي پڪڙي کڻي ويا هئا ابااسان جي ڳوٺ جا 27 مهاڻا ماڻھون 5 سالن کان ڀارت جي جيلن ۾ قيد آھن اسين عورتون معصوم ٻار شھرڳوٺ خيرات لاء پيرين پنڌ ڪري پنون تڏھن بکئي پيٽ جي باه اجهايون انهيء دوران اخبارجي صحفن کي اٿلائيندي ڀٿلائيندي ڪجه ڳولهيندي رهي ۽ ڳاله کي بہ جاري رکيو آئي پٽ ڪڏھن تہ ست… ست ڏينهن ويلا پئجي وڃن ٿا گهرن جا چلها ڪون ٻرن هتي ٻيو ڪيرآھي اسانجي سار لهڻ وارو سڀڪو اچيونالا لکيو فوٽو ڪڍيو انٽريو وٺيو وڃيو اسان جي نالي تي امداد وٺيوپنهنجو پيٽ ڀرين اسان مسڪينن جو ڪواوهي واهي ڪوياسهارو ناهي ۽ منهنجوملڪوڙو… اتي ڳاله گلي ۾ اٽڪيل هئي پٽ جي پرديس ۾ قيد کي ساريندي ڳوڙھا سڪل ڳلن تان لارڪري وهندا رهيا۽ چتيون لڳل مٿي جي  چاڌرجي پلئو سان اگهندي رهي اي ابا آئون ڳاڙھي شھر ان ڪري ايندي آھيان۽ اخبارون پڇائيندي آهيان تہ من ڪا منهنجي مجيدجي اچڻ جي خبراخبار۾ آئي هجي ياسندس فوٽو ڏسان پرابا مونکي تہ منهنجي پٽ ملوڪڙي مجيد جو فوٽواخبار۾ ڳولهيندي بہ نظرڪون ٿواچي. ابا ڀلا تو… ڪٿي اخباريا ريڊئيي ۾ ٻڌو۽ پڙھيو… يا نہ مونکي لڳي ٿوابا گذريل رمضان جي عيد جيان هن عيد تي بہ  منهنجا گهاتو گهرڪون……… ايندا!!! ۽ پوڙھي ساران مهاڻي بناخيرات وٺڻ جي مايوسي ۽ بيوسيء وارا ڳوڙھا ڳاڙھيندي سڏڪا ڀريندي شھر۾ خيرات وٺڻ لاء اڳتي ويندي رهي…!

Post a Comment

0 Comments