Recent-Post

ماڳ سان محبت ۽ ساڻيھ سان سِڪ وارو شاعر..!



شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جي حوالي سان

  ماڳ سان محبت ۽ ساڻيھ سان سِڪ وارو شاعر..!

تحرير : 
عاجز رحمت الله لاشاري

مشرقي توڙي مغربي شاعرن جا شعر پڙهيل ماڻهو سمجهي سگهن ٿا پر هن سگهڙ ۽ عوامي شاعر جو شعر عام خاص، جاهل عالم، جهنگ جي جهانگيءَ کان ويندي وڏي ۾ وڏي علامه تائين مقبول ۽ پسند آهي. سادن ۽ سليس لفظن ۾ اعليٰ خيال، دقيق ۽ اونها پيچيده مسئلا اهڙي نموني سان ڪَتب آندا اٿس، جو ارسطو جهڙا استاد اڄ به اگر پيدا ٿين ته حيران ۽ دنگ رهجي وڃن. 
مثال طور! چنڊ، سج، تارا، ڪَتيون، جبل، هوائون، سمنڊ، درياھ، ڍنڍون، ٻيڙيون، جهاز، رڇ، مڇ، سڙھ، بيرقون، درياءَ جا وهڪرا ۽ وھ، ان جي دهشت ۽ ڌُم، لهريون ۽ سَپ، آڇاڙا ۽ عميق، لوهار جي ڌنوڻي ۽ سانداڻ، مُترڪا ۽ سراڻيون، رک ۽ ڪوئلا، ڪُتا ۽ مِرون، پنجوڙ ۽ ڪناتون، لڪ ۽ پيچرا، اُٺن جا گس ۽ گُپس، ٽِليون ۽ ٽونئر، چرخو ۽ پُوڻيون، ڪپھ ۽ سُٽ، کپُر ۽ ڪاريهر، مطلب ته ڪا به شيء ناهي ڇڏي. 
توهان ڏسو شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ پنهنجن ماروئڙن جي ماڳ سان محبت، ساڻيھ سان سڪ، ڪلچر سان قرب، جُوءِ سان جيءُ لڳائڻ، ديس سان دل ڳنڍڻ ۽ وطن جي هر شيءَ سان محبت ڪرڻ توڙي ان سان وفادار رهڻ جو سبق ملي ٿو:

ايءُ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي.”

شاهه ڀٽائي جي شاعري ۾ اُجري ۽ اڇي انسانيت، سورهيائي شُجاعت، صديقاڻي صداقت، شريفاڻي شرافت، دليراڻي ديانت، ذوقي ذهانت، محبوبي محبت، سچائي ۽ سخاوت، مهرباني ۽ مروت، نياز ۽ نوڙت، ڀائپي ۽ اخوت، عدل ۽ اخلاقيت، وحدانيت جي واکاڻ ۽ سنڌ جي ثقافتي سرهاڻ، چڱيءَ ريت پَسي سگهجي ٿي.

سگهڙ جو بنيادي تعلق سنڌ سان آهي ۽ سگهڙائپ جي فني ارتقا به سنڌ سان ئي لاڳاپيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڀٽائي ڀلاري جون سورميون جن ۾ سسئي، مارئي، مومل، سورٺ، سهڻي، نوري، ليلان به سنڌ جون ئي آهن. سندس تشبيهاتي تصور توڙي مشاهدو پسجي ٿو ته لطيفي لات ۾ عوامي ادب جا جذبا ۽ جُولان چڱي طرح سان پَسي سگهجن ٿا، جن ۾ ساڻيهه جي سونهن، ساوڪ جي سُرهاڻ، ڪينجهر جو قرب، منڇر جي محبت، آڙين جي اُداسي، ڪارونجهر جي ڪور، مورن جي مهڪار، ڀٽن جي بهاري، تاڙي جي تنوار، ڪڪرن جو ڪارونڀار، کنوڻين جا کيل، وڄڙين جا واڪا، پَلر جي پالوٽ، گاهن جي گلزاري، سامونڊين جي ساروڻي، سِپُن جي سِڪ، درياهه جا دڌڪا، ڇولين جا ڇڇڪا، ڪُنن جا ڪڙڪا، ڪاتياري جو ڪَتڻ، ڪاپائتي ڪار، چرخو چورڻ جهڙا لاتعداد نمونا پَسي سگهجن ٿا. جن ۾ لوڪ ادب جو نجپڻو نظر اچي ٿو.

پر جي کڻي پرکجي ٿو ته لطيف سائين پنهنجي اعليٰ ۽ آفاقي سگهڙائپ جي ذريعي هڪ هڪ شيءِ جا لاتعداد نالا آندا آهن، جيڪو لوڪ ادب يا لوڪ رنگ آهي. تحقيقي تشريح مطابق هيٺ مختصر نالا ڏجن ٿا.

جيئن اُٺن لاءِ استعمال ڪيل نالا: 

اُٺ، توڏو، موڏو، مَيو، متارو، مهري، موڏ، توڏ، ڪَرهو، ڪنواٽ، ڪَڪو، ڪيڪاڻ، ڳوڌو، ٻُهاڻ، چوسالو، دوڪ، دايو، ليڙو، لَلو، چانگو، پانگُر، گئونرو، گُنگو، ڏاگهو، بوتو، ٻُور، ڀُور، ڀٽارو وغيره.

تير لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:

تير، ٻاڻ، ٻُنگو، نائُڪ، سيلو، پيلو، بانُ، ڪانُ، ڪمان وغيره.

سورهيه يعني بهادر لاءِ آندل مختلف نالا:

بهادر، بانڪو، بورائو، پانڊپ، پهلوان، پانو، وِيرُ، ونڪو، وَرنَهه، هاتڪ، ڪُوپو، ڪنڌار، ڪؤنر، ماهي، مانجهي، مير، متارو، مُڇڙ يارو، مَل، سائو، سَڌر، شير، وريام، جهونجهار، جوڌو، جُنگ، جوان، پاونگ، راوت، دلير، دودو، ماچ، جُود، ڳڃُڙي، شاهُو، سورهيه، گهوٽ وغيره.

شراب لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:

ڪڪوهه، قاتل، ڪڙو، ڪڪاڻ، ڪلاڙ، مئه، مَدُ، مَنڌُ، سَرو، سُرڪي، وِههُ، ٽوهه، زهر وغيره.

طبيب لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:

ڏاهو، حڪيم، طبيب، ويڄ، دارون، ٻُڪي، ڊڀُ، ڊبڙا، حاذق وغيره.

ساز لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:

ساز، سُرندو، سُرود، ڪماچ، ڪِينَرو، ڪِينَر، ڪَنجهو، تُنبي، تُنبير، تنبورو، تانُ، تندُ، تَنبور، دنبورو، چنگ، واڄو، وَڏاڻ، ولايتي، بِين وغيره.

مڱڻهار لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:

مَڱتو، مَڱڻو، ميراسي، ماچ، مڱڻهار، ڀانُ، ڀَٽُ، ڀاٽُ، ڀُوڻو، سائل، سيڪڙُو، سُرنديو، سورٺيو، ڪِيرتيو، قوال، ڪامل، جاجڪ، چارڻ، ڏاني، پينار، پاٽ، ربابي، راڳائي، عليل، عطائي، ٻيجلئو، ٻيجل، ٻارٽ، ٻاٽُ، لنگهو وغيره.

راجا لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:

راجا، راءُ، راڄيو، راڄاڻُ، راهوُ، جادم، جکرو، جَسکرو، جڳ سکرو، ڏياچُ، ڏاتار، سخي، سورٺ ور، صاحب، حاڪم، پانڊپ، ٻاجهاڻو، دولهه، درٻار ڌڻي، مير، ملوڪ، مانجهي، مِيون، مُلڪ ڌڻي، مَڻيارو، ڪامل، سَپڙ، سَٻر، کنگهار، گهوٽ، حڪمدار، ريسارُو، حاتم وغيره.

جوڳين لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:

جوڳي، جلالي، جلپتي، جناتي، بابو، بيکاري، بيراڳي، پُوربي، پوربيا، واٽيا، ويراڳي، مهيسي، لانگوٽيا، لال، لاهوتي، صابري، سوامي، سامي، سامٽيا، سنياسي، سامِيڙا، ساڃارُو، سيڪڙُو، آديسي، آڌوتي، ڀڀوت، ڀڀوتيا، ڀوڳي، راول، رَند، رملي، روڳي، نانگا، نپٽا، نِسورا، قُوت، ڪڙايا، ڪاپڙي، ڪلپتي، ڪَن وٽيا، ڪَن چير، ڪَن ڍار، ڪَن ڦوڙ، ڪَنوسريا، ڪَن ڪٽ، ڪاپَٽ، ڪاراٽيا، آگهوري وغيره. مطلب ته ڪافي لفظ ملن ٿا، جيڪي ڀٽائي گهوٽ سگهڙن واري سهڻي گهڙ ڪري ڪتب آندا آهن.

شاهه سائين جا پورهيت ڪردار به ساڳيو اتساهيندڙ تاثر رکن ٿا، هي پورهيت ڪردار به سماج جي ارتقا ۽ ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيندي نظر اچن ٿا، سنڌي سماج جا جيڪي به هنر، ڌنڌا ۽ ڪاريگريون آهن، انهن جي پڻ خوبصورت تصوير ڪشي ڪئي آهي. مثال: لوهار، ڪوري، ڪنڀار، هاري، ميربحر، مالوند ماڻهو، موکي جو منڌ چڪائڻ، اوٺار، گهريلو زائفاڻو هنر، پنهنجي بيتن ۾ سنواري پيش ڪرڻ سگهڙائپ آهي. شاهه سائين هر طرح کان پنهنجي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن جي حال جي هيڻائين ۽ اڀراين، اميدن ۽ آسرن، ڏکن ۽ سکن سان سلهاڙيل آهي. لطيف سائين جهڙو عظيم عوامي شاعر، پنهنجي ڌرتي، پنهنجي سماج جي مسئلن تي پنهنجي حڪيماڻي نظر نه وجهي اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي...!

مون اڪثر محققن، اديبن ۽ عالمن وٽان ٻڌو آهي ته شاهه سائين کان پهرئين دور جا سگهڙ خاص ڪري درٻارن جي زينت بڻيل وزيرن ۽ اميرن جي شان ۽ مان ۾ ڳڻ ڳائيندا هئا، نه انهن کي ڪُڇڻ جي اجازت هوندي هئي ۽ نه ئي معاشي مامرن جي عڪاسي ڪري سگهندا هئا. سواءِ چند عارف باالله ۽ تصوف ڏانهن لاڙو رکندڙن جي، باقي اڪثريت جو شمار بادشاهي ڪچهريون مچائڻ ۽ سندن خوشامد جا بيت چئي پيٽ گذر ڪرڻ ئي زندگيءَ جو مشغلو هوندو هو. جن جي باقيات مان ڪي سگهڙ اڄ به ان روايت موجب ڪامورن جي قصيده گوئي ڪندي نظر ايندا آهن ۽ ڪيترن جا ته لوڪ ادب جي نالي تي شايع ڪيل ڪتابن اندر ڪيترائي داستان اهڙي درٻاري شاعريءَ سان ڀريل آهن. پر جڏهن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جهڙو ڀرجهلو آيو ته ان سگهڙائپ کي نوان رخ ۽ لاڙا ڏنا، جي چاهي ها ته اڄ جي عام رسمي پيرن وانگر انهن کان عقيدت جي اظهار طور پنهنجي شان ۾ قصيده لکرائي ها، ڇوته سيد اڳ ئي هو، بس حڪم جي دير هئي. پر شاهه سائين ائين ڪرڻ بدران ان وقت جي طاغوتي قوتن خلاف ڪڏهن ظاهري ته ڪڏهن مخفي مام اندر قلمي جهاد ڪيو. ان مرحلي ۾ لطيف سائين پاڻ هٿ ۾ تلوار ته ڪانه کنئي پر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي ڏاڪارين سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ هڪ علمي ۽ عملي مزاحمت جو بندوبست ڪيو، پنهنجي فن ۽ فڪر جي تخليقي عمل ۽ ڪردار سان هڪ سياسي مدبر وانگر رهنمائي ڪئي، نه رڳو ايترو پر پنهنجي ڌرتي تي رهندڙ انتهائي سادن ماڻهن جي ڳالهه ڪري پنهنجي آفاقي شاعريءَ ۾ مهانتا بخشي، جن ۾ ککيءَ کوڙ ۽ ککيءَ کاريون ڏٺائين، تن کي آٿت ۽ اتساهه بخشيائين، جن جي هٿن ۾ قُم، ڪوڻيون ۽ ڪالوڙا هئا، جن جا ڇڄ ڇڇيءَ هاڻا هئا، مُنهن جن جا ميرا، بدن جن جي بوءِ، هٿين پيرين ڇيڳرا، رنگ ۽ روءِ ۾ بي رونق، مڇيءَ سان محبت ڪندڙ ڪمذات ۽ ڪمزور، پاٻوڙن جي پوشاڪ پهريندڙ، گند جن جي گود ۾، تن کي تسليون ڏئي ايترو ته مان بخشيائين جو سدائين لاءِ سرها ٿي ويا.

ايران کي حافظ تي ناز آهي ته عرب کي امراءُ القيس تي بانور ٿي سگهي ٿو، هندستان کي ڪاليداس، انگلستان کي ملٽن ۽ آمريڪا کي لانگمن تي فخر آهي ته سنڌ به شاهه ڀٽائيءَ تي بهار ٿي سگهي ٿي. ڀٽائي ڀلارو جنهن ساري عالم جو خير گهريو، ان جو مثال سر سارنگ جو هي بيت آهي.

موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وارَ،
وِڄون وسڻ آئيون، چوڏِسيين چَوڌارَ،
ڪي اُٺيون اِستنبول تي، ڪي مَڻيون مَغرب پارَ،
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لَهن سَمر قنديَن سارَ،
ڪي رَمي ويون روم تي، ڪي ڪابل ڪي ڪنڌارَ،
ڪي دِلي ڪي دَکن پورب پَڇَم، ڪي گُڙنِ مٿي گِرنارَ،
ڪن جُنبي جيسلمير تان، ڪيو بيڪانير بهارَ،
ڪني ڀُڄ ڀِڄايو، ڪي ڍَٽين پَٽين ڍارَ،
ڪي پُريون پَنجاب ڏي، ڪي هلن مٿي هالار،
ڪن اچي عمرڪوٽ جا، وسايا ولهارَ،
سائينمِ سدائين، ڪرين مٿي سِنڌ سُڪار،
دوست مِٺا دلدارَ، عالم سڀُ آباد ڪرين.


Post a Comment

0 Comments