Recent-Post

سنڌ جي ڳڻتي جوڳي حالت، ان جا ڪارڻ، سبب، حل ۽ تجويزون



سنڌ جي ڳڻتي جوڳي حالت، ان جا ڪارڻ، سبب، حل ۽ تجويزون
ليکڪ : اجمل مير مهدي، حيدرآباد.
سنڌ جي ماروئڙا جا درد هاڻي ناسور بڻجي رهيا آهن، مُلڪ ملير جا ماڻهو بي يارو مددگار مارجڻ سان گڏ سنڌ جي ڪربلا ۾ پنهنجي جا لاش ڏسي تڙپي رهيا آهن، سنڌو ماٿري جي معصوم ۽ بيگناهه وارثن کي ائين بي دردي سان نه ارغونن ماريو، نه ترخونن رت سان لاش رنڱيا، نه ئي سومرن سنڌ ۾ خون جو دريا وهائي ڪا خوني تاريخ رقم ڪئي، نه ئي ميرن انسانن جي قتل تي هُشي ڏني ۽ سنڌين جي تاريخي وطن سان هٿ چُراند ڪئي، نه ئي پاڪستان ٺهڻ کان بعد ذوالفقار ڀٽي جي دور تائين سنڌ جا لاش ماروئڙا کڻي ٿڪجي پيا هئا، خوشحال سنڌ جي سينڌ مَيرِي ٿي وئي آهي، ايڏي بيوسي ۽ لاچاري جو تصور ڪڏهن لطيف رحه ڀٽ تي ويهي نه سوچيو هوندو، سچل به روئي رات گذاريندو هوندو، قلندر جو روح به مقتل ۾ لڳل باهه تي هنجون هاريندو هوندو، ڏک ۽ درد جي هي خوني ڪهاڻي ڪا ايتري پُراڻي ناهي جو ان کي اسان کين نظر انداز ڪري ڪنهن به ماڻهو يا قبيلي کي ذميدار قرار ڏيون.
ماروئڙا آبادگار آهن ته پاڻي جي مسئلي سان گڏ ٻين هزارين مسئلن کي مُنهن ڏين ٿا، سنڌ جي گذريل 12 سال جي پيپلزپارٽي دورِ جهموريت ۾ استاد حضرات کي بُري نموني روڊن تي گهليو ويو آهي، نرسز کي به نه بخشيو ويو آهي، پيپلزپارٽي جي منشور ۾ عدم تشدد واري روش کي هميشه نديو ويو آهي، پر وڪسينيٽر هجن يا وري شاگرد انهن کي روڊن تي لٺبازي جي عيوض زخمي ڏٺو ويو آهي، احتجاج ته جهموريت جو حُسن هوندا آهن، جهموريت ته جهمور جي منشا جو نالو آهي، نه ئي پنهنجي عوام کي ڪُٽي ماري رت وهائڻ جو، ڳالهه مار ڪُٽَ تائين محدود ناهي تعليمي ادارن ۾ به جنسي درندگي جا ڪِيس ڏٺا ويا آهن ورسٽيز جو حال پهريان ئي رحم جوڳو آهي پرسنڌ جي ورسٽيز جو غير فعال هجڻ جو ڪير ته ذميدار هوندو؟ ڪير ته آهي ان سڄي رام ڪٿا جو ذميوار آهي؟
سنڌ جي خون واري هولي پنهنجي روايتي انداز ۾ برقرار آهي، خوني دريا پنهنجي خون واري وهڪري کي وسعت بخشي رهيو آهي، نمرتا، زارا منگي، رمشا، شيرين بروهي، اسما،ثمينه، ارشاد رانجهاڻي، عصمت جوڻيجو سميت هزارين بگناهن جو خون ان دريا ۾ شامل آهن جيڪو خشڪ ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي ٿو، سنڌ جو حالتون به ڪڏهن افغانستان، فلسطين، يمن ۽ شام جو عڪس ڏينديون آهن، جتي هرشيءِ تباه و برباد نظر اچي ٿي، وفاق وارن کي سنڌ حڪومت سان ذاتي مسئلا هجڻ سبب سنڌ جو عوام ٻٽي نموني برداش ڪري ٿو، هڪ وفاق جو درد فنڊز نه ڏيڻ جي ڪري ۽  ٻيو سنڌ حڪومت جي روش جيڪا سنڌ جي ماروئڙن کي رليف ڏيڻ ۾ مُڪمل طور تي ناڪام نظر اچي رهي آهي، ڪجهه بهتري به آئي آهي جيڪا نه هجڻ برابر آهي، سنڌ اسمبيليءَ ۾ پاس ٿيندڙ قانون سنڌ جي عام عوام الناس تائين پهچندي پُراڻا ٿي وڃن ٿا، آبادگار به پريشان، مستقبل جا معمار خُود ڪشين ۾ پورا آهن، ٻيو عام عوام کي پنهنجا درد آهن، نياڻيون غير محفوظ آهن، سنڌ جي جوڌن جا لاش سنڌ جي تاريخي حيثيت کي مٽائي رهيا آهن، تاريخي ماڳ ويرانيءَ جو منظر پيش ڪري رهيا آهن، تفريحي هنڌن کي ڄڻ نظر لڳي وئي آهي. ان سڀ زاوين سان لطيف جي ڌرتيءَ کي ڏسبو ته مهراڻامن ۽ محبت واري تصوير جو حقيقي ڏيک وڃائي چُڪي آهي. سنڌ صوفين جي سرزمين هوندي هئي هاڻي ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته مذهبي انتها پسندن ۽ شرپسند عنصرن مهراڻ جي حقيقي ماڻهن کي شرپسندي طرف ڌڪي چُڪا آهن، هر طرف لاش ئي لاش، ڪُٽڪا ئي ڪُٽڪا، حق گهُرڻ وارن کي خراب نموني مارڪُٽ ڏني پئي وڃي، هي جهموريت جو ڪهڙو حُسن آهي؟ استاد احتجاج ڪن ته حڪومتي ادارا ماري ماري رت ڪڍيو ڇَڏين، آبادگار پنهنجي محنت جو ڦَلُ گهرن تي روڊن تي گهليا وڃن، نرسز احتجاج ڪن ته بي يارومدگار سٽڪو کائي وڃن، استاد ٽيسٽ پاس ڪري حق گهرن تي لَٺيُن جي وسڪاري کي مُنهن ڏيڻو پوي ٿو. ائين مقتل ۾ مچيل موت جي راند آخر ڪڏهن رُڪجڻ جو نالو وٺندي ۽ ڪربلاءِ سنڌ ۾ معصوم ۽ بيگناهه نياڻين، معصوم ٻارڙن ۽ مهراڻ جي ماروئڙن جي اڻ کُٽ قتل جو سلسلو ڪڏهن رُڪجندو؟ ڀنڀور ۾ لڳل هن باهه جو ڪير ته ذميوار هوندو؟ حڪومتي ادارن جي مسلسل عدم توجهه جي ڪري سنڌ کنڊرات ۾ تبديل ٿي رهي آهي، دوائن جي کوٽ پهريان ختم نه ٿي آهي، اسپتالُن ۾ ڇتَي ڪُتي جي چَڪ جي بچاءَ واري ويڪسين نٿي ملي، جڏهن ته صحت جي بجٽ ۾ ويڪسينن لاءِ پئيسا مختص هوندا آهن.
اسپتالون ايمبولنسز جي سهولت کان محروم نظر اچن ٿيون، 7 هزار اسڪول بند پيا آهن، نوڪرين جي لاءِ ميرٽ جي لتاڙ خلاف سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ مظاهرا ۽ احتجاج روز جو معمول آهن، پوءِ هڪ سوال سڀني ذهنن ۾ حرڪت ڪري پيو ته آخر ڪهڙي مصلحت ۽ مجبوري آهي جو نه قانون تي عمل ٿيندي نظرنٿو اچي، نه ئي وري عوام کي صحت، تعليم، روزگار ۽ انصاف ملي ٿو. ڇا سڀ شيءِ جي پُٺيان مصنوعي پاليسي آهي ملير جي ماروئڙن لاءِ.....!
وفاق جون سنڌ سان ويساه ڳاتيون ضرور آهن، اين ايف سي ايوارڊ تحت ناڻو نٿو ملي، سنڌ جي ترقياتي اسڪيمن کي رد ڪيو وڃي ٿو. ان سان گڏ ٻيوب حقيقتن جي فهرست آهي جنهن تحت وفاق سنڌ جي عوام کي انتهائي محرومين طرف ڌڪي رهيو آهي.
گهوٽڪي ۾ لڳل باهه ڪنهن ٻاري آهي جو اقليتن جا قتل بند ٿيڻ جو نالو نه ٿا وٺن؟ شر پسند گروه جا ماڻهو سندن ملڪيتون قبضو ڪري اقليتن لاءِ رڻ ٻاري ويٺا آهن. سنڌ حڪومت گهوٽڪي ۾ موجود شرپسند، امن دُشمن ۽ سنڌ دشمن قوتُن ۽ عنصرن خلاف بغير ڪنهن فرق جي ڪاروائي ڪري ۽ اقليتن سميت ايندڙ نسلن کي مُڪمل تحفظ فراهم ڪري.
اقليتن کي پنهنجا درد آهن، استاد حضرات کي پنهنجا خدشا آهن، نرسز، وڪسينيٽرز، بيروزگار نوجوانن کي پنهنجا درد ۽ سُور آهن، سنڌ پبلڪ سروس ڪميش جي اڃا تائين گُڊ ٽرسٽ واري ساک بحال نه ٿي سگهي آهي، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪا مثبت تبديلي عوامي فائدي لاءِ پري پري تائين نظر نه اچي ٿي. ادارن ۾ ڪا به اهڙي هلچل عوامي اميدن نه پوري لهي سگهي آهي، ڪرپٽ بيورو ڪريٽس پوري سسٽم کي کوکلو ڪري رهيا آهن هاڻي ان سڀ شيءِ جونقصان وري سنڌ جي مظلوم عوام کي ڀوڳڻو پوي ٿو .
اليڪشن ۾ ڀوتاري حاوي رهي ٿو، اليڪشن کان پوءِ سرڪاري ڀوتار بڻجي عوام کي ڏنگي ٿو جنهن جي ڪري عوام جي چيلهه چٻي ٿي چُڪي آهي. سنڌ جي تعليمي ادارن جو اهو حال اچي پُهتو آهي ته سنڌ ورسٽي جي انٽري ٽيسٽ ۾ هڪ محتاط اندازي مطابق ستر في سيڪڙو شاگرد 40 نمبر به حاصل نه ڪري سگهيا آهن، اهو ان ڳالهه جو چٽو دليل آهي ته سنڌ جي تعليم تباهه و برباد هجڻ سان گڏ تباهي جي آخري ڪناري تي پهتي آهي. سنڌ ورسٽي وري روايتي پاليسي برقرار رکندي اُميدوارن جي لاءِ پاسنگ مارڪون 30 رکي ڇڏيون آهن. ورسٽيون بيروزگارنوجوان پيدا ڪرڻ واريون فيڪٽريون بڻجي چڪيون آهن، ورسٽيون مالي گهوٽالي ۾ ملوث ڪنهن به جوابدار جو احتساب نه ڪري سگهيون آهن نه ئي وري سنڌ سرڪار مالي گهوٽالن تي ڪڏهن سنجيده رويو ڏيکاريو آهي جيڪو سنڌ جي عوام لاءِ ڪنهن دشمني کان گهٽ ناهي. ورسٽين ۾ جنسي دهشتگردي، اقربا پروري ۽ مالي گهوٽالا هاڻي روز جو معمول بڻجي چڪا آهن، انهن حالتن تي وفاق ۽ هائير ايجوڪيشن وارن پنهنجو فنڊز نه ڏيڻ وارو رويو ڪئين تبديل ڪندا؟
علمي ادارن ۾ علم پروڙڻ واري صلاحيت کي تمام بهترين نموني ۾ نمودار ڪرڻ جي لاءِ تعليمي ادارن سميت هر علمي اداري ۽ سکيا گهرن کي گهمبير مسئلن کان آجو ڪرڻو پوندو ۽ ذاتي معاملن سميت اجتماعي معاملن جي نبيري لاءِ جامع حڪمتِ عملي کان ڪم ورتو ويندو ته جيئن مستقبل جي معمارن کي ايندڙ نسلن جي جياپي جي بقا لاءِ ڪنهن جنگ کي منهن نه ڏيڻو پوي.
هن وقت سنڌ جون ورسٽيون مالي بحرانن کي تمام خراب نموني منهن ڏئي رهيون آهن ۽ سنڌ سرڪار مختلف ورسٽيز جا نوان ڪيمپس کولي رهي آهي، اهو هڪ سٺو عمل آهي پر انهن جون مالي گهرجون پوريون ڪرڻ به سنڌ سرڪار جي ذميداري آهي، مالي گهوٽالي جو شڪار ۽ مالي بحران جي وَر چڙهيل ورسٽيز ۽ تعليمي ادارا جنهن جو نزلو شاگردن سان گڏ عوام تي پڻ ڪري رهيو آهي. ان سڄي نظام کي نئي سرٺيڪ ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. تعليمي ماهرن ۽ انتظامي ماهرن جي اڻ هوند جي ڪري ورسٽيون صرف گريجوئيٽ پيدا ڪري رهيون آهن نه ڪي قابل معاشري جي مختلف شعبن جا ماهر. اُهي صرف ڊگري هولڊر بيروزگار نوجوان طور هن سماج لاءِ مشڪلاتن جو سبب بڻجي رهيا آهن. مادرِ علمي درسگاهن کي اندروني توڙي ٻاهرن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اندروني مسئلن ۾ انتظامي معاملا، استادن ۽ شاگردن لاءِ معياري نظام جو نه هجڻ، مالي بحران ۽ غير موزون ماحول جهڙا مسئلا درپيش اچن ٿا. ٻاهرين مسئلن ۾ سياسي مداخلت، ترقياتي ڪمن ۾ رڪاوٽ، حڪومت ۽ هائير ايجوڪيشن جي سهڪار جي شديد ڪمي نظر اچي ٿي. مادرِعلمي درسگاهن ۾ انتظامي معاملن کي منهن ڏيڻ لاءِ استاد صاحبان کان خدمت ورتي ٿي وڃي جيڪا تعليمي نظام جي بلڪل خلاف آهي.تدريسي عمل ۾ انتظامي لحاظ کان نااهل ۽ بيڪار ماڻهن جي حوالي ڪيل ذميداريون تعليم جو ٻيڙو غرق ڪرڻ  ۾ ڪا ڪثر نٿا ڇڏين.
حڪومت وٽ علمي درسگاهن جي چانسلر، پروچانسلر ۽ وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ جو خودمختيار حق آهي جيڪو اڄ ڏينهن تائين صحيع نموني استعمال نه ڪيو ويو آهي. جنهن جي ڪري سياسي ماڻهو پنهنجي سفارش تي پنهنجا من پسند ماڻهومقرر ڪرائي رهيا آهن جيڪي انهن نام نهاد سياسي ماڻهن جي نوڪري ۾ پورا آهن. ورسٽين ۾ ڪرپشن جي ازالي لاءِ ڪو به منظم نظام ناهي جنهن جي تحت غيرواجبي ۽ بدعنواني ڪندڙن جي خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪري سگهجي. ورسٽين جي ماحول تي ٿوري نظر وجهجي ته ورسٽيون ڪنهن به لحاظ کان ان معيار تي پورو نه لهن ٿيون جنهن سان هن قوم کي بهترين انداز ۾ فائدو ملي سگهي.
ورسٽيون قومن جا اهم اثاثا هوندا آهن جنهن ذريعي قومون پنهنجا معيار تبديل ڪنديون آهن. انتظامي معاملن ۾ انتظامي ماهرن جو چونڊ ڪرڻ ۽ ان جي نگراني ڪرڻ حڪومت جو پهريون فرض آهي. سنڌ جي وڏي وزير کي ورسٽين جي گهمبير حالتن جو خود جائزو وٺي ڪري مالي بحرانن، استادن ۽ شاگردن جي مسئلن کي فوري طور حل ڪرڻ لاءِ جامع پاليسي جوڙائي جيئن مستقبل جي معمارن کي ڪارائتو بڻائي اسان پنهنجي وڃايل قومي حيثيت بحال ڪري سگهون. ورسٽين جي لاءِ مانيٽرنگ سسٽم جديد تقاضن جي مطابق هجڻ گهرجي ۽ ورسٽين ۾ انتظامي پوسٽن تي ويٺل استادن کي هٽائي ڪري نوان قابل منتظمين جي چونڊ ڪئي وڃي. اعلٰي معيار جي تعليم لاءِ موثر اُپاءَ وٺڻ جي سخت ضرورت آهي. اگر قوم جا نوجوان معياري ۽ اعلٰي تعليم مان فائدو حاصل ڪندا ته اهو قومي اثاثو ٿيندو. ورسٽين جي مالي بدعنوانين جي غيرجانبدار ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي.
ظلم جي ان وسيع رام ڪٿا ۾ ڳالهه صرف تعليمي ادارن يا تعليم جي ميدان تائين محدود ناهي، قتل و غارت، مذهبي انتهاپسندي ۽ اقليتن جي جان و مال جي لُٽ مار پڻ ان وسيع پئماني تي ظُلم جي اصل حقيقت کي پڻ بيان ڪن ٿيون. سنڌ اندر ظلم ۽ جبر جي هِن رام ڪٿا کي ڪنهن به صورت ۾ رد نٿو ڪري سگهجي، نياڻن جو عزتون، عظمتون سرِ بازار لُٽيون وڃن ٿيون، معصوم ٻارڙن سان جنسي بگهڙ ڏاڍائي ڪري سندس قتل ڪري روڊ ۽ رستن تي لاش ڦٽا ڪري وڃن ٿا. اسپتالن ۾ غلط انجيڪشن لڳائڻ جا واقعا به عام ٿي ويا آهن. گذريل يارنهن سالن ۾ هزارن جي تعداد ۾ نياڻين کي ڳولين جو کاڄ بڻايو ويو آهي خدا ئي بهتر ٿو ڄاڻي ته اڃا ڪيترو خون کپي سنڌ جو کين ملير جي ماروئڙن جو درد سمجهي ڪري ديرپا پاليسي جوڙي ڪري قانون تي حقيقي معنٰي ۾ عمل ڪرايو ويندو ۽ خون جي دريا کي پائيدار ٻنڌ ڏنو ويندو.
سنڌ ۾ هر هنڌ مقتل گاه بڻيل امن جي وادي شهيدن سان ڀري پئي آهي مقتل گاه مان شهيدن جا لاش آخر ڪيستائين سنڌ جا ماروئڙا کڻندا رهندا؟ سياسي قيادت جي سنڌ جي معاملن ۽ مسئلن تي عدم دلچسپيءَ جي ڪري سنڌ جا عام ماڻهو متحرڪ نظر پيا اچن ۽ جڏهن ته ٻئي پاسي سياسي قيادت صرف ضمانتون ڪرائڻ ۾ پوري لڳي پئي آهي. ڪٿي ائين نه ٿئي ته معصوم ماروئڙن جي گهرن کي لڳل باهه جا شعلا اميرن جي محلن تائين پهچن ۽ پوءِ اميرِ حڪومت جا به گهر معصوم شهرين جيان سڙي خاڪ ٿي وڃن. سنڌ جو عوام انصاف جي راهه ۾ بڻيل رڪاوٽن کي ختم ٿيڻ لاءِ مسيحا جو انتظار پيو ڪري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي ئي سنڌ جي مسئلن تي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي ڇو ته سنڌ جي عوام پنهنجي جهموري حق ذريعي سندس ۽ پارٽي کي ڪامياب بڻائي ايوانن ۾ پهچايو آهي. جهموريت ۾ اظهار جي آزاديءَ ۽ احتجاج جو پورو حق حاصل هوندو آهي پر سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاجن تي جنهن نموني طاقت ۽ اقتدار جو استعمال پيو ٿئي سو سنڌ جي ترقي جي ضمانت ۾ خيانت جي مثل آهي. تعليمي درسگاهن ۾ پڙهڻ دوران شاگرد انصاف جي ڪرڻي کي ڳولهي رهيا آهن، پڙهائي کان پوءِ روزگار جي لاءِ حڪومت طرف واجهائن پيا. هي ايتري گهمبير حالت سنڌ جي عوام جي لاچاري ۽ بي وسي کي ظاهر ٿي ڪري. سنڌ جي سڄاڻ ڌرين کي سنڌ جي ايندڙ نسل جي لاءِ سوچڻ گهرجي.
سنڌ حڪومت کي گهرجي ته انصاف جي فراهمي کي جنگي بنيادن تي يقيني بڻائي ته جيئن بي قراري واري فضا جو خاتمو ٿي سگهي. اقتدار جي اعلٰي ايوانن ۾ ويهندڙ سرڪاري مشينري جا عملدار سنڌ جي مظلوم ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ ۾پنهنجو فرضي ڪردار ادا ڪن. سنڌ حڪومت ايمرجنسي جي بنيادن تي جوڙيل پاليسيز تي عمل درآمد ڪرڻ لاءِ ڪارائتا اُپاءَ وٺي ۽ پوليس جي سڌارن ۾ پڻ تبديلي آڻي ته جيئن سنڌ جي مظلوم عوام کي انصاف جي لاءِ هر واقعي کان پوءِ وڏي واويلا نه ڪرڻ گهرجي.

Post a Comment

0 Comments