Recent-Post

سبزي جا اگهه آسمان طرف ۽ ڀاڄيون عوام لاءِ کائڻ کان انمول


سبزي جا اگهه آسمان طرف ۽ ڀاڄيون عوام لاءِ کائڻ کان انمول
ليکڪ: اجمل مير مهدي، حيدرآباد.
سنڌ ۾ زراعت جو شعبو پهريان ئي موئن جي دڙي واري فهرست ۾ شامل آهي، آبادگارن جي لاءِ پاڻي جو مسئلو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو آهي، ڪمند جا اگهه هر سال احتجاج ۽ مايوسي جي شڪل اختيار ڪندا آهن. سارين کي به مناسب ريٽ ملڻ گهرجن ته جيئن آبادگارن کي انهن جي محنت جو ثمر ملي. هاري ۽ ڪُڙمي ڏينهن جا ڏينهن، راتين جون راتيون محنتون ڪري اناج، سبزيون ۽ ميوا پوکين ٿا ۽ جڏهن  منڊي ۾ پُهچن ٿا واپاري مناسب اگهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهن هوندا، هارين ۽ مزدورن کان سبزيون وٺڻ کان پوءِ عوام کي ٻيڻي اگهه تي ڏيندا آهن يا وري انهن کي پنهنجي ڪولڊ اسٽورن ۾ اسٽوريج ڪيو ويندو آهي، سبزين جي گهٽتائي واري صورت ۾ واپاري پنهنجي ڪولڊ اسٽورن مان سبزيون ڪڍي عوام کي ٽيڻا اگهه ڏيندا آهن. 
پوري سنڌ ۾ سبزي منڊيءَ جي ٺيڪيدارن، ڀاڄين جي ڊيلرز ۽ واپارين عوام جي مَت منجهائي ڇڏي آهي، ڀاڄين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪن پيا، سبزي مافيا ايتري ته سگهاري آهي جو کين ضلعي حڪومت سميت ضلعي عملدار به گوڏا کوڙي ويهي رهيا آهن. ضلعي حڪومت ۽ انتظاميه جي نااهلي جو ثبوت ته ڪيترين ئي شين ۾ ملي سگهي ٿو پر سبزي واري ايٽم بم ڪيرائڻ سان عوام جون ڪوڪون نٿيون رُڪجن. ضلعي حڪومت، حيدرآباد جو ميئر، ڊپٽي ميئر، سٽي چيئرمين سڀ ايم ڪيو ايم جا آهن تن لاءِ سندن پارٽي فرمان آهي ته اوهان ماٺ ڪري چُپ ۽ عوام لاءِ ڪجهه نه ڪرڻ جو روزو رکو ۽ بس پيپلزپارٽي حڪومت بجٽ نٿي ڏيئي رٽ لڳائي ويٺا هجو. حيدرآباد جو ڪمشنر، ڊي سي، اي سميت اعلٰي عملدارن جي حيدرآباد ۾ هٿرادو مهنگائي کي هٿي ڏيڻ واري روش خلاف ڪاروائي نه ڪرڻ افلاطوني مصلحت ظاهر ڪري ٿي. ضلعي حڪومت عوام جي لاءِ اڄ ڏينهن تائين ڪو به ساراهه جوڳو عمل نه ڪيو آهي، سنڌ حڪومت طرفان بجٽ ملڻ باوجود نه ئي ڪڏهن بجٽ صحيع معنٰي ۾ عوام جي لاءِ خرچ ٿي آهي نه ڪڏهن ظاهر ڪئي وئي آهي، ضلعي جي حڪومت جو حال قاسم آباد جي تعلقي واري سرڪار کان به تمام گهڻو خراب آهي.  
سبزي منڊي ۾ موجود واپارين نالي نه  ٻڌائڻ جي صورت ۾ ڄاڻ ڏني ته سبزي فروشن جي  مافيه به آهي جنهن کي ضلعي حڪومت طرفان مُڪمل سهڪار حاصل آهي ۽ ڪجهه واپارين کي حڪومت جو به مُڪمل هٿ آهي، تنهن ڪري مهنگائي واري طوفان عوام کي لوڙي ڇڏيو آهي، ٽماٽا 250 روپيه في ڪلو ملڻ لڳا. سنڌ ۾ قانون جي رٽ نه هجڻ برابر واري روئي کي هر ڀيري هاڪاري ۾ ئي جواب مليو آهي. آخر عوام لاءِ سبزي فروشن جي طرفان مهنگائي  جو ڪير ته نوٽيس وٺي عوام کي رليف ڏيندو؟ يا ان لاءِ به چيف آف آرمي اسٽاف کان مدد وٺڻي پوندي؟
سنڌ  ۾ موجود جيالن جي جهموري حڪومت کي حرڪت ۾ اچي ڪري عوام جي لاءِ عذاب جو منظر پيدا ڪندڙن خلاف قانون مطابق ڪاروائي ٿيڻ گهرجي ۽ حيدرآباد سميت سڀني  ڪمشنرز، ڊي سيز کي سبزي فروش واپارين جي هٿرادو مهنگائي خلاف مُڪمل ڪاروائي ڪرڻ لاءِ حُڪم جاري ڪيا وڃن ۽ سنڌ حڪومت کي ديرپا اُپاءَ وٺڻ گهرجن ته جيئن مستقبل ۾ ڪڏهن به مهنگائي ٿئي ته ضلعي عملدار پاڻمرادو حرڪت ۾ اچي قانون موجب ضلعي اندر عوام کي رليف پهچائن.

Post a Comment

0 Comments