
هڪ اسڪول ۾ پراڻي استاد کي پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ موڪل لاءِ وڄڻو پيو ان جي جاءِ تي هڪ ٻئي استاد کي مقرر ڪيو ويو .
نئي استاد ٻارن کي سبق پڙهائي ان جي تشريح مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هڪ طالبعلم کان سوال ڪيو ته ان جي شاگرد جي ارد گرد ويٺل ٻيا شاگرد وڏي آواز ۾ کلڻ لڳا جنهن تي استاد کي تمام گڻي حيرت ٿي ۽ سوچڻ لڳو ته ان جي ضرور ڪا وجه هوندي ...
خير استاد شاگردن جي نقل و حرڪت تي نظر ڊروڙائيندي آخر ۾ ان نتيجي تي پهتو ته جنهن شاگرد کان سوال ڪيو آهي اهو ڪلاس ۾ سڀ کان جڏو ، نڪمو ۽ سست شاگرد آهي. ٻين سڀني شاگردن جي کلڻ جي وجه به اها ئي هئي ته استاد سوال به اچي اهڙي جڏي شاگرد کان پڇيو جيڪو ڪنهن نه ڪم جو آهي...
جيئن موڪل ٿي سڀ ٻاهر وڄڻ لڳا ، استاد ڪنهن طريقي سان ان ٻار کي الڳ سان روڪي ورتو ۽ ان ٻار کي ڪاغذ تي هڪ شعر لکي ڏنو ۽ ان کي چيو سڀاڻي هن کي اهڙي ريت ياد ڪري اچجان جيئن پهنجو نالو ياد اٿئي.
ٻئي ڏينهن استاد ڪلاس جي بورڊ تي ساڳيو شعر لکي ان جي معنيٰ ۽ مفهوم سمجهائي اهو شعر ڊراهي ڇڏيو ۽ سڀني ٻارن کان پڇڻ لڳو ته اهو شعر جنهن کي ياد آهي ته اهو هٿ مٿي ڪري سڄي ڪلاس ۾ سواءِ ان ڇوڪري کان جيڪو هچڪچائي شرمائيندي هٿ مٿي ڪيو استاد ان کي چيو ته شعر ٻڌاءِ ته شاگرد اهو شعر سڀني جي سامهون بيهي ٻڌايو جنهن تي سڀئي شاگرد حيرت منجهان اکيون ڦاڙي ان کي ڏسڻ لڳا.
استاد ان ڇوڪري جي تعريف ڪئي ۽ سڀني کي ان جي حوصله افضائي ڪرڻ لاءِ تاڙيون وڄائڻ جو چيو.اهڙو عمل سڄو هفتو هلندو رهيو استاد شاگرد جي حوصله افزائي ڪرائيندو رهيو جنهن کا پوءِ سڀني شاگردن جوسلوڪ هن سان سٺو ٿيڻ لڳو ۽ ان شاگرد به پاڻ کي بهتر بنائڻ سستي ڪاهلي ۽ جڏائپ مان پنهنجو پاڻ کي ٻاهر ڪڍي پنهنجي اندر موجود صلاحيتن تي غور ڪرڻ لڳو نه صرف غور بلڪه پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي ٻين شاگردن سان مقابلا ڪرڻ لڳو.
امتحانن ۾ خوب محنت ڪئي ۽ بهترين مارڪون کڻڻ لڳو .
اڳلي درجي ۾ ۽ يونيورسٽين پهتو جتي هاڻين پي ايڇ ڊي ڪرڻ لڳو آهي.
اهيو سڀ هڪ اخبار ۾ هڪ شخصي قصو ڇپيل آهي هڪ شخص هڪ شعر جي ذريعي پنهنجي ڪاميابي جي ڏاڪڻ تي چڙهڻ شروع ٿو ڪري جنهن ۾ هڪ استاد جو ڪردار آهي جيڪو لڪي ان کي شعر ياد ڪرائڻ لڳو.
ماڻهو ٻن قسمن جا هوندا هڪ اهي جيڪي نيڪي جي ڪم کي فروغ ڏيندا آهن ٻين جي ڀلائي سوچيدا آهن انهن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ انهن جي هر قسم جي مدد ڪندا آهن هر قسم جو رڪاوٽون دور ڪندا آهن جيڪي يقينن انسانيت کي سمجهدا آهن جيڪي ٻين جا ڏڪ درد سمجهندا آهن ۽ انهن جا ڏک سڙهيندا آهن دل جاءِ ڏيندا آهن ته شل هو ان ڏکي وقت مان گذري وڃي .
ٻيا اهي ۾ماڻهو جيڪي شر فساد فتني جا دروازه کوليدا آهن ڪاميب ماڻهن جا پير ڪڊندا آهن ماڻهن جا حوصله پست ڪندا آهن ڪنهن جي خوشي ۽ ڪاميابي نه سهندا آهن هميشه ساڙ بغض حسد ۾ رهندا جيڪي انسانيت کا نا واقف ۽ انسانن جي روپ ۾ هڪ جانور جي حيثيت رکن ٿا.
هاڙين اوهان اگر ا ستاد آهيو، والد آهيو يا والده يا قائد يان هڪ شهري ....!
ڇا اوهان پنهنجا قسم بيان ڪري سگهو ٿا.؟؟؟؟!
0 Comments