Recent-Post

عورت جي تعليم ملڪي تعمير ۽ ترقي جي ضرورت

 


عورت جي تعليم ملڪي تعمير  ۽ ترقي  جي ضرورت..!!
سنڌيڪار: حبيب مرکنڊ

نيلسن منڊيلا چيو هو ته! "تعليم هڪ طاقتور آهي جنهن جي دولت سان ڪا به قوم، دنيا تبديل ٿي سگهي ٿي". هن هٿيار جي استعمال لاءِ ڇا صرف مردن تائين محدود ڪري سگهجي ٿو؟ ڇا ملڪ جي اڌ آبادي (عورت) هن تبديلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ٿي ڪري سگهي؟ جڏهن عورتن جي تعليم جو ذڪر اچي ٿو ته نپولين جو اهو جملو خوبصورت ياد اچي ٿو ته "توهان مون کي صحتمند (تعليم يافتہ) مائرون ڏيو، مان توهان کي مهذب ۽ تعليم يافتہ قوم ڏيندس". هن چند لفظن ۾ نپولين عورتن جي تعليم جي اهميت کي ايترو ته خوبصورتيءَ سان گڏ بيان ڪيو آهي، شايد ٻيو ڪوئي نه ڪري سگهي. عورتن جي تعليم اهميت طئه آهي، جيئن دنيا ڀر ملڪن ۾ تسليم ڪيو وڃي ٿي. هاڻي نياڻين جي قابليت کي چار ديواري جي حد تائين محدود نٿو رکي سگهجي، بلڪي دنيا ڀر ۾ انهن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا آهن. هاڻي صرف نياڻين جي شادي ڪرائڻ ئي والدين پنهنجو فرض نٿا سمجهن، بلڪه ان جي تعليم، تربيت ۽ ملڪ، قوم جي ترقيءَ جي ۽ انهن جي ڪردار جي حيثيت کي تسليم ڪري ٿو، ڇو ته اسلام به مرد ۽ عورت کي هڪجهڙي تعليم جو درس ڏنو آهي ۽ تعليم کي ٻنهي تي لازم قرار ڏنو آهي. تيزي سان ترقي ڪندڙ معاشرو به پڙهين لکين مردن کان علاوه پڙهي لکئي عورتن جو به متلاشي آهي ڇو ته ڪوئي به ملڪ عورتن جي ڪردار ۽ شموليت کان بغير ترقي ۽ تعمير جي منزل طئه نه ٿو ڪري سگھي. جيڪڏهن توهان ان جي باوجود  عورتن جي تعليم جي متعلق سوچ ويچار ۾ مصروف آهيو ته اسان کي يقين آهي ته هي ڪجهه نڪاتي ڳالهيون نياڻين جي تعليم ۽ ان جي اهميت متعلق  توهانکي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا.

اچڻ واري نسلن جي لاءِ سرمائي ڪاري:

هر شخص جي خواهش هوندي آهي ته ان جو اچڻ وارو نسل تعليم، تربيت بهترين انداز ۾ٿيل هجي ۽ هي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن تربيت ڪرڻ وارا هٿ باشعور ۽ تعليم يافتہ ھجي. هي تعليم ئي آهي، جنهن جي دولت سان ڪنهن به معاشري جي ماڻهن ۾ شعور آندو آهي ۽ تعليم جي گھٽ هجڻ ئي گھڻين ئي معاشرتي بيمارين جي جنم ڏيڻ جو باعث هوندي آهي. ماءُ جي هنج پهرين درسگاهه ثابت ٿيندي آهي ان جي لاءِ درسگاهه جيتري باشعور ۽ تعليم يافتہ هوندي، ممڪن آهي ايتري ئي بهتر انداز ۾ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ٿي ويندي. ان جي لاءِ نياڻين جي تعليم جي باري ۾ ماهرين جو چوڻ آهي ته جيڪو پئسو نياڻين جي تعليم تي خرچ ڪيو وڃي ٿو، سمجهو ته اهو پئسو قوم جي سرمائي ڪاري جي طور تي خرچ ڪيو وڃي ٿو.

ٻارن جي بهترين سار سنڀال:

عورتن ۽ ٻارن جي شرح موت جو مسئلو هڪ عالمي مسئلو آهي. صحت جي عالمي اداري جي هڪ رپورٽ جي مطابق 1990ع ۾ عالمي سطح تي پنج لک ٻٽيهه هزار عورتن جي موت جو رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو 2015ع ۾ گھٽ ٿي 3 لک 3 هزار جي انگ تي پهتو. هن مسئلي جو پاڙ کان خاتمو به عورتن جي تعليم سان جوڙيل آهي ڇو ته جيڪڏهن عورت تعليم يافتہ هوندي ته ماءُ بڻجن دوران پنهنجي ۽ پنهنجي ٿيڻ واري  ٻار جي بهترين سار سنڀال ڪري سگهي ٿي.

ننڍپڻ جون شاديون:

پاڪستان جي ٻهراڙين جي علائقن ۾ گھٽ عمر وارن ٻارن جي شادي جي روڪٿام لاءِ قانوني طور تي گھٽ کان گھٽ 18 سالن جي عمر مقرر ڪيل آهي پر ان جي باوجود به ٻهراڙين ۾ گھٽ عمر ٻارن جي شادين جو سلسلو جاري آهي. ننڍپڻ جي شادين جي وجهه فرسوده رسمن رواجن کي سمجهيو ويندو آهي انهيء وجهه جي ڪري عورتن جي تعليم جي اهميت کان انڪار به آهي. پاڪستان جي ٻهراڙين علائقن ۾ ٻارن کي اسڪول موڪلڻ جي عمر ۾ شادي جي رسيءَ ۾ ٻڌيو ويندو آهي ۽ هي فيصلو ڪرڻ وارا اڻ پڙهيل والدين جا هوندا آهن. ان جي برعڪس جيڪڏهن نياڻي تعليم حاصل ڪري رهي آهي ته ان جي شادي مناسب وقت تي ۽ سٺي گھراڻي ۾ ڪئي ويندي آهي.

معاشي  حالات:

مهنگائي جي هن دور ۾ هڪ پڙهي لکئي عورت، چاهي گھرواري جي روپ ۾ هجي يا ڀيڻ جي روپ ۾ هجي، معاشي ميدان ۾ مستحڪم هوئڻ ۾ توهان جو ساٿ ڏئي سگهي ٿي. جيڪڏهن عورت تعليم يافتہ هوندي ته اها ڪا سٺي نوڪري حاصل ڪري مهنگائي جو مقابلو ڪري سگهي ٿي. ان جي لاءِ ضروري آهي ته هر نياڻي کي تعليم ضرور ڏيڻ گهرجي ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به ڏکي صورتحال اها پنهنجي پيرن تي خود بيهي سگهي ۽ ڪنهن ٻئي ته ٻوجهه نه بڻجي...

 

Post a Comment

0 Comments