Recent-Post

سٺي استاد جون وصفون!



بني نوع انسان کي ھدايت ۽ رھنمائي جي لاءِ رب پاڪ پنھنجي طرفان پيغمبرن کي مقرر ڪري انھن جي مٿان پنھنجو ڪلام نازل ڪيو  ته جيئن اڻ سڌريل قوم پنھنجو ڪو نصب العين طئي ڪري ۽  پنھنجي زندگي کي سٺي نموني سان گذاري، پيغمبرن پنھنجيون ذميواريون خوش اصلوبي سان نڀائي ڪري انھن کي سئين واٽ ڏيکاري، اھڙي ريت استاد جي پيشي کي به پيغمبري پيشي سان سڃاتو وڃي ٿو، ھڪ استاد پنھنجي مختلف صلاحيتن جي ذريعي شاگردن کي اونداھين مان ڪڍي روشنيث ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

پيغمبر عليہ السلام به پنھنجي لاءِ معلم (استاد) جي لقب کي پسند ڪيو. سندن جو فرمان آهي ته "مان معلم (استاد) بڻائي موڪليو ويو آهيان" ان جي لاءِ ڪنھن به معاشري ۾ استاد کي ھڪ خاص مقام حاصل آهي. استاد جون ڪجهه  وصفون تحرير ڪجن ٿيون جن تي عمل پيرا ٿي ڪري  تدريسي عمل اڃان به پر اثر ۽ ڪارائتو ٿي سگهي ٿو.

 

وقت جي پابندي

ڪنھن به ڪم کي پڄاڻيءَ تائين پھچائڻ جي لاءِ اگر وقت جو صحيح استعمال ڪيو وڃي ته اھو ڪم سٺي ريت پنھنجي پڄاڻي تي پهچندو آھي. ڪامياب ۽ ترقي يافتہ قومون ڪڏھن به وقت جي سلسلي ۾ سمجھوتو نه ڪنديون آهن، جيتوڻيڪ اسان وٽ حالات ان جي ابتڙ آھن، استاد کي گھرجي ته تدريسي عمل ۾ ڪڏھن به ڪوتاهيون نه ڪري، وقت تي ڪلاس ۾ پھچي ڪري پوري وقت جي اندر پنھنجو پيريڊ پڙھائي، استاد جي ڪلاس ۾ غير حاضر رهڻ يا دير سان اچڻ جو اثر شاگردن مٿان پوندو ته اھي استاد جي ان رويي کي ڏسي ڪري تعليم ڏانھن گھٽ ڌيان ڏيندا ۽ غير ذميوار بڻجي ويندا.

 

استاد جو با اخلاق ھجڻ

استاد اھو شخص آهي جيڪو پنھنجي رويي سان ڪنھن به معاشري کي سنواري يا بگاڙي سگھي ٿو، ان ڪري استاد کي انھن عادتن کان بچڻ گھرجي جيڪي عادتون اڻ وڻندڙ آھن يا جن عادتن ذريعي ماحول ۾ فساد جنم وٺن ٿا. ان تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ڪلاس ۾ غير ضروري ۽ غير متعلقه گفتگو کان پاسو ڪيو وڃي.

 

سبجيڪٽ ۾ ماھر ھجڻ

استاذ جيڪو ڪجھ پڙھائي ان ۾ پاڻ ماھر ھجي ڇاڪاڻ ته جنھن استاد جي پنھنجي ذھن ۾ ان سبجيڪٽ متعلق شڪوڪ ھوندا ته اھو ڪيئن شاگردن تائين پنھنجو مافي الضمير بيان ڪري سگھي ٿو. پڙھائڻ کان پھريان استاد کي گھرجي ته سٺي تياري سان ڪلاس ۾ داخل ٿئي ته جيئن سٺي طرح شاگردن جي راھنمائي ڪري سگھي

 

طبيعت ۾ معتدل مزاجي

استاد جي طبيعت ۾ معتدل مزاجي جو ھجڻ به تمام گھڻو اھميت جوڳو آهي جو ان جي طبيعت ۾ نه ايتري سختي ھجي جو شاگرد ڪا به شيءِ پڇندي ڊپ ڪري ۽ نه استاد ايترو کليل طبيعت جو ھجي جو شاگرد ان کي ايتري عزت نه ڏئي سگھن جيتري عزت ان گي ڏيڻ گھرجي. بلڪه استاد کي ماھر نفسيات ھجن ضروري آھي ته ھو شاگرد جي نفسيات کي ڄاڻي سگھي. جھڙي ريت ھر شاگرد جي انفرادي صلاحيت مختلف ھوندي آھي اھڙي ريت ھر شاگرد پنھنجي طبيعت موافق ڪلاس ۾ رويو رکندو آھي ان جي لاءِ ڪلاس جي ماحول کي بھتر بنائڻ لاءِ ۽ شاگردن ۾ اتفاق ۽ يڪجهتي پيدا ڪرڻ لاءِ انھن جي ذھن کي پڙھي ڪري انھن سان الڳ الڳ  برتاءُ ڪري

 

شاگردن جي خوبين کي اجاگر ڪرڻ

ڪلاس ۾ شاگردن جي خوبين کي اجاگر ڪري، انھن جي حوصلي کي وڌائي ڪري شاگردن کي پڙھائي ۾ وڌيڪ شوق پيدا ڪندو آھي ۽ اھي اڳتي اچي ڪري پاڻ ملھائڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪندا آھن، اھڙي طرح شاگردن جي ننڍين ننڍين ڪاميابين تي انھن کي شاباس ۽ داد ڏيڻ گھرجي ۽ انھن جي خامين کي ٻين جي آڏو پيش ڪري وائکو نه ڪيو وڃي ان سان شاگردن جون صلاحيتون دٻجي وينديون ۽ اھي تعليم ۾ دلچسپي نه وٺي سگھندا، تنھنڪري استادن جي ذميواري آھي ته انھن جي جذبات کي ڄاڻي ڪري انھن سان برتاءُ ڪن.

 

خود اعتمادي پيدا ڪرڻ:

شاگردن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪئي وڃي ته جيئن اھي پڙھائي جي متعلق ڪو به ڪم ڪندي لڄ محسوس نه ڪن، شاگردن کي ھر ھفتي يا مھيني جي اندر اھڙو ڪو ڪم ڪرائجي، جھڙوڪ: گھرو ڪم، پريزينٽيشن، تقريري مقابلو، ڪوئز مقابلو ڏنو وڃي جنھن سان انھن جي خود اعتمادي بحال ٿئي ۽ اڳتي ھلي ڪري ڪو به ڪم ڪندي لڄ محسوس نه ڪن.

 

شاگردن جي سوالن جو احترام:

تدريس دوران ڪوبه شاگرد سوال ڪري ته ان کي روڪڻ يا  جھڙڪڻ بدران  تشفي طلب جواب ڏنو وڃي ته جيئن ھو ڪنھن خاص موضوع تي پنھنجو نظريو قائم ڪري سگھي، سوال جي ذريعي ئي پيچيده مسئلا حل ٿيندا آھن ۽ مختلف زاويه آشڪار ٿيندا آھن انڪري حديث مبارڪ ۾ سوال ڪرڻ کي اڌ علم جو درجو ڏنو ويو آھي. ان جي لاءِ استاد ۾ برداشت جي قوت ھئڻ به لازمي آھي ته جيئن ھو ڪنھن به سوال کي ٻڌڻ جي سگھ رکي سگھي.

مٿي ذڪر ڪيل وصفن کان علاوه به ڪئي وصفون  ٿي سگھن ٿيون، جن سان تدريسي عمل اڃان وڌيڪ ڪارآمد ۽ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو،  تنهن ڪري ضرورت هن ڳالھ جي آھي ته استادن کي ان حوالي سان آگاھي ڏني وڃي ته جيئن ھو پنھنجي فرض کي سٺي طريقي سان سرانجام ڏئي سگھن..

تحرير:

ضمير حسين سومرو


Post a Comment

0 Comments