تحرير: فوزيہ پريو
اڄ ڪلھ جي جديد دور ۾ ھر
بيماري جو علاج اچي چڪو آھي پر اڃا بہ ڪجھ اھڙيون بيماريون بہ آھن جن جي علاج جي کوجنا
جاري آھي جنھن ۾ ٿيلسيميا، ڪينسر ۽ تازو ڦھليل ڪورونہ جي عالمي وبا وغيرہ اھڙيون بيماريون
آھن جن دنيا کي پريشان ڪري رکيو آھي.
ڪينسر ھڪ بيماري جو مجموعو
آھي جنھن ۾ بيمار جيوگھرڙا
Abnormal Cells پنھنجي طاقت
سان جسم جي مختلف حصن ۾ پکڙجي ويندا آھن. اھي جيوگھرڙا بيقابو ٿي ڪري نارمل ٽشو سيلس Normal Tissue Cells کي ختم ڪري ڇڏيندا آھن، جنھن جي ڪري اھا
بيماري جنم وٺندي آھي.
ڪينسر جون ڪجھ نشانيون ظاھر
ٿينديون آھن جھڙوڪ: ٿڪاوٽ، جسم جي جنھن حصي تي ڪينسر ھجي اھو حصو ٿلھو ھوندو، وزن جي
گھٽتائي يا واڌ، چمڙي ۾ تبديليون جيئن پيلاھٽ، ڳاڙھاڻ، ساھ ۾ تڪليف ۽ کنگھ، ھاضمي جو
مسئلو ۽ بخار وغيرہ. ماھر ڊاڪٽرن جو چوڻ آھي تہ ڪينسر بيماري نہ آھي، بلڪہ ماڻھو صرف
ان جي بي حسي کان مري ويندا آھن. ان جي مطابق اگر ھيٺين طريقن تي عمل ڪيو وڃي تہ ڪينسر
ختم ٿي سگھي ٿي.
1. پھريون تہ ھر طرح جي کنڊ کائڻ ختم ڪرڻ
گھرجي، ڇو تہ اگر اسان جي جسم ۾ کنڊ جي مقدار نہ ھجڻ جي برابر ھوندي تہ ڪينسر جا جيوگھرڙا
قوتي طور تي ختم ٿيو وڃن.
2. ان کانپوء ھڪ گلاس پاڻي گرم ڪري ان ۾
ليمي جو رس ملائي صبح خالي پيٽ پيئڻ سان ڪينسر ختم ٿيو وڃي.
3. روزانہ 3 چمچا نامياتي ناريل جي تيل کائڻ
سان بہ ڪينسر ختم ٿي سگھي ٿو. اھو ئي سبب آھي تہ ماھر ڊاڪٽرن جو چوڻ آھي تہ ڪينسر قابل
علاج آھي. ڪافي اھڙا ڪيس بہ ملندا جن مريضن ۾ ڪينسر ختم ٿي ويو. پر ڇا اصل زندگي ۾
اھي سڀ شيون اثر ڪنديون؟ ڇا ڪينسر ڪيموٿراپي ۽ آپريشن کانسواء ختم ٿي سگھي ٿو؟ اچو
تہ ڪينسر جي قسمن تي ٿوري روشني وجھون:
1. ڇاتي جو ڪينسر:
2. بڪين جو ڪينسر
3. ڦڦڙن جو ڪينسر
4. پتي جو ڪينسر
5. آنڊن جو ڪينسر
6. وات جو ڪينسر
7. دماغ جو ڪينسر
8. اووري جو ڪينسر
انھن سڀني قسمن جي ڪينسر
جو علاج مختلف طريقن سان ڪيو ويندو آھي، جيئن؛ سرجري، ڪيموٿراپي، ريڊيئشن(برقي لھرون)،
امينيوٿراپي، ھارمون ٿراپي، ٽارگيٽ ڊرگ ٿراپي، ڪرائيوبليشن وغيرہ.
1. سرجري دوران ناسور ٿيل زخم کي جسم مان
الڳ ڪيو ويندو آھي تہ جيئن جيوگھرڙن جي وڌاء تي قابو پائي سگھجي.
2. ڪيموٿراپي جنھن کي اسان ڊرگ ٽريٽمينٽ
بہ چئي سگھون ٿا. ان ۾ طاقتور ڪيميڪل استعمال ٿيندا آھن جيڪي ڪينسر جي جيوگھرڙن جي
وڌاڀ کي روڪيندا آھن ڪيموٿراپي بہ ڪافي قسمن جي آھي
.
3. ريڊيئيشن ٿراپي ۾مشينن جي مدد سان ھائي
ڊوز ذريعي شديد قسم جا شعاع ڏئي ڪينسر ہي سيلس کي وڌڻ کان روڪيو ويندو آھي.
4. امينيوٿراپي ڪئي ويندي آھي دوائن جي ذريعي
تہ جيئن مريض جو اميون سسٽم برقرار رھي سگھي ء ڪينسر جي جيوگھرڙن کي مڪمل طور تي ختم
ڪري سگھجي.
5. ھارمون ٿراپي ۾ ڇاتي جي ڪينسر جو
علاج ڪيو ويندو آھي جيڪو ھارمون سان لاڳاپيل ھجي.
6. ٽارگيٽ ڊرگ ٿراکي ۾ مختلف قسمن جون دوائون
استعمال ڪري مخصوص جين ء پروٽين کي نشاني تي رکيو ويندو آھي جيڪي مدد ڪندا آھن ڪينسر
سيلس کي وڌائڻ ۾.
7. ڪرائيوابالييشن ٿراپي ۾ ھاء ليول جي ٿڌ
سان علاج ڪيو ويندو آھي. جنھن ۾ ھڪ سنھي نڊل اسڪن جي اندر پاس ڪئي ويندي آھي،. جيڪا
سڌي وڃي ڪينسر جي سيلس کي لڳندي آھي? ان س ھي نڊل ۾ گيس پمپ ڪئي ويندي آھي جيڪا ٽشوز
کي فريز ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آھي. پوء ٽشوز کي اجازت ڏني ويندي آھي پگھلجڻ لاء.
احتياطي اپاء: ڪينسر کان
بچڻ لاءِ ماھرن ڪجھ احتياط ٻڌايا آھن جن ۾ تمباڪ استعمال نہ ڪجي، سج جي گھڻي تپش کان
بچجي، غذا جو خيال ڪجي، پنھنجي وزن جو خيال ڪجي. پنھنجي خاندان جي ميڊيڪل ھسٽري ڏسجي
تہ ڪٿي اسان جي ابن ڏاڏن ۾ اھا بيماري تہ نہ ھئي وغيرہ شامل آھن.

0 Comments