Recent-Post

سنڌ اندر وڌنڌڙ لساني فساد



سيد امتياز حسين بخاري

 دوستن جا جذبات قابل قدر آھن ليڪن ان جو استعمال صحيح ھئڻ گھرجي موجود حالات سنڌي پشتون جي طرف وڃين رھيو آھي جيڪو ملڪ لاء مناسب نه آھي اصل ان جو ڪھڙو ڪارڻ آ ان کان توجھ ھٽائي پئي وڃين۔ واقعو ٿيو آھي ان جو جيڪو به سبب ھجي ليڪن ان جو نتيجو اھيو نه ھجڻ گھرجي آ ھڪ سنڌي  شخص جو قتل ظلم آھي ۽ ان جو انصاف ٿيڻ گھرجي گڏو گڏ تحقيقات به ٿيڻ گھرجي اھڙا واقعه ڇو ٿا ٿين؟ 

اخلاقي اصولي ۽ شرعي حوالي سان جنھنجو ڏوھ آ سزا به ان کي ملڻڻ گھرجي سنڌ تي ڌارين جي ڀيڙ وڏي آ، ليڪن ان جو ڪارڻ ڪھڙو ۽ ان جو ذميوار ڪير آھي؟ ان جي خلاف آواز بلند ٿيڻ

ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ جي ٺھرائڻ ۾ ڪير ذميوار آ؟ ڌارين کي ڪنھن آباد ڪيو؟

جيڪو ٽريڊ شروع ڪيو ويو آھي ته پٺاڻن جا دڪان ٿا بند ڪرايا وڃن ڇا ان سان مسئلو حل ٿيندو يا ان سان ملگير مسئلا وڌندا؟ انھن کان خريداري ڇو نه ٿا بند ڪرايو؟ پٺاڻن کي ملڪيتون ڪنھن وڪڻي ڏننيو ۽ ڇو انھن خلاف ڇو خاموشي آ، ايڪشن جو ري ايڪشن ۾ ڪيترا ئي سنڌي پشتون مسئلن جي ور چڙھندا، ھتي پشتونن سان مسئلا ڪنداسين ته جتي سنڌين سان مسئلا ٿيندا ان جو ذميوار ڪير ھوندو؟ پنھنجا فيصلا پاڻ ڪنداسين ته پوء رياست ۽ قانون ڪھڙي جاء تي بيھندا۔ 

ذميدار قوم ٿي پنھنجي ذميداري سمجھڻ گھرجي نه انتشار 

.طرف وڌجي ان سان نقصان گھڻو فائدو معمولي ٿيندو



Post a Comment

0 Comments