Recent-Post

سنڌ اندر موجوده لساني جھيڙو


 

شروع الله جي بابرڪت نالي سان!


سنڌ ۾ مؤجوده لِساني جهيڙو!

تحرير: محسن ظفر علي


ڪنهن به معاشري کي تباه ڪرڻ جي لاءِ جهالت ڪافي هوندي آهي، ان جي لاءِ ڪنهن به اندروني يا بيروني سازشن ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي آهي، اگر ڪنهن ظلم ڪيو آهي ته اُن کي ظلم جي سزا ڏيڻ جي لاءِ ادارا موجود آهن،اوهان ادارن جي جنگ وڙهو باقي قانون کي پنهنجي هٿ ۾ کڻڻ سان سواءِ نقصان جي ڪجه به نه ورندو آهي.

جيتري قدر ڳاله سنڌ جي اندر ٻين صوبن مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ رهاڪُن جي آهي ته اِها هجرت نه ڪو عيب آهي ۽ نه وري پناه ڏيڻ ڪو گناه، ها البت انتظامي غلطي ضرور آهي جنهن کي سڌارڻ حڪومت جي ذميداري آهي ۽ ڪامورن کي اِن ذميداري کي محسوس ڪرائڻ جي لاءِ اوهان وٽ ڪيترائي طريقا ۽ رستا موجود آهن، هِن وقت دنيا جا ڪيترائي ملڪ اِهڙا آهن جيڪي مهاجرن کي پناه ڏيڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا، جڏهن مهمان ڪا غلطي ڪري وجهي ته اُتي ميزبان جي خانداني تربيت جو امتحان هوندو آهي. رنگ، نسل، مذهب ۽ ٻولي تي جهيڙو ڪرڻ، پاڻ ۾ وڙهڻ اِها انسانيت جي توهين آهي ۽ بلڪي هيٺين درجي جي حرڪت آهي جيڪا نه ٿيڻ گهرجي.

اوهان کي اگر ڪو نه ٿو وڻي ته پنهنجي انفرادي پسند کي اجتماعي پسند قرار ڏيڻ شدت پسندي آهي، مون فيسبوڪ تي اسان جي سنڌي ۽ پشتون دانشورن جا مؤقف پڙهيا ۽ ٻُڌا آهن ته ٻنهي طرف شدت پسندي ئي شدت پسندي آهي،  جڏهن ته اسانجي خطي جي اِها ريت نه رهي آهي ها اگر رهي آهي ته پوءِ معذرت سان مهمان نوازي وارو لقب پاڻ کان هٽائي ڇڏڻ گهرجي پوءِ اِها دعويٰ درست آهي جنهن جا هن وقت اوهان داعي آهيو،

دنيا جي قومن جي تاريخ پڙهي ڏسو، اگر دنيا جي تاريخ پڙهڻ ۾ عار محسوس ڪيو ٿا ته پوءِ سنڌ جي ئي تاريخ پڙهي ڏسو، جيڪا قوم پنهنجي تاريخ وساري ڇڏيندي آهي اُها مستقبل جي خطرن کان به آگاه نه ٿيندي آهي ڇو ته تاريخ هوندي ئي ماضي مان سبق سکي حال ۾ درست فيصلا ڪرڻ جي لاءِ آهي، دنيا جي بدلجندڙن حالات تي گهري نظر وجهندا ته اوهان کي ڪٿي به ڏاڍ مڙسي واري تحريڪ نه ملندي جتي مار ڪُٽ وارو جهان هجي، اوهان باعقل آهيو ۽ عقل جي ذريعي پنهنجي حڪمت عملي سان ڪا به تحريڪ وڙهڻ گهرجي.

ها اگر اوهانکي وڙهڻو آهي سنڌ جي لاءِ ناسور ٿيندڙ بي شعوري، لاعلمي، غربت، انسانيت جي توهين ڪندڙ سياست خلاف قلم جي جنگ وڙهو باقي بندوق جي جنگ ذريعي سنڌ جيڪو حاصل ڪيو آهي، اُها سڀنين جي علم ۾ آهي.

انساني شعور جي مطابق قوم، قبيلو، ٻولي، رنگ، نسل ۽ لباس اِهي سڀ شيون فقط انسان جي سڃاڻپ جي لاءِ آهن انهن کي هدف نه بڻائڻ گهرجي، سڃاڻپ کان علاوه انهن جي ٻي ڪا به حيثيت نه آهي.

ائين به ناهي ته سمورو قصور هتان جي رهاڪُن جو آهي، جيڪي ٻاهريان لڏپلاڻ ڪري اچن ٿا انهن مان اڪثر ڪري پهاڙي علائقن سان تعلق رکن ٿا انڪري سندن رويا به اُن مطابق هوندا آهن جيئن سنڌ جو رهندڙ سڌي سنئين زمين ۾ رهي ٿو ۽ هتان جي زمين اڪثر ڪري نرم ٿيندي آهي ته انڪري سندن رويا به نرم ٿين ٿا، اصل جهيڙو ان روين جو آهي، جڏهن ٻاهريون ماڻهون هتي اچي ٿو ته اُن کي مقامي ثقافت جي رنگجڻ ۾ وقت لڳي ٿو انڪري انهن کي وقت ڏيڻ گهرجي، اگر اُن جي باوجود به ڪو نه سمجهي ته ان کي سمجهائڻ جا ٻيا به کوڙ طريقا موجود آهن مگر ڏاڍ مڙسي وارو طريقه هرگز نه آهي. جيتري قدر ڳاله ڪاروبار ۽ صنعت جي آهي  ته ان جي لاءِ به قانون جا رستا موجود آهن، ڪاروبار، زراعت ۽ صنعت ئي قومن کي خوشحال ڪيو آهي، اِن سان مقامي طور تي به فائدا آهن، ائين ناهي ته رڳو نقصان آهن.

اِن جهيڙي جا نتيجا انتهائي هاڃيڪار آهن ڇو ته اسان سڀ هڪٻئي جي علائقن ۾ اچون وڃون ٿا، هڪٻئي سان دعا و سلام، دوستيون ۽ رشتيداريون پڻ آهن ائين نه ٿئي جو سڀاڻي هڪٻئي جي علائقن ۾ اچڻ وڃڻ تان به خون ٿيندا رهن جيڪو نه ٿيڻ گهرجي، هِن وقت جيڪي به ماڻهون ڀلي انهن جو تعلق ڪنهن به قوم ۽ قبيلي سان هجي جيڪو ڪجه به ڪري رهيا آهن غلط ڪري رهيا آهن ۽ جيڪو ٿي رهيو آهي غلط ٿي رهيو آهي.

ياد رکو!

جنهن جا جذبات سندس عقل جي تابع نه هوندا آهن، اُن کي استعمال ڪرڻ تمام آسان هوندو آهي ۽ هِن وقت جي حالات ۾ سڀئي جذبات ۾ اچي استعمال ٿي رهيا آهن.

Post a Comment

0 Comments