تحرير: ڪونج پليجو
اڄ جي دور جي ڳالھ
ڪريون ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي تعليم ۾ڪوبه سڌارو ناهي آيو. ٻهراڙي جي
ماڻهن جي رھڻي ڪھڻي ۾ ڪو به سڌارو نه آيو آهي. ڳالهه ڪجي ته سنڌ ۾ تعليم ۽ خواندگي
جي شرح
(Education and Literacy Rate) ڪيتري
آهي؟ ٻين صوبن مطابق سنڌ جي تعليم ڪهڙي انگ تي آهي؟ اچو ته بحث ڪريون.
انگن اکرن جي ڊوڙ ۾ اھو
صوبو جيڪو تعليم جي شرح ۾ اڄوڪي دور ۾ سڀ کان اڳ آھي اھو پنجاب آهي. 1971ع ۾
خواندگي جي شرح ۾ 20.07 سيڪڙو ۽ 1998 ۾ 46.60 سيڪڙو ٿي. پر جيئن سال گذرندا ويا،
پنجاب صوبي تعليم کي بهتر بڻايو. 2012ع ۾ خواندگي جي شرح 71 سيڪڙو ٿي وئي. وري
2014ع ۾ 61 سيڪڙو ٿي وئي. هاڻي پنجاب پنهنجي تعليم کي باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ بهتر
بڻائي ڇڏيو آهي. ٻئي نمبر تي سنڌ آهي. Education & Literacy Rate ۾ سنڌ جو Literacy Rate موجب
سنه 1971ع ۾ سنڌ جي تعليم واري شرح 30.20 سيڪڙو هئي جيڪا ان وقت ٻين صوبن جي ڀيٽ
بهتر هئي. هن ريٽنگ ۾ سنڌ جو پڙهيل لکيل ماڻهن جو انگ ٻين صوبن کان وڌيڪ هو. سنڌ
1981ع ۾33.5 سيڪڙو، سن 1998ع ۾ 45.29 سيڪڙو ٿي. ساڳئي سال پنجاب جي Literacy rate ۾ اضافو ٿيو ۽ سنڌ ٻي نمبر تي اچي ويو. موجوده Economic Survey of Pakistan 2019 Report مطابق سنڌ جي Literacy rate 63.0 سيڪڙو مان 62.2 سيڪڙو تائين گھٽجي آهي ۽ ساڳئي وقت ۾ ٻين صوبن ۾
بهتر ٿي آهي. ٽئين نمبر تي خيبرپختونخواه صوبو آهي تعليم جي شرح جي فهرست ۾،
دهشتگردي جي ڪري مائٽ پنهنجي ٻارن کي اسڪول نٿا موڪلين. 2012، 2013 ۽ 2014 ۾
تقريباَ 60، 52 ۽ 53 سيڪڙو هئي. هاڻوڪي رپورٽ ۾ ٻڌڻ آيو آهي ته 30 سيڪڙو Literacy rate ۾ واڌارو ٿيو آهي. چوٿين نمبر تي بلوچستان آهي تعليم ۽ خواندگي جي
شرح جي فهرست ۾. بلوچستان تعليم ۽ خواندگي جي شرح مطابق ٻين صوبن کان تمام گھڻو
پوئتي آهي. بلوچستان پاڪستان جو ايراضي يا رقعبي جي لحاظ کان وڏو صوبو آهي پر
آبادي ۽ آدمشماريءَ ۾ سڀ کان آخريون صوبو آهي. بلوچستان جي جاگرافي جي لحاظ سان
ريگستان ۽ گهڻي باڱي جبلن تي مشتمل آهي، انهيءَ ڪري هتي اسڪول جھڙي بنيادي عمارت
به مشڪلاتن ۾ آهي. بلوچستان جي خواندگي جي شرح 2012، 2013 ۽ 2014ع 50، 44 ۽ 43
سيڪڙو رهي.
سنڌ سرڪار جو تعليم تي
توجه نه ڏيڻ ھڪ ازلي رواج پيو لڳي. منھنجي زندگي ۾ مون تہ اک کولڻ کان وٺي اڄ
تائين اھو ئي ڏٺو آھي تہ سنڌ حڪومت جي ئي پاليسي درحقيقت تعليم دشمن آھي. ھر ڀيري
نئين پاليسي جنھن جو حقيقتن سان ڪوبہ تعلق ناھي ھوندو.
پاڪستان جي صوبي پنجاب
۾ گورنمينٽ جي سرڪاري اسڪولن ۾ تمام گھڻي توجه ڏئي رهي آهي ۽ ان جا مثبت نتيجا پڻ
ڏسي سگھجن ٿا. هر سال ڪتابن جا ڪورس نئين ايڊيشن ۾ آسان ڪيا وڃن ٿا ته جيئن وڌ ۾
وڌ علمي رسائي ٿي سگھي. سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ تمام گھٽ توجه آهي، استادن جو
باقاعدگي سان اسڪول نه اچڻ، گھر ويٺي پگھار کڻي رهيا آهن. سنڌ سرڪار جي خاص طور تي
ٻهراڙي جي اسڪولن تي توجه نٿي ڏي، اسڪولن جي عمارتن جي حالت به تمام تمام خراب
هوندي آهي، اسڪول جو فرنيچر پراڻو ۽ ٽٽل آهي. ان تي به سرڪار ۽ رتعليم خاتي جي
ڪابه توجه نه آهي. اهڙي عدم توجه جي بدولت تعليم ۽ ٻارن جو مستقبل خطري ۾ پيل آهي.
سنڌ جي ماضي جي تعليم ۾
استادن جون خوبيون سج جيان روشن ھيون. ماضي جا استاد تمام سٺي طريقي سان پنهنجي
عهدي کي عزت ڏيندا هئا. جيتوڻيڪ استاد هڪ پيغمبري پيشو سمجهيو وڃي ٿو، استاد تنهن
وقت ان فرض جي عزت ڪري پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندا هئا، پابندي سان پنهنجي ڊيوٽي
ڪندا هئا. انهن کي ڏسي ٻار پاڻ به اسڪول اچڻ ۾ دلچسپي وٺندا هئا. استاد هر هڪ ٻار
تي مڪمل توجه ڏيندا هئا، ته جيئن ٻار کي خڱيءَ طرح سمجھ اچي وڃي، استادن پنهنجي
شخصيت کي رول موڊل ڪيو ته ٻار ان مان متاثر ٿي ڪري اسڪول ايندا هئا.
ماضي ۾ مائٽن جو ڪردار
ڪجھ ائين آهي ته ماضي ۾ مائٽ پنهنجي ٻارن کي استادن جي حوالي ڪري ڇڏيندا هئا ۽
چوندا هئا ته اسان جي ٻارن کي پڙهائي لکائي هڪ بهتر انسان بڻايو ته اڳيان هلي ڪري
پنهنجي سٺي مقام کي پڄن ۽ پنهنجي مقصد کي ڪامياب ٿين. ٻار استادن جي ڳالهه پڻ
مڃيندا هئا. پر اڄ جي دور جي ڳالهه ڪريون ٿا ته جيڪڏهن استاد ٻار کي سٺي رستي تي
هلڻ لاءِ چون ٿا ته مائيٽ به استاد جي ڳالهه تي عمل لاءِ چوندو هو، پر اڄڪلهه جا
مائيٽ ان جي ابتڻ آهن، بجاءِ پنهنجي اولاد کي سمجھائڻ جي اهي پنهنجي ٻارن ڳالهه
بڌي استاد جي شڪايت ڪن ٿا. استاد جھڙي پيشي رکندڙ انسان کي دنيا جي سمورن ملڪن جي
عدالت ۾ پيش ڪرڻ به ان پيشي تي داغ رکڻ کان پرهيز ڪن ٿا نه ئي انهن جي احترام ڪو
اتي جو شهري اٿي نه بيهندو هجي، هتي ان جي ابتڙ آهي، هتي مائٽ ان استاد جي نصيحت
جو سبب پڇن ٿا، سزا جو ڪارڻ پڇن ٿا پر سندن تعليم لاٰءِ انهن کان ڪجھ نه پڇندا. اڳ
۾ مائيٽ ٻارن کي نصيحت ڪندا هئا جنهن هڪ نصيحت اهيان هوندي به هوندي هئي ته استاد
ٻارن (شاگردن) جو ماءُ پي ٻئي آهي، پر اڄ انهن جي کي جوابدار سمجھجھي ته ڪابه حيرت
نه لڳندي.
موجوده ٻهراڙي ۾ تعليم
جي تباهي ۾ ڳوٺ جا وڏيرا سرڪاري اسڪولن کي پنهنجي اوطاقون بڻايو ويٺا آهن، سندن
اثر و رسوخ وڏو يا ايترا بااثر آهن جو هن اسيمبلي جي نمائندن سان ملي ڪري پنهنجي
جاهل رشتيدارن کي به رشوت ۽ سفارش جي عيوض قوم جي ٻارن جي مستقبل جو سودو ڪري رهيا
آهن. اسڪولن ۾ پنهنجي چوپايي لاءِ واڻا ٺاهي ڇڏيا آهن، ته ڪجھ وري اتي شاديون
منعقد ڪندا آهن يا پنهنجا پنهنجا پروگرام ڪندا آهن. ڳوٺ جا وڏيرا هيٺين طبقي جي
ٻارن کان ۽ انهن جي مائيٽن کان ڪم وٺندا آهن، جيئن ته اڄوڪي ايڪويهه صدي ۾ اهيو جرم
ٿيڻ نه گھرجي، جتي اڄ انهن وڏيرن کي پنهنجي ڳوٺ جي ٻارن جي سٺي مستقبل لاءِ سرڪار
کي بحيثيت هڪ ڳوٺ جو نمائندو ٿي ڪري اپيلون ڪري، عرض ڪري ته اسڪول کوليا وڃن، ڪتاب
۽ فرنيچر مهيا ڪرائين يا عمارتن جي مظبوطي لاءِ فنڊن جي عرضي ڪرڻ جي اهي ابتو انهن
کي هر طريقي سان بگاڻي رهيا آهن.
ٻئي پاسي سرڪار اهڙي
بنيادي سھولتن لاءِ اپاءُ نه وٺي رهي آهي، نه ئي اها استادن جي کوٽ کي ختم ڪري ٿي
نه اسڪول کولڻ ۽ انهن کي هلائڻ لاءِ ڪابه سنجيدگي نٿي وٺي. ٻهراڻي ۾ مائيٽن جو گھر
گھڻو ڪري روزانو جي اجرت تي هلي ٿو، اتي هو پنهنجي اولاد کي ڪتاب، يونيفارم ۽
ڪاپين جي خرچن کان پچڻ لاءِ به پنهنجي ٻارن کي اسڪول نٿا موڪلين، انهيءَ ڪري پڙهيل
لکيل معاشري کي اڏوئي لڳي ٿي انهن جي انگ ۾ ڪمي اچي ٿي. اهڙن سببن جي ڪري ٻهراڻي
جي تعليم تباهه آهي.
تعليم جي بهتري لاءِ
صلاحون:
• سرڪار کي گهرجي ته تعليم تي سٺي بجٽ
مقرر ڪري.
• استاد جي کوٽ کي گھٽايو وڃي.
• اسڪول جي عمارتون محفوظ بڻايو وڃي.
• استاد کي تعليم ۽ ان جي بهتري لاءِ
ٽرينگون ڪرائين.
• ڪتابن جي موجودگي يقيني بڻائي وڃي.
• مينيجمنٽ مان هڪڙو عملو به رکيو وڃي
جيڪو ٻهراڙي ۾ ڳوٺ ۾ مائٽن کي تعليم جي اهميت سمجهائين ۽ سندن ٻارن کي اسڪول جي
داخلا لاءِ راضي ڪن.
• داخلا جي واڌاري لاءِ اپاءُ ۽
پاليسيون نصب ڪن.
• هر مهيني وزٽ لاءِ ٽيم موڪلين.

0 Comments