تحرير : بختاور سنڌي
سنڌ اسان سڀني جو تاريخي
وطن جنھن جي مختلف ماڳن ۾ اسان سڀني جو جنم ٿيو۔ هن سنڌ ڌرتي تي خدا جي خاص رحمت وسندي
پئي اچي. جتي توهان کي سنڌ جي تھذيب سان شاھوڪار لاڙ ۾ سادگي ۽ سولي زندگي گذارڻ جا
نمونا ۽ لاڙ واسين وٽان عزت، پيار ۽ مان مرتبو ملندو، اتي ئي اوهان کي لاڙ پٽ ۾ انيڪ
مسئلا بہ ڏسڻ ۾ ايندا. جن مان ڪجھ مسئلا لاڙ جي نياڻين جا بہ آھن جيڪي اسانجي سماج
۾ ٻڌڻ ۽ پڙھڻ ۾ ايندا. اچو تہ اھڙن مسئلن تي ھڪ نظر وجھون ۽ انھن مسئلن جي جي ڇنڊڇاڻ
ڪريون.
توهان ان جائزي مان
گذري چڪا هوندا ته اسان وٽ هميشه نياڻين کان وڌيڪ مان ۽ مرتبو پٽن کي ڏنو وڃي ٿو. اسان
وٽ تعليم به صرف پٽ جو حق آهي، عزت به صرف پٽ جي لاءِ ۽ سڀ خواهشون به صرف پٽن جون
ئي پوريون ڪيون وڃن ٿيون. اهي ئي فرق اڳتي هلي اسان جي نياڻين لاءِ انيڪ مسئلا پيدا
ڪن ٿا. جھڙوڪ؛ 1ـ تعليم حاصل ڪرڻ دؤران ايندي ويندي لوفرن جا پيڇا ڪرڻ ۽ تيزابي حملا:
جڏھن بہ ڪا نياڻي تعليم حاصل ڪرڻ وڃي ٿي تہ اوباش ڇوڪرا انھن کي رستي تي تنگ ڪن ٿا.
اھڙيون کوڙ رپورٽون موجود آھن جن ۾ اھڙن اوباشن معصوم نينگرين کي بليڪ ميل ڪيو ۽ نياڻي
جي انڪار ڪرڻ تي سندس چھري مٿان تيزاب اڇليو. جيڪو نياڻي جي زندگي زھر ڪرڻ کان بہ وڌيڪ
خطرناڪ ۽ سخت غيرقانوني قدم آھي، جنھن جي ڪري ڪافي موت بہ واقعات ٿي چڪا آھن. 2ـ جنسي
اڻ برابري ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ جنسي طور ھراسان ڪرڻ: غريب نياڻيون پنھنجي خاندان ۽ ٻچن
جي گذرسفر لاءِ جڏھن نجي ادارن ۾ وڃي نوڪري ڪن ٿيون تہ اھي درندہ صفت حيوان نما انسان
اتي بہ ٻھروپن جي شڪل ۾ ويٺا آھن ۽ کين جنسي طور ھراسان ڪري پريشان ڪن ٿا. 3ـ سوشل
ميڊيا جي استعمال تي پابندي: معلومات کي وسيع ڪرڻ لا سڀ کان اڳڀرو اسان جو سوشل ميڊيا
ئي رهيو آهي. اسان سوشل ميڊيا جي ذريعي ڪيترا ئي ڪم سر انجام ڏيندا آهيون. سوشل ميڊيا
وقتن بوقتن اسان کي سهولتون فراهم ڪندو پيو اچي. اسان پنهنجي پڙهائي به سوشل ميڊيا
جي ڪيترن ئي ايپليڪيشن جي ذريعي ڪريون پيا. اهڙي طرح ٻيا هزارين ڪم پڻ ڪريون ٿا. سوشل
ميڊيا ماڻهن سان ڳنڍجڻ جو اهم ذريعو پڻ بنجي چڪو آهي. ان ئي ڳاله جي اگر ٻئي پاسي نظر
وجهون. ان ئي ساڳي سوشل ميڊيا جي سهولت اسان جي نياڻين کي موصول ناهي اگر ڪڏهن اتفاق
سان ڪا نياڻي استعمال ڪري به ٿي ته ماڻهن جي تنقيد جو نشانو بڻجيو پوي. اسان جي معاشري
جي ننڍڙي سوچ هر سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ ڇوڪري کي غلط قرار ڏي ٿي.، جيڪو ايڪيھين
صديءَ جو ڀيانڪ ترين الميو آھي ۽ وڏن وڏن معتبر انسانن جون نياڻيون بہ سندن ان ھدف
۽ ظلم ستم جو شڪار ٿيو پون، جيڪو لاڙ پٽ ۾ اڃا وڌيڪ آھي، ڇوتہ ھتي قبيلن ۽ قومن جي
پس منظر کي ڏسبو تہ ان علائقي تي نہ صرف غير سنڌين جو اثر آھي پر وڏو داٻو ۽ شموليت
پڻ اٿن، جنھن جا اثرات سڌا سنئان معاشري تي پون ٿا. 4. علم حاصل ڪرڻ لاء ڪڏهن پيءُ جي پابندي ته ڪڏهن
ڀاءُ جي انا: لاڙ پٽ جي علائقن ۾ اسان وٺ شعور نه هئڻ جي ڪري تعليم گهٽ آهي، جتي دور
ترقي طرف گامزن آهي اتي لاڙ جا اڃان به ڪافي علاقا پٺتي پيل آهن. تعليم هر عورت ۽ مرد
تي فرض آهي مگر ڏٺو وڃي تي ڪجه علائقن جا ماڻهون اڃ به غيرت جي نالي تي پنهنجي نياڻين
کي تعليم نه ڏئي انهن جي زندگي خراب ڪريو ڇڏين ڪڏهن ڪو پيءُ نياڻي کي پڙهائي به ٿو
ته ان جا پٽ ئي ان لا مسئلو بڻجو پون اهو ئي سبب آهي جو هو قدم اڳيان نٿو وڌائي ائين
جي غيرت جي نالي تي هڪ وڌيڪ حياتي بيڪار ٿيو پئي. 5. ننڊي عمر ۾ پرڻائڻ جا مختلف رواج:
مختلف علائقن علائقن جا مختلف رواج رهيا آهن ڪٿي پسند جا پرڻا تٿي زوري لاڏيون جتي
شادي سان انسان جي زندگي ٺهي ٿي اتي ئي ان جا ڪافي نقصان به پڻ آهن سب کان وڏو نقصان
تڏهن آهي جڏهن اسين لالچ خاطر پنهنجي ٻارهان ورهين جي ننڍڻي معصوم پرڻايون ٿا ننڍڻي
عمر ۾ اهي ئي نياڻيون گهر سنڀالڻ کان قاصر هونديون آهن اڳتي هلي اهو ئي انهن جي طلاقن
جو سبب نڻجي ٿو اگر ڪٿي اهڙيون شاديون هلي به وڃن ٿيو پو به انهن کي ڪافي مسئلا درپيش
ايندا آهن.6. ڪنهن محفل ۾ خوش مزاج ٿي ڪنهن سان ڳالهائڻ تان روڪ: ڪير چاهي ٿو ته اسان
جي زندگي بي مزي هجي جتي اسان وٺ سخت مزاجي هجي اتي ٿوري نرم مزامي به ڪجي اسان هميشه
محفلن جا مور رهيان آهيون مخفلن ۾ يا تقريبن ۾ وڃڻ سان اسان ۾ اٿڻ ويهڻ جو سليقو پيدا
ٿيندو آهي اهو ئي سبب آهي جو اسان هر اسان سان سٺي طريقي ڳالهائي سگهون ٿا تقريبن ۾
جڏهن به منهنجو وڃڻ ٿيو مون ڏٺو ڪا نه ڪا ڇوڪري پنهنجي آس پاس جي ماحول کان حوصله شڪني
جو کاڄ ٿي رهي هئي اسان جا وارس هميشه پنهنجي مرضي سان اٿارين ويهارين ٿا ڪڏهن به پسند
جي جاء تي ناهن ڇڏيندا تقريبن ۾ ڪنهن ڃاتل سهيلي سان هميشه ڳالهائڻ کان انڪاري رهيا
آهن دنيا جي چوڻ تي پنهنجي ئي نياڻين جي سپنن جي لتاڻ ڇو آخر. 7. پنهنجي حق ۾ ڳالهائڻ
تان روڪ صرف ان ڪري ته هوءَ هڪ ڇوڪري آهي: اسان پاڻ کي خوش نصيب
چئون ٿا ڇو جو اسان سنڌ درتي جي لاڙ تي جنم ورتو انيڪ مسئلن جي هوندي به خوش نصيب
آ اهو شخص جيڪو مسئلن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي اسان ۾ اهيا همت هجي جو حق لا آواز
اٿاريون اهيا تربيت جيڪڏهن پنهنجي نياڻين کي ڏيون ته هزار مسئلا پاڻ ئي حل ٿي پوئندا
اسان انهن جي مسئلن کي نظر انداز ڪرڻ بجاء انهن جو حوصلو بڻجون. 8 شادي کان پو نوڪري
ڪرائڻ کان انڪار: توهان ان ڳاله کان واقف هوندا ته تعليم ماڻهون کي انسان بنائي ٿي
تعليم انسان کي ٻين جي مدد ڪرڻ جو درس ڏي ٿي تعليم جو مقصد اهيو هر گز ناهي ته انسان
شادي کان پو مڪمل تعليم کي وساري ڇڏي اسان جي سماج جو اهم مسئلو آهي ته جڏهن به ڪنهن
پڙهيل لکيل ڇوڪريءَ جي شادي ٿيندي آهي اسان اهيو ئي چوئندا آهيون هاڻ گهر سنڀال جڏهن ته اسين اهيو نٿا ڃاڻون ائين
ڪري اسين پنهنجو ڪيترو وڏو نقصان پيا ڪريون اهيا ئي نياڻي اڳتي هلي اسان جو معاشرو
سڌاري سگهي ٿي. 9. غيرت جي نالي تي به هميشه ڇوڪري جو قتل: اسان وٽ هميشه ڪئي واقعا
اسپتالن جي زينت رهيا آهن. ڪڏهن غيرت ته ڪڏهن ڪاري ڪارو وارو معاملو ائين ڇو اسان اڃان
به جاهيلاڻي دور ۾ آھيون اسان کي ڪهڙو حق آهي ڪنهن جي حياتي وڃائڻ
جو ڇا اسان ۾ نالي برابر احساس ناهي رهيو ڪڏهن اسان ان الزامن هيٺ ڪڏهن پنهنجي ئي ڳڀرو جوان
پٽ جا قاتل ٿيو پئون ڪڏهن سون جهڙي ڌيءَ هٿن مان وڃايو ڇڏيون.
زندگي جي هر موڙ تي وقت
تي يزيدن جو کاڄ هميشه ڇوڪريون ئي ڇو؟
ڇا ڇوڪرين جا حق ناهن ڇا
ڇوڪريون تعليم حاصل نٿيون ڪري سگهن اسان هميشه ڇوڪرين ۾ ئي فرق ڇو رکندا آهيون جڏهن
ته اسان جي دين جي پيروي ڪريون ٿا اتان به اهيو ئي سبق ملي ٿو ته نياڻين کي به برابر
حق ڏيو پو به اسان ان معاملي ۾ اڄ تائين جاهل آهيون اسان سمجهون ٿا هر ڳاله پر غيرت
جي نالي تي اهڙا ڪم ٿا ڪريون جيڪي اڳتي هلي اسان لاء مسئلا ٿيندا
لاڙ اتر هجي يا وچولو سنڌ
ھجي؛ هر جاءِ تي ھزار مسئلا درپيش آهن۔ سوال اهو آهي تہ آخر انهن مسئلن کي حل ڪئين
ڪجي؟ ان سوال جو جواب منھنجي ذھن مطابق مرد ۽ عورت گڏجي ھڪ گڏيل سٺو معاشرو تشڪيل ڏئي
سگھن ٿا . اهو تڏهن ئي ممکن آهي جڏهن اسان نياڻين کي تعليم ڏيون ۽ انهن ۾ ڪنهن قسم جو فرق نه ڪريو
نياڻي کي خدا جي رحمت سمجهون سڀني کي گهرجي ته اهڙو قدم کڻن جيڪو سندن نياڻين کي ترقي
ڏي. وڌيڪ سنڌ جا سڄاڻ ساڃاھ وند ئي ان ڳالھ جا مڪمل حل ڏيئي سگھن ٿا.

0 Comments