Recent-Post

ناڪامي جا مکيہ سبب!

 



ليکڪ : قاسم علي شاہ

سنڌيڪار: اشرف النسا لاڙڪ

ھن دنيا ۾ گھڻي قدر ماڻھو ناڪام ۽ تمام گھٽ ماڻھو ڪامياب آھن. دنيا جي نظام کي ھلائڻ لاء اللہ تعالي ڪجھ قانون ۽اصول ٺاهيا آھن جن جي مطابق ڪجھ بہ پاڻهي ناهي ٿيندو. ھر واقعي جو ڪو سبب آھي ۽ ھر منظر جو ڪو پس منظر آھي. ماڻھو غور و فڪر جا عادي ناھن ان ڪري اھي اڻ وڻندڙ واقعن جا ڏک پاليندا رھندا آھن ۽ انھن واقعن جي اصل وجہ ڄاڻڻ کان بغير ھو ھر ڪم کي قسمت تي ڇڏي ڏيندا آھن. ڪامياب ٿيڻ توھان جو شعوري انتخاب آهي پر ناڪامي لاشعوري طور تي توھان جي مقدر جو حصو بڻجي ويندي آهي. جھڙي طرح ڪامياب ٿيڻ لاءِ مخصوص نظريا ۽ فلسفا درڪار آھن ائين ئي ناڪامي بہ بلا وجہ توھان جي  حصي ۾ نہ ايندي. ناڪام انسان جي بدقسمتي اھا آھي تہ ھو ناڪاميءَ جا سبب ڳولڻ جي ڪوشش نہ ڪندو آهي. زندگي الله تعالي جي طرفان مليل انمول تحفو آهي ۽ ان جو قدر ڪرڻ جو بهترين طريقو اھو آھي تہ توھان زندگي گذارڻ جي فن کان واقف ھجو.

ڳالھ ڪندا آھن تہ ھڪ دانشور صبح صبح جھنگ مان گزري رهيو هو ته رستي ۾ ان ھڪ ڪاٺير ڏٺو جيڪو آري سان وڻ ڪٽي رھيو ھو. شام جو جڏھن دانشور واپس آيو تہ ان ڏٺو شام جو بہ ھو اھو ئي وڻ ڪٽڻ ۾ مصروف آھي. دانشور ھمدردي جي انداز ۾ ڪاٺير کان پڇو "ادا پورو ڏينھن گذرڻ جي باوجود وڻ توهان کان ڇو نہ ڪٽجي سگھيو؟"  ڪاٺير نظر انداز ڪرڻ جي انداز ۾ وراڻيو تہ "منھنجو آرو تيز ناھي" دانشور وراڻيو تہ " توھان کي ٿورو بيهي ڪري پھريان آرو تيز ڪرڻو ھو" ڪاٺير چيو "مون کي ايترو ٽائيم نہ ھو". دانشور احترام سان چيو "ادا جيڪڏهن تون صبح جو ڪم شروع ڪرڻ کان پھريان ٿورو وقت آرو تيز ڪرڻ ۾ لڳائين ھان، تہ اڄ جي سڄي ڏينھن جي محنت جي بدلي ۾ تون ڪيترن ئي وڻن جو ڪاٺ حاصل ڪري وٺين ھان." زندگي گذارڻ جا گر بہ ھن حڪايت ۾ لڪل آھن. اگر اسان جواني جي ڏينھن ۾ ھڪ دفعو منظم طريقي سان محنت ڪري وٺون ها تہ آئندہ وقت لاء زندگي کان  گھڻو ڪجھ حاصل ڪري سگھون ٿا.  وقت تي محنت اوھان کي بي وقت حسرت ۽ پريشاني کان بچائي ٿي. وڏي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش جوانيءَ ۾ ڪرڻي پوندي آهي. اڄ جي سختي ڪنھن وقت جي سڪون جو سبب بڻجندي ناڪام ماڻھو پنھنجي زندگي جو بهترين وقت مزي سان گذاريندا آھن، ايندڙ وقت ۾ پوء قسمت کي روئندا آھن. ڪامياب ماڻھو وقت تي سخت محنت ڪندا آھن، تڪليفن کي برداشت ڪندا آھن ۽ مستقبل ۾ پنھنجي محنت جو صلو حاصل ڪندا آھن.

ناڪام ماڻھو پنھنجي زندگيءَ جي مقصد کان نا واقف ھوندا آھن ھنن کي اھاخبر ناھي ھوندي تہ ڪھڙا ڪم ھو بهتر طريقي سان ڪري سگھن ٿا. ناڪام ماڻھو پنھنجا مقصد طئي نہ ڪيا ھوندا آھن. ناڪام ماڻھو کي خبر ناھي تہ انھن کي زندگيءَ ۾ ڇا ڇا حاصل ڪرڻو آهي. اھي کائڻ پيئڻ سمھڻ جاڳڻ ۽ آخر مرڻ کي زندگي سمجھندا آھن. اگرچہ زندگي ھڪ تلاش ۽ جستجو جو نالو آھي. ناڪام ماڻھو بد ديانتي جا به عادي ھوندا آھن، جيتوڻيڪ ڪاميابيءَ لاءِ ڪا لازم و ملزوم صفت آھي ته اھا ايمانداري آهي. ڪاميابيءَ جو ڪو شارٽ ڪٽ ناھي ھوندو اھا ايمانداريءَ سان حاصل ٿيندي آهي. ناڪام ماڻھو سمجھندو آهي تہ بي ايمانيءَ سان ھو گھڻو پيسو ڪمائي ويندو، حقيقت ۾ انسان پوري زندگيءَ ۾ بي ايماني ئي پاڻ سان ڪندو آهي. جيڪڏهن اسان کي الله کان مڙئي ڪجھ بہ گھرڻو آھي تہ پوءِ بہتر آ نہ گھرون ڇو جو جنھن جي مت ماريل ھجي ان کي بري ڀلي جي خبر ئي نہ پوندي آهي.

بيشمار ماڻھو ھڪ ٻہ دفعا ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ھارائي ويھندا آھن. ماڻھو ناڪاميءَ کان بيزار ٿي ڪوشش ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ اھا ئي انھن جي ناڪاميءَ جو وجہ ھوندو آھي. تاريخ گواہ آهي تہ انسان کي ان جون ڪاميابيون سبق نہ سيکارينديون آھن پر ناڪامين کان ضرور سکي ويندو آهي. ناڪامين کان سبق سکڻ وارو ناڪامي جو سبب ڄاڻي ويندو آهي ۽ آخر ڪار ڪامياب ٿي ويندو آهي. ان جي برعڪس ناڪام ماڻھو ناڪاميءَ جي وجہ ڄاڻڻ ئي نه چاهيندو آهي. ناڪاميءَ جي هڪ وڏي وجه ضبط نفس جي ڪمي آهي. پاڻ تي مڪمل اختيار حاصل ڪرڻ کانپوءِ توهان ماحول ۽  حالات تي اثرانداز ٿي سگھو ٿا. ناڪام ماڻھو سب ڪجھ بدلڻ چاھيندو آ پر پاڻ کي بدلڻ نه چاھيندو آهي، ان لاءِ ھو ناڪام ئي رهندو آهي. ناڪام ماڻھن جي زندگيءَ ۾ جوش جذبي نالي ڪا شيءِ ناهي ھوندي، ان جي برعڪس ڪامياب ماڻھو جنون جا داستان لکڻ جا عادي ھوندا آھن. اھي ڪامياب ٿيڻ جي فقط خواھش ئي نہ ڪندا آھن پر انھن کي ڪامياب ٿيڻ جو جنون ھوندو آھي. ڪامياب ماڻھن جا وڏا وڏا خواب ھوندا آھن جيڪي انھن کي سکون وٺڻ نه ڏيندا آهن.

ناڪام ماڻھو پرائز بانڊ، لاٽري ۽ پرچي نڪرڻ جو انتظار ڪندا رھندا آھن, اھي ڪاميابيءَ جا غلط ذريعا آھن. ڪنھن ھڪ چانس مان مليل رقم ڪنھن ٻئي چانس ۾ ھلي ويندي آهي. ڪاميابي فقط دولت و شھرت جو نالو ناھي پر ڪاميابي اھا ذھني پختگي آهي جيڪا دولت و شهرت کي سنڀالي رکي ۽ اھا ذھني پختگي طويل محنت ۽ صبر سان حاصل ٿيندي آهي. ناڪام ماڻھن کي پنھنجو پيشو ۽ ڪم پسند نه ھوندو آھي. ان ڪري ئي انھن کي پنھنجو پيشو عظمت ۽ ترقي نہ ڏياريندو آهي. اھو ڪم جيڪو توھان جي پسند جو ناھي اتي توهان صرف وقت گذاريندا آھيو. اگر توھان کي پنھنجي ڪم سان محبت ٿي پوي تہ توھان کي وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿئي. ماڻھن جو ھڪ وڏو تعداد ھر فن مولا ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جڏھن تہ ڪاميابي ڪنھن بہ ھڪ شعبي ۾ ماھر ٿيڻ سان ملندي آھي. چار طرح جون ڊگريون حاصل ڪري توھان تعليم يافتہ چورائيندا پر ان سان توھان صاحب علم ڪڏهن نه ٿي سگھندا. هڪ جهڙو مزاج رکندڙ گڏ رھڻ پسند ڪندا آھن. ناڪام ماڻھن جون دوستيون به ناڪام ماڻھن سان ھونديون آھن. وڏو مقصد رکڻ وارو شخص ڪڏهن به بي مقصد ماڻھو سان سڪون حاصل نه ڪندو. ڪامياب ماڻھو پاڻ جھڙي يا پاڻ کان بھتر سان دوستي ڪرڻ چاھيندو آھي. ناڪام ماڻھو ٻين جو تعاون يا مدد  نه وٺي سگھندا آھن ڇو جو ھو پاڻ به ڪنهن جي مدد نه ڪندا آھن ان لاءِ ماڻهو به ھنن کي پسند نه ڪندا آهن.

رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جن  فرمايو آھي تہ جڏھن الله تعالي ڪنھن جي بھتري چاھيندو آهي تہ ان جي باطن کي ان جي پنھنجي سامھون آشڪار ڪندو آهي.

ان کان وڏي ڪنھن جي لاءِ ڪا سزا ناهي ته ان کي پنھنجي ناڪاميءَ جي سبب جي خبر نه ھجي. توهان ڪامياب ٿيڻ لاءِ اڄ کان ئي پنھنجي ناڪاميءَ جي سببن کي تلاش ڪيو. توھان حيران ٿيندو تہ انھن مان گھڻا سبب ختم  ڪرڻ توھان جي پنھنجي وس ۾ ھوندا آھن ڇو جو مالڪ ڪل ڪائنات توھان کي ھر سٺي بري جي انتخاب جي پوري طاقت عطا ڪري فرمايو آهي ته : 

"انسان کي اھو ئي ملندو آ جنھن جي اھو ڪوشش ڪندو آهي".

 

Post a Comment

0 Comments