Recent-Post

آن لائن راندين جا ٻارن جي زندگيءَ تي پوندڙ ھاڃيڪار اثر


آن لائن راندين جا ٻارن جي زندگيءَ تي پوندڙ ھاڃيڪار اثر

ٽيڪنالاجي جي عروج جو زمانو ھلي پيو ۽ اڄ جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ جتي آنلائن گيمز نوجوانن کي پنهنجو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي اتي انهن جي زندگيءَ جي ترجيحن کي به مڪمل تبديل ڪري ڇڏيو آهي. آن لائن راندين جي غير مهذب عادت ٻارن ۾ نفسياتي، جسماني ۽ سماجي مسئلا پيدا ڪري رهي آهي. هڪ مشهور چوڻي آهي ته “ هر شيءَ جي گھڻائي excess خراب هوندي آهي” هي نه صرف لفظن جو مجموعو آهي ۽ نه ئي وري ڪتابن جي ڳالهه، بلڪه ان ۾ هڪ حقيقي ۽ وڏو سبق سمايل آهي، يعني زندگي جو هر اهو عمل جنهن ۾ ماڻهو سڀني حدن ۽ حالتن کي پار ڪري وڃي اهو ان لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو آهي، جيئن وڌيڪ کائڻ نقصانڪار آهي ته حد کان وڌيڪ بک تي رهڻ سان به منفي اثر پون ٿا، تنهنڪري زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اعتدال جي عادت کي اپنائڻ ۽ ٻين کي به ان جي تلقين ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ جي هن جديد دور ۾ جتي هر انسانُ افراتفري جو شڪار بڻيو آهي ته اتي انسان کي درپيش سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته روزاني زندگي تمام خراب بڻجندي پئي وڃي ۽ زندگي جا اهم ترجيحات مقرر ڪرڻ تمام غلط بڻجي چڪا آهن. ڪنهن وٽ ايترو وقت ناهي جو پنهنجي يا پنهنجي آس پاس ۾ رهندڙ ماڻهن جي روزمرهه جي زندگي کي سنواري ڪري فائدمند بڻائي سگهي. اهو به ممڪن آهي ته انسان شايد زندگيءَ جي آسائشن کان بچائيندي اندروني طور تي سست بڻجي چڪو آهي. پر اڄ ڪلهه جي وڌندڙ هن ٽيڪنالاجي جي جديد ايجادون ۽ آن لائن سستم بناشڪ شهبي جي هر گهر ۾ هڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي. سموري دنيا جو هڪ هٿ ۾ ٿي وڃڻ کان پوءِ انسان لاءِ ٻه رستا کليل آهن، يا ته انهن سهولتن مان فائدو وٺي مثبت استعمال ڪري يا انهن کي منفي ۽ ناڪاري استعمال ڪري پنهنجي زندگي کي ناڪام ۽ نقصانڪار بڻائي. اڄوڪي ٽيڪنالاجي ۽ تفريحي دنيا ۾ ٻارن سان تعلق جي ڳالهه ڪئي وڃي ته آنلائن ويڊيوز گيمن يا اليڪٽرانڪ راندين جو وسيع استعمال ۽ ان جا منفي اثر ڪنهن کان لڪيل نه آهن ۽ هي مسئلو اوڀر، اولهه ۽ پوري دنيا ۾ تقريبن ساڳيو آهي. وڊيو ۽ آن لائن راندين ۾ ٻارن جي دلچسپي انهن جي زندگي جي سڀني پهلوئن ۾ نقصانڪار ثابت ٿي رهي آهي، يقينا جيڪڏهن گيمن کي گيم سمجهيو وڃي ته اهو فائديمند آهي، پر جيڪڏهن انهي کي حقيقت ۽ ترجيح سمجهيو وڃي ، ته اها نقصانڪار آهي.

 

آنلائن راندين جو ٻار ڪيئن عادي ٿي ويو آهي؟

دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ هر ٻار معصوم هوندو آهي، هن کي اهو سڀ ڪجهه سکڻو پوندو آهي، پوءِ هن کي، هن جا والدين يا هن جا ٻيا ماڻهون کيس سيکاريندا آهن، پر سوال اهو آهي ته هڪ معصوم ٻار ڪهڙي طرح نفسياتي چيلنجز ڏيڻ واري ويڊيو گيمز جو شڪار ڪيئن ٿيندو آهي؟ ان جو اصل ڏوهه والدين جو يا پاڻ ٻار جو آهي، جيڪي معصوم ٻارن کي شروعات ۾ روئڻ کان بس ڪرڻ جي لاءِ موٽ ۾  موبائل فون يا وڊيو گيمز مهيا ڪن ٿا ۽ ٿوري وقت ۾ جڏهن ٻار اهي شيون صحيح نموني سان استعمال ڪرڻ لڳي ٿو ته پريشان ٿيڻ بدران ٻارن جي ذهانت تي فخر ۽ خوشي محسوس ڪن ٿا. جنهن جو معيار اهو آهي ته ننڍپڻ ۾ سندن ٻار ٽچ موبائيل ۾ راندين کيڏڻ ۾ ماهر بڻجي ويو آهي. اهو سوچڻ، سمجهڻ جي بغير ڪنهن ننڍڙي ٻار ۾ پيدا ٿيڻ واري عادت ڪئين دير تائين مضبوط ٿي ويندي ۽ ان کان پوءِ اهي رانديون سندس ترجيح بڻجنديون. هي آهي جتان ترجيحن جو غلط اندازو لڳائڻ شروع ٿيندو آهي. پهرين غلطي والدين ڪندا آهن ته اهي پنهنجي ٻارن لاءِ ٻين صحتمند سرگرمين جي وڊيو گيم کي ترجيح ڏين ٿا ۽ ٻي غلطي ٻارن جي، پنهنجو ضد آهي ته بار بار سمجهائڻ جي باوجود اهي پڙهائي ۽ صلاحن کي نظرانداز ڪن ٿا ۽ راندين کي ترجيح بڻائين ٿا.

 

آن لائن راندين جي نتيجي ۾ نفسياتي مونجهارا:

هن حقيقت کان انڪار ناهي ته هڪ مڪمل ۽ ڪامياب شخصيت جي تعمير کي ڪيترن ئي عنصرن جي ضرورت پوندي آهي، جن ۾ جسماني، ذهني، روحاني، نفسياتي، سماجي ۽ جذبات شامل آهن. پر مثالي شخصيت اهو آهي جنهن ۾ انهن سڀني عنصر جو توازن موجود هجي. يونيورسٽي آف وسڪانسن جي محقق شان گين جي مطابق، ويڊيو رانديون ڪنهن شخص جي شخصيت کي بدلائڻ جو هڪ اهم ذريعو آهن، هن مڃيو آهي ته ويڊيو گيمز جي استعمال جي نوعيت ڪنهن انسان جي شخصيت ۽ ذهني ڪارڪردگي تي اثرانداز ٿيندي آهي. جڏهن ته اهي رانديون دماغ کي تيز ۽ متحرڪ ڪري سگهن ٿيون پر اهي ذهن کي به غير مفيد بڻائي سگهن ٿيون. اهڙي طرح آسٽريليا، 2019ع ۾ هڪ جامع تحقيق ڪئي وئي ته ٻارن جي ذهني نشونما تي وڊيو راندين جي اثرن بابت، جنهن اهو معلوم ڪيو ته ٻار جيڪي انتهائي آن لائن رانديون کيڏندا آهن هڪ عجيب تڪرار انهن جي دماغ ۾ هوندو آهي ۽ انهن جي ذهنن ۾ محروميءَ جا احساس ۽ انتقام وٺڻ جي خواهش ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ به وڌيڪ هوندي آهي. برطانيه ۾ ٿيندڙ تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته ٻارڙا جيڪي هڪ ڏينهن ۾ هڪ ڪلاڪ کان به گھٽ وڊيو راند ڪندا آهن انهن ۾ ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سماجي رابطا هوندا آهن، پر جيڪي ٻارَ هڪ ڏينهن ۾ پنجن ڪلاڪن کان وڌيڪ ويڊيو گيمز کيڏندا آهن ، اهي مجموعي طور تي پنهنجي زندگي مان گھٽ مطمئن هوندا آهن.

 

عام صحت جا جسماني مسئلا:

2018ع ۾ يونيورسٽي پٽسبرگ جي انسٽيٽيوٽ آف ڪينسر جي طرفان خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪي ٻار موبائل فون جو استعمال حد کان وڌيڪ ڪندا آهن، انهن ۾ ڪينسر جو گهڻو وڌيڪ خطرو هوندو آهي. اداري پنهنجي تحقيق ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته موبائل فون مان خارج ٿيندڙ برقناطيسي شعاعون بالغن جي ڀيٽ ۾ ٻارن جي دماغ ۾ وڌيڪ داخل ٿي سگهن ٿيون. اهڙي طرح اڄڪلهه هر هڪ نه ٻئي ٻار کي عينڪ پاتل ڏسڻ ۾ ايندي آهي، اکين جي خرابي ڪا وبائي مرض نه بلڪي انسان جو خود پيدا ڪيل مسئلو آهي ، جنهن ۾ سڀ کان وڏو ڪردار موبائل فون ۽ اليڪٽرانڪ گيجٽ جي استعمال جو آهي.

 

آنلائن راندين جا خطرا:

هنلدڙ ڪجهه سالن ۾ اسان سڀني وڏن آن لائن راندين جا نالا ضرور ٻڌا هوندا، جيڪي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ متنازع بڻيل آهن، ان مان هڪ “پب جي” ۽ ٻئي “نيرو ويل”. انهن ٻنهي راندين کي پاڪستان سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ پابندي کي منهن ڏيڻو پيو، پر ڇا سبب هو؟ سبب اهو هو ته اهي رانديون خاص طور تي ٻارن کان وڌيڪ ماڻهن ۾ نفسياتي ۾ مسئلا پيدا ڪري رهيون هيون. پاڪستان جي ڳالھ ڪريو ته مئي، جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ لاهور پب گيمز کيڏڻ کان منع ڪرڻ تي هڪ 16- ، 18- ۽ پوءِ 20 سالن جي ڇوڪري خودڪشي ڪئي. تنهن ڪري آن لائن راندين جي بيچيني عادت ذهن کي ايتري حد تائين خراب ڪري سگهي ٿي، جئين اهي پرتشدد آن لائن راندين جي صورت ۾ ٻين کي مارڻ سان گڏ انهن جي ملڪيت جي تباهي مان لطف اندوز ٿين. پر اڪثر اهو سلسلو راندين تائين محدود نه هوندو آهي، پر اهڙين راندين جي عادت، نوجوان ماڻهو ۽ ٻار منشيات ۽ خراب عادتن جا عادي ٿي ويندا آهن ۽ ڏوهن ڪرڻ جي نوان طريقا سکي وٺندا آهن، ڪو به شڪ ناهي ته اهي رانديون ماڻهن تي تشدد ڪرڻ ۽ اهي پڻ قتل ڪرڻ جا منفرد ڏاهپ سکاري رهيون آهن. جيڪا ملڪ ۾ ڏوهن جي واڌ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پاڪستان ۾ پب جي گيم تي ڪجهه ڏينهن لاءِ پابندي مڙهي وئي هئي پر جلد بحال ٿي وئي. اهڙي طرح ماڻهن کي خودڪشي ڪرڻ جي لاءِ ڀِڙڪائڻ جي الزام ۾ بليو ويل راند کي هاڻي پوري دنيا ۾ بند ڪيو ويو آهي.

 

ڇا ٺوس حڪمت عملي نقصان گهٽائي سگهي ٿي؟ 

ٻارن ۾ آن لائن ۽ ويڊيو گيمز جي وڌندڙ عادت کي ختم ڪرڻ جو حل گيمن تي پابندي ناهي، جيڪا اسان کي ٽيڪنالاجي ۾ پوئتي ڇڏي ٿي ۽ ٻارن جي تفريح کي ختم ڪري ٿي. بلڪي حل مضبوط رٿابندي ۾ آهي. ان جو سڀ کان وڏو مثال چين جو وٺي سگهون ٿا ته گذريل ڪجهه سالن کان چين آن لائن راندين کيڏندڙ ٻارن تي ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جهڙو ماحول جوڙيڇڏيو آهي، يعني ويڊيو گيمز کيڏڻ جو وقت گهٽجي ويو آهي. پابندين تحت 18 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي رات 10 وڳي کان صبح 8 وڳي تائين آن لائن راند کيڏڻ جي اجازت ناهي، جڏهن ته انهن کي ڏينهن ۾ 90 منٽن لاءِ صرف آن لائن رانديون ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي اهڙي طرح 16 سالن کان گهٽ عمر وارا ٻار آن لائن گيمن تي هڪ مهيني ۾ 28 ڊالر تائين خرچ ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته 18 سال ۽ وڏي عمر وارن لاءِ هڪ مهيني ۾ 56 ڊالر هوندو آهي. اهڙي طرح جيڪي سڀئي آن لائين رانديون کيڏين انهن کي انهن جي اصل نالن تحت رجسٽر ڪرڻ ضروري گهرجي. ان ڪري آن لائن گيمن جي منفي اثرات کي گهٽائڻ ۽ ٻارن کي ان جي عادت کان بچائڻ لاءِ پاڪستان ۾ حڪومتي سطح تي پڻ اهڙي مضبوط حڪمت عملي اختيار ڪري سگهجي ٿي.

والدين جي سڀ کان وڏي ذميواري:

والدين جي سڀني کان وڏي ذميواري آهي ته هو پنهنجي ٻارن کي راند جي منفي اثرن کان بچائين. والدين کي سڀ کان پهريان هڪ اهڙو گيمن جو وقت جوڙڻ گهرجي، جنهن ۾ گيمن جي ڪلاڪن کي محدود رکيو وڃي. ٻارن کي ننڍپڻ کان ئي مصروف ۽ صحت جي سرگرمين ۾ مصروف رکڻ جي ڪوشش ڪجي، ڇو ته ٻار فارغ وقت ۾ ويڊيو رانديون وڌيڪ استعمال ڪن ٿا، جئين ڪورونا جي خطرناڪ اثرن جي ڪري تعليمي ادارا بند پيل آهن ۽ ٻار تقريبن فارغ به آهن. ان دوران والدين جي ذميواري آهي ته هو پنهنجن ٻارن تي ويجهي نظر رکن ۽ انهن کي ڪورونا جهڙي موذي وبا کان بچائڻ ۽ انهن جو تعليمي نقصان گهٽ ڪرڻ لاءِ خاص خيال ڪن.

اسڪولن جي طرفان ٻارن کي هوم ورڪ ۽ آن لائين ڪلاس وٺڻ لاءِ چيو ويو آهي ۽ والدين کي گھرجي نرم يا سخت نموني سان پنهنجن ٻارن کي انهن سرگرمين ۾ مصروف رکن، ان جو مطلب ٻارن کي راندين تي پابندي ڏيڻ نه آهي، پر اهو ڏينهن لاءِ مناسب شيڊول ٺاهڻ ضروري آهي. انهي کي به يقيني بڻائڻ گهرجي ته ٻارن اسڪريننگ کانسواءِ فطرت سان گڏ وقت گذارين، ان جو مطلب آهي ته انهن کي متبادل وڊيو گيمز ۽ ٻين سرگرمين سان گڏ مهيا ڪيون وڃن. ٻارن کي ٽيڪنالاجي کان پري رکڻ ڪو سولو حل نه آهي، پر انهن کي ٽيڪنالاجي جو مثبت ۽ اثرائتو استعمال سکائڻ جي ضرورت آهي ٻارن کي اهڙِن مصروفيتن ۾ آڻڻ گهرجي جن ۾ هو ڪمپيوٽر سکن ۽ نوان نوان پروگرام پاڻ ٺاهي سگھن ٿا. ان کان علاوه ڪنهن به جسماني سرگرمي، راندين جي حوالي سان يوٽيوب چينل شروع ڪرڻ جي طرف راغب ڪري سگهجي ٿو، پر اهو به والدين جي نگراني هيٺ هجڻ گهرجي. اهڙي طرح جيڪڏهن ٻار رانديون کيڏڻ کان وڌيڪ پنهنجي گهروارن، خاص طور تي گھر ڀاتين سان گڏ گذارين ته ان جو پڻ مثبت اثر ٿيندو، جنهن سان محبت وڌندي، جيڪڏهن ٻار فقط رانديڪن تي وڌيڪ دلچسپي رکي ٿو ته پوءِ خاندان پڻ غلط جاءِ بڻجي وڃي ٿو. ان ڪري ٻارن سان رابطو وڌايو وڃي ته جيئن اهي گهريلو معاملن تي وڌيڪ ڌيان ڏين ۽ گهر وارن سان انهن جو پاڻ ۾ اعتماد مضبوط ٿي سگهي ٿو.

 

حڪومت کي بہ کپي تہ انھن راندين جي کيڏڻ لاءِ قانون سازي ڪري، ۽ مائٽن ۽ استادن کي انھن قانونن تي ھلڻ جو پابند ڪري، جنھن ۾ ڪجھ مخصوص وقت ۾ ٻارن کي توانو رکڻ لاءِ جسماني راندين تي بہ آمادہ ڪجي تہ جيئن ٻارن جي صحت سان. ٿيندڙ آنلائن راندين پاران ويڌن گھٽائي، ٻارن کي مڪمل انسان ڪرڻ واسطي ڪجھ عملي ڪم ڪري، کين ھڪ مھذب ۽ باشعور شھري بڻائجي

سنڌيڪار: حبيب مرکنڊ

sharfdinmarkhand@gmail.com

 


Post a Comment

0 Comments