Recent-Post

سحر شاه ۽ اصغر سومري جي شاديءَ جو معالمو


 

مشھور معروف شخصيت ۽ آرٽسٽ سيدماڪن شاھ رضوي جي نياڻي سحر شاھ نقوي اصغر سومري نالي ھمراھ سان شادي ڪري ڇڏي جنھن تي سيد ماڪن شاھ پنھنجي ڌي کي سومرو سڏيندي ان کان پنھنجو تعلق ختم ڪري ڇڏيو

 

جنھن جي ڪريسيد عورت جو غير سيد مرد سان شادي واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي ھڪ بحث ڇڙي ويو آھي

 

لبرل سوچ رکندڙ چئي ٿو ته ھن جي گھر ۽ خاندان کان سواء ھي سماج صفا آزاد ھجي صفا ننگو ھجي ھر قسم

جي آزادي ھجي نه پي ماء جي عزت ھجي نه ڀاء ڀيڻ جي سڃاڻپ ھجي نہ حيا ھجي نه شرم ھجي نه نڪاح ھجي نہ طلاق ھجي نه وري خدا جو قانون ھجي،

 اھو سجو سلسلو دور جھالت ۾ ھيو پر پوء اھي قومون غرق ٿي ويون ڇو جو خدا جي نافرماني ڪيائون خدا

پاران موڪليل پيغمبرن کي اھميت نه ڏنائون اڄ اھي قومون تاريخ جو بدترين سياہ باب آھن

 

لبرل سوچ ھميشھ ٻين جي نياڻين جي لاء آزادي گھري ٿو جڏھن ته ھو پنھنجي گھر ۾ پنھنجي نياڻي

جي لاء پنھنجي سوچ مطابق تربيت ۽ فيصلا پاڻ ڪري ٿو،

 

اسلام کان پھريان عورت جي ڪا عزت ڪون ھئي اسلام جي اچڻ کان پوء عورت کي حق مليو عورت

کي عزت ملي عورت کي ماء  پي ڀاء ڀيڻ ۽ مڙس جي نالي وارا رشتا مليا جن جو پھريان ڪو وجود ڪون

ھيو ان کان علاوه عورت کي گھر جي عزت ملي اسلام عورتن ۾ ماء جي قدمن ھيٺان جنت رکي ڇڏي

پر شرط آھي ته ماء جا قدم به اھڙا ھجن جھڙي طريقي سان اللہ ان کي رتبو ڏياريو آھي.

 

پچو ان پي ماء کان جن پاليو پڙھايو عزت ڏني اعتماد ڪري آزادي ڏني ته اسان جي نياڻي اسان جو فخر ناز مان رکندي پوء جڏھن اوھو فخر مان ناز اھا نياڻي ٽوڙي ڪنھن لوگھي ٽائپ جي ڪڍ لڳي پوندي آھي تہ شايد پي ماء جي لاء اھو ٽائم سڀ کان ڏکيو ھوندو آھي.


 

سحر شاھ به ڀلي وڃي اصغر سومرو سان شادي ڪري ھا

پر والدين کي راضي ڪري ھا انھن جو مان رکي ھا باقي

سيد ۽ غير سيد واري شادي الڳ ڳالھ آھي

 

 جنھن عورتن سان نڪاح ڪري سگھجي

ٿو اھو قرآن م واضع لکيل آھي جيڪي علماء حضرات وقت جا فقيہ مذھبي اسڪالر قرآن پاڪ جي آيتن جي تشريح ۽ رسول خدا صلي الله عليه وسلم جي احاديث تي عبور رکن ٿا انھن جي رھنمائي حاصل ڪري اتان کان معلومات وٺي سگھجي ٿي ڪاپي

Post a Comment

0 Comments