درٻيلو جون يادون
درٻيلو ۽ ٻيڙيون ٻَڌڻ
جا ماهر ڪاريگر
مبين چنا
انسان جڏهن سڀ ڪجھ يا
گهڻو ڪجھ هجڻ واري سوچ جو شڪار ٿيو تہ سندس چين، سڪون ۽ آرام ختم ٿي ويو ۽ پوءِ ان
سڪون جي تلاش ۾ سڌي واٽ ڇڏي نشو واپرائڻ شروع ڪيو، جنهن جا اسان جي زندگيءَ تي
ڪيترائي منفي اثر پون ٿا. اسان وٽ نشي جا الائي ڪيترا قسم وپرايا ويندا آهن جنهن ۾
شراب، چرس، آفيم، ڀنگ، هيرئون، آئيس، نشي آور گوريون، شيشو، فلٽر سگريٽ، اي سگريٽ،
ٻيڙيون، حقو، چلم، وزم، نسوار، سوپاريون ۽ ناس بہ نشي طور استعمال ڪيون وينديون
آهن، ڪيترائي نوجوان تہ اسپرٽ ۽ ڪف سيرپ بہ نشي طور استعال ڪندا آهن. هر ڪو نشو
پنهنجي پسند ۽ حيثيت مطابق ڪندو آهي. اڄ وارو نوجوان اي سگريٽ، فلٽر سگريٽ، آئيس ۽
شراب وارو نشو عام اسعتمال ڪري رهيو آهي جڏهن تہ ڪيترائي ئي غريب جيڪي هن لعنت ۾
ڦاسي پيا آهن اهي شراب جي بدران ٿرو جيڪو مقامي طور تي تيار ٿيندو آهي سو نشي طور
واپرئين ٿا جنهن ڪري هر وقت انهن جي مرڻ جون خبرون اخبارن جي زينت بڻجندي آهي.
پراڻي وقت ۾ جڏهن سگريٽ ايترا عام نہ هئا تہ گهڻا ماڻهو پن واريون ٻيڙيون استعمال
ڪندا هئا جيڪي سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ مقامي طور تي تيار ٿينديون هيون ۽ آهن.
ائين ئي درٻيلو شهر ۾ ٻيڙيون ٻڌڻ جا شاهڪار ڪاريگر پيدا ٿيا جن جي هٿن جون ٺهيل
ٻيڙيون سڄي سنڌ ۾ مشهور هيون. اهڙن شاهڪار ڪاريگرن ۾ فقير صالح ميمڻ، منور عرف منو
مڱڻهار، مرحوم محمد آچر چنا، مرحوم قربان چنا، مرحوم وڏيرو قاسم ميمڻ، مرحوم پير
علي محمد، مرحوم فقير اسلم ميمڻ، مرحوم منظور ميمڻ، سڪندر مڱڻهار، سراج مڱھڻار ۽
اسلم گوپانگ بہ پنهجي وقت جا ناميارا ڪاريگر هئا، سڪندر، سراج ۽ اسلم هاڻي ٻيڙين
ٻڌڻ وارو ڪم ڇڏي ويا آهن. انهن سڀني ڪاريگرن جي ٻيـڙين جي وڏي کپت هوندي هئي ۽
موالي ٻيڙيون هٿ ۾ کڻي سڃاڻيندا هئا تہ هي ٻيڙي ڪهڙي ڪاريگر جي ٺهيل آهي. جڏهن
سگريٽ عام ٿيڻ لڳا تہ ٻيڙين جا ڪيترائي موالي ٻيڙيون ڇڏي سگريٽ ڇڪڻ لڳا ائين
درٻيلو شهر ۾ ٻيڙيون ٻڌڻ وارو ڪم آهستي آهستي گهٽجڻ لڳو پر پوءِ بہ اڃا ڪافي جهونا
ٻيڙيون استعمال ڪري رهيا آهن جن لاءِ هن وقت بہ ڪجھ ڪاريگر ان ڪم کي ڪري رهيا آهن
جن ۾ منور عرف مُني چنا، وڏيرو غلام علي ميمڻ، رستم چانڊيو، امير بخش عرف مير چنا
ٻيڙيون ٻڌي رهيا آهن جيڪي شهر جي جهونن سان گڏ درٻيلو جي آس پاس وارين ٻهراڙين ۾
وڏي چاھ سان واپرايون وڃن ٿيو.
ٻيڙيون ٻڌڻ جي مشهور
ڪاريگر منور چنا کان جڏهن پڇيو تہ ٻيڙين ۾ ڪهڙي قسم جو تماڪ استعمال ٿيندو آهي
جنهن تي هن ٻڌايو تہ تماڪ جا جام قسم آهن پر اسان وٽ پهرين نمبر تي تاج، ٻئي نمبر
تي موتيو ۽ ٽيون نمبر تي حيدري تماڪ استعمال ڪيو ويندو آهي ائين ئي پن جي باري ۾
هن ٻڌايو تہ پن جا بہ ڪيترائي قسم آهن پر انڊيا وارو پڻ گهڻو استعمال ڪيو ويندو هو
پر مهانگي سبب هاڻي ان جو استعمال گهٽجي ويو آهي جنهن ڪري هاڻي ڦاڙوي جو پڻ گهڻو
استعمال ٿي رهيو آهي. ٻيڙيون ٻڌڻ لاءِ هي سامان استعمال ٿيندو آهي تماڪ، پن،
ديھڙي، پن ڪٽڻ لاءِ ڪئنچي ۽ ٻيڙي جو منهن ٻڌڻ لاءِ ڪيترائي ڪاريگر چاقو، چهنبدار
ڪاٺي يا وري ڪجھ ڪاريگر پنهنجي اشهد آنگر وارو ننهن بہ استعمال ڪندا آهن. منور اهو
بہ ٻڌايو تہ درٻيلو شهر ۾ ٻيڙين جا ٽي قسم تيار ٿيندا هئا، هڪڙو قسم وڏي ٻيڙي، ٻيو
ننڍي ٻيڙي ۽ ٽيون قسم فرمائش واري ٻيڙي، فرمائش واري ٻيڙي وڏا ماڻهو ۽ شوقين موالي
پنهنجي پسند تي سنهڙي ۽ ڊگهي ٺهرائيندا هئا، فرمائسيي ٻيڙيون ٻڌڻ جو بھترين ڪاريگر
مولا بخش گوپانگ هوندو هو جنهن کان فرمائش تي ٻيڙيون تيار ڪرايون وينديون هيون.
ٻيڙين جو هي قسم عام طور تي تيار ناهي ٿيندو صرف آرڊر تي ئي ٺاهيو ويندو هو، پراڻي
دور ۾ ڪجھ موالي سگريٽ ۽ ٻيڙيون رکڻ لاءِ لوهي چادر واري دٻلي بہ ٺهرائيندا هئا ۽
ڪافي موالي وري فينسي لائيٽر بہ رکندا هئا جن جي قيمت ڪجھ سئو کان هزار ڏيڍ تائين
هوندي هئي. دربيلي جي ٺهيل ٻيڙي سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مشهور هئي جيڪا وڏي شوق
سان ڇڪي ويندي هئي. دربيلي جي ڪاريگرن وٽ پراڻي دور ۾ اها ڳالھ مشهور هئي تہ جيڪي
ڪاريگر سانگهڙ ۾ ڪم ڪن ٿا اهي ڄڻ يونيورسٽيءَ سطح جا آهن ۽ جيڪي سڪرنڊ ۾ ڪاريگر ڪم
ڪن ٿا اهي ڄڻ ڪاليج سطح جا آهن ۽ دربيلي جي ڪاريگرن جي هاڪ سڄي سنڌ ۾ الڳ ۽ نرالي
هئي جن کي سڄي سنڌ ۾ ٻيڙي تيار ڪرڻ لاءِ تماڪ ۽ پن پنهنجي پسند تي ڏنو ويندو هو.
80 واري ڏهاڪي ۾ هڪ هزار ٻيڙي ٻڌڻ جي مزدوري 20 روپيا ملندي هئي ۽ سٺا ڪاريگر
ڏهاڙي 2 هزار کان 25 سئو ٻيڙيون تيار ڪندا هئا. موجود وقت ۾ ٻيڙي جي جوڙي جي قيمت
100 روپيا آهي ۽ سگريٽن جا ڪافي براند سئو روپين کان بہ گهٽ قيمت ۾ ملي رهيا آهن.
درٻيلو شهر جي پياري
شخصيت ۽ بهترين انسان سيد برڪت علي شاھ جيڪو گولڊ ليف سگريٽ پئيندو هو ۽ جڏهن بہ
سگريٽ ۽ ٻيڙيون خريد ڪندو هو تہ ٻہ پاڪيٽ سگريٽ جا ۽ ٻہ جوڙيون ٻيڙين جون خريد
ڪندو هو. سائين سگريٽن سان گڏ منهنجي مامي قربان چنا جي هٿ جون ٺهيل ٻيڙين کان
سواءِ ڪنهن بہ ٻئي جون ٺهيل ٻيڙيون نہ پئيندو هو، سائين جي هڪ خاص عادت هوندي هئي
تہ سائين سگريٽ ۽ ٻيڙيون هر وقت هٿ واري رومال ۾ ويڙهي رکندو هو ۽ ڪنهن کي بہ
سگريٽ ۽ ٻيڙي کڻڻ کان منع نہ ڪندو هو، اڄ اسان وچ ۾ نہ ماما قربان رهيو آهي ۽ نہ
وري سائين برڪت علي شاھ جهڙو پيارو ۽ بهترين ماڻهو ٿا پنهنجي آس پاس ڏسون. درٻيلو
جو وڏو شيعا عالم، ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ ۽ مشهور وڪيل شهاب الدين ميمڻ جنهن جي
گهڻو وقت رهائش شهدادپور ۾ هوندي هئي ۽ درٻيلو ۾ محرم الحرام ۽ چهلم وارن ڏينهن ۾
رهندو هو. وڪيل صاحب سگريٽ تہ گولڊ ليف ڇڪيندو هو پر ڪٿي بہ هجي ٻيڙيون درٻيلو جون
ئي تيار ٿيل پئيندو هو. استاد محمد صالح ميمڻ درٻيلو مان ٻيڙيون خريد ڪري کيس پوسٽ
ذريعي يا ڪنهن ٻئي رستي شهدادپور موڪليندو هو.
ٻيڙين ٻڌڻ جو طريقي ڪار
ڪاريگر ايندر ڏينهن جي
تياري ڪرڻ لاءِ رات جو پنن کي پاڻي ۾ پسائي رکندا هئا پوءِ صبح جو انهن کي ڪٽيندا
هئا ۽ ڪٽڻ کانپوءِ وري سڪائيندا هئا ان کان پوءِ وري ايندڙ مرحلي ۾ ڪاٺ جي ٺهيل
ڌمڪ سان انهن پنن کي ڪُٽي انهن کي لسو ڪندا هئا، ان کان پوءِ اهي پن ٻيڙي ٻڌڻ لاءِ
تيار ٿيندا هئا ان کان پوءِ ئي ٻيڙيون ٻڌڻ شروع ڪندا هئا ۽ ڪاريگر 25 ٻيڙين جي
جوڙي ٺاهيندا هئا. درٻيلي ۾ 80 واري ڏهاڙي ۾ هي مشهور ڀانڊا هوندا هئا جتي ڪيترائي
مشهور ڪاريگر ڪم ڪندا هئا، وڏيري قاسم ميمڻ وارو ڀانڊو، استاد صابن ميمڻ وارو
ڀانڊو، شمن ميمڻ وارو ڀانڊو، انهن دور جا مشهور ڀانڊا هئا جتان سنڌ جي ڪيترن ئي
ننڍن وڏن شهرن ۾ ٻيڙي پهچندي هئي، ان دور ۾ وري جڏهن ڦوٽي شيدي ان ميدان ۾ پير
رکيا تہ جلدي ئي پنهجي الڳ سڃاڻپ ۽ نالو پيدا ڪيو جنهن ڪري ٻيا ڀانڊا آهستي آهستي
بند ٿي ويا يا انهن جو ڪم گهٽجڻ لڳو. ان دور ۾ موالي ڌاڳي تي بہ ٻيڙين سڃاڻيندا
هئا تہ هي ڪهڙي ڀانڊي جي ٺهيل آهي، جئين سائو ڌاڳو شمن ميمڻ واري ڀاندي تي استعمال
ٿيندو هو تہ وڏيري قاسم واري ڀاندي تي تيار ٿيندڙ ٻيڙيون تي وري اڇو ڌاڳو استعمال
ڪيو ويندو هو.
هاڻي لڳي ٿو تہ هي صنعت
بہ آهستي آهستي ختم ٿي ويندي، نوجوان نسل سگريٽ فيشن طور استعمال ڪرڻ لڳو آهي ۽
ٻيڙين جا موالي آهستي آهستي گهٽجي رهيا آهن، هاڻي اهو وقت پري ناهي جڏهن ٻيڙيون
صرف اسان جي يادگيرين ۽ تصويرن ۾ ئي محفوظ هونديون باقي نہ ڪو ان کي ڇڪڻ وارو
جهونو نظر ايندو ۽ نہ وري ڪاريگر ڏسڻ لاءِ ملندو. بس نئي دور ۽ نئي نسل جون نئون
گهرجون، هاڻي ڪيترن ئي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي هٿ ۾ اي سگريٽ ۽ شيشو نظر اچي
رهيو آهي جن ۾ پنهنجي پسند مطابق فليور يوز ڪيو ويندو آهي، ڪڏهن اهي شيون اسان کي
صرف فلمن ۾ ئي ڏسڻ لاءِ ملنديون هيون پر هاڻي سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ اهي سڀ
شيون با آساني سان ملي رهيون آهن. نہ استعمال ڪرڻ واري کي ڪو ٽوڪڻ وارو آهي ۽ نہ
وري وڪرو ڪندڙ کي ڪو روڪڻ وارو آهي.









0 Comments