ڪينيڊا هڪ مهانگو ملڪ آهي.

ليڪن هن جي شهري خدمتن جي اعليٰ مثال آهي گرمين جي موڪلن دوران ڪراچي کان هڪ فيملي موڪلون ملهائڻ لاءِ ڪينيڊا وئي ، ان ۾ هڪ زال مڙس ٻه انهن جا ٻار ۽ هڪ پيءُ شامل هيو. ٽورنٽو ۾ 3 ڏينهن گذارڻ بعد هنن مونٽيريا ڏانهن وڄڻ لاءِ هڪ ڪرائي تي ڪار هٿ ڪئي.
هائي وي 401 دنيا جو سڀ کان ويڪرو ۽ 18 لين گاڏين جي گذر گاه لاءِ تمام شاندار آهي هڪ 80+ ڪينڊين عورت هنن جي ڪار جي پويان مخصوص فاصلي تي اچي رهي هئي ،ٻار پوئين سيٽ تي ويهي ان عورت ڏانهن نهارڻ لڳا ۽ هلندي اڪثر عورت ڏانهن هٿ پيا هلائن جنهن تي عورت بار بار پئي مسڪرائي هٿ هلائي جواب ڏنو . اچانڪ ڪينيڊين عورت ڏٺو ته هڪ پوڙهو ڪار جي شيشي مان ٻاهر رت جون الٽيون ڪرڻ لڳو جنهن تي ان عورت پنهنجي گاڏي سائيڊ تي روڪي 911 ايمرجنسي تي ڪال ڪئي جلد ئي هڪ ايمبولنس هيليڪاپٽر نمودار ٿيو هڪ ڪلو ميٽر اڳيان لٿو خاندان کي گاڏي روڪڻ جو اشارو ٿيو ڪجهه ئي دير ۾ تربيت يافته ميڊيڪل عملو پوڙهي کي هيليڪاپٽر ۾ وٺي ويو تقريبن آئي سي هيو جتي آڪسيجن گيس سپلائي شروع ٿي وئي  دل جي شرح ۽ ٻين تربيت يافته پيرا ميڊيڪل جي اسٽاف هيٺ سخت نگراني ڪئي وئي هڪ ماهر ايم ڊي ٽورنٽو مان وڊيو ڪال تي آنلائن هيو اڌ ڪلاڪ کان پوءِ پوڙهي کي ٻيهر سفر ڪرڻ لاءِ ميڊيڪلي فٽ ڪرار ڏنو ويو.

ڪينيڊين خاتون جي فوري مدد ۽ بروقت ڪاروائي تي خراج تحسين پيش ڪندي ان جي خدمتن جي لاءِ ان ماڻهون کان$3500 ورتا ويا. هڪ مڊل پاڪستاني خاندان جي لاءِ تمام خاصي رقم آهي ان غير معمولي رقم جي ادائگيءَ کان پوءِ ڪراچي وارو همراه صدمي ۾ ٻٽجي ويو.

همراه کي دونسون چڙهي ويون نماڻو ٿي پنهنجي پيءُ کي چيئي
بابا ! پان کائي ٻاهر ٿڪ اڇلڻ جي آزر ڪهڙي ضرورت هئي.
سنڌيڪار: سيد عرفان علي