ميڊم ثريا مخدوم سنڌ جي هڪ غير معمولي ۽ غير مثالي عورت
مُبين چنا
12 جون 1954 تي
درٻيلو جي مخدوم خاندان ۾ مشهور جج مخدوم عبدالولي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ”هن
نياڻي" لاءِ ڪنهن ٿي ڄاتو تہ اڳتي هلي هن نياڻي سڄي دنيا ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ
پيدا ڪندي. ٽن ڀائرن جي هي اڪيلي ڀيڻ جنهن پاڻ کي ڪڏهن بہ ڀائرن کان الڳ نہ ڪيو ۽
انهن بہ کيس سدائين پاڻ سان گڏ گڏ رهيو. ڪيپٽن احمد مخدوم، مخدوم زاهد ۽ مخدوم
خالد جن پنهنجي پنهنجي فليڊ ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ پيدا ڪئي. ميڊم ثريا مخدوم جي
شخصيت جا ڪيترائي الڳ الڳ پر نمايان پاسا آهن. جن ۾ تعليم، سياسي، سماجي ڀلائي،
ادب ۽ لنڊن جي ورلڊ سنڌي ڪانگريس سندس سڃاڻپ جا وڏا حوالا رهيا آهن. جن تي تفضلي
الڳ الڳ لکڻ گهرجي.
ميڊم ثريا مخدوم شاگرديءَ واري زماني سان سائين جي. ايم. سيد
جي فڪري تحريڪ جي ڪارڪن طور رھي آھي جيڪو جذبو سندس ۾ آخري وقت تائين رهيو.
ميڊم ثريا مخدوم مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي
ڄامشورو ۾ پڙهڻ دوران JSSF جي ميمبر رھي، اتي ئي ليڪچرار مقرر ٿيڻ کان پوءِ ميڊم ثريا
مخدوم مھراڻ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسئيشن (MUTA) جي پھرين صدر چونڊجي وئي. انگلينڊ لڏي وڃڻ کان پوءِ بہ ھن
استاديءَ وارو سفر جاري رکيو ۽ برمنگهم سيڪنڊري اسڪول ۾ 15 سالن تائين استاد طور
تدريس جو عمل جاري رکيائين. ھوءَ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي باني ميمبرن مان ھئي، UK ۽ يورپ لاءِ WSC جي
آرگنائيزر ۽ وائيس چيئرمين بہ رھي. ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي پليٽ فارم تان ميڊم ثريا
مخدوم سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا جن ۾ سال 2010ع واري مها ٻوڏ جي
ستايلن جي سهائتا پڻ خاص طور تي شامل آهي.
ھن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ سيمينارن ۽ ڪانگريسن ۾ WSC ۽
سنڌ جي نمائندگي ڪري ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ھيومن رائٽس ڪميشن جنيوا ۾ سنڌ جو ڪيس
پيش ڪيائين. ڪيتريون گڏجاڻيون ۽ سيمينار ڪرائي سنڌ ۾ وفاق پاران ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف
آواز اٿاريائين. ثريا مخدوم جي سنڌ سان محبت، وابستگي ۽ وفاداريءَ سبب کيس `جي.
ايم. سيد ميموريل اوارڊ` سان بہ نوازيو ويو، ٻن ڀائرن جي وڇوڙي کان پوءِ ھوءَ وڏي
عرصي کان سنڌ م خاص طور تي پنهنجي اباڻي شهر درٻيلو ۾ رھيل ھئي، ادبي ميڙاڪن، اياز
ميلي ۽ ٻين تقريبن ۾ باقاعدي شرڪت ڪندي ھئي.
ھن
جي سنڌ سان محبت ۽ وفاداري ھميشہ عزت ۽ احترام سان ياد رکي ويندي. سنڌ ۽ جي ايم
سيد جي وڏي عاشق ميڊم ثريا مخدوم 70 سالن جي عمر ۾ اڄ اسان کان ظاهري طور تي هميشہ
لاءِ وڇڙي وئي، سندس وڇوڙو اسان درٻيلو وارن لاءِ جيءَ جهوريندڙ آھي.

0 Comments