Recent-Post

سڪرنڊ لڳ دليل ديرو ۾ ڪچو ڪلو



ڊاڪٽر الطاف جوکيو
 هي ڪچو ڪوٽ سوا نوَن ايڪڙن تي مشتمل بلڪل گول آهي هن جي ڀت جا چار تهه آهن، جيڪي ڪرڙ ۽ کبڙ جي ڪاٺين جي پڃرن سان بيهاريل آهي... ڪوٽ جا برج ڪل 24 آهن... 
جون 18، 2018 تي گهر ٻارن سان سڪرنڊ کان 3 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، نوابشاه روڊ تي واقع دليل ديري جي ڪچي قلعي/ ڪوٽ جو نظارو ورتوسين. اتي جي درگاه سيد تاج علي شاه جي پوٽي سيد ممتاز شاه اسان جي مهماني ڪئي. موسم ۾ ڪافي مونجهارو هيو، آسمان ۾ ڪاراڻ ڇايل هئي، گرميءَ جو اثر به هيو. ننگر پاڻي ڪرڻ بعد جيئن ئي ڪوٽ جي اندر ٿياسين ۽ مين گيٽ وٽ پهتاسين ته ڪجهه گهڙين بعد ڌوڙيو/ طوفان شروع ٿي ويو. ڪوٽ جي اندر رڳو انڌو ڪار هئو. ان باوجود ڪوٽ جا پاسا گهمياسين ۽ ڏاڪڻ ذريعي مٿي ڀت تي به چڙهياسين. ڪوٽ جي گهمڻ جو مزو وٺجي ها، پر اسان کي وري ڌوڙيي جو مزو وٺڻو پيو. ڪوٽ جي اندر رهندڙ ننڍڙا ٻار به ساڻ هيا، جهڙوڪر رونشو ٿي ويو. سڀ مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿي وياسين. 
ان ڪوٽ/ قلعي بابت تاريخ جا متضاد اشارا ملن ٿا. اندازو آهي ته هي ڪوٽ عربن جي دؤر ۾ جڙيو هجي. اهڙي قسم جا ڪوٽ اڪثر درياه يا واهڙن جي ڪنڌين يا لنگهن وٽ جڙيل ملن ٿا. هيءُ تاريخي قلعو سڪرنڊ شهر کان ٽن ميلن جي پنڌ تي نوابشاهه ڏانهن ويندڙ روڊ سان دليل ديري اسٽاپ تي موجود آهي، جيڪو هن وقت ’دليل ڪوٽ‘ جي نالي سان مشهور آهي. 
هيءُ قلعو تقريباً سوا نون ايڪڙن تي مشتمل آهي ۽ هن وقت ملاح گهراڻي جي زميندارن جي ملڪيت آهي، جيڪو سن 1951ع ۾ ميان محمد عثمان ملاح سرڪار کان ملهه تي خريد ڪيو هو. ميان ڌڻي بخش ملاح زميندار هئڻ سان گڏوگڏ وڏو سگهڙ، شاعر ۽ علم دوست انسان هو. هن وقت هو بزرگ وفات ڪري چڪو آهي. 
هن ڪوٽ تي ملاحن جي مالڪي آهي، ذاتي مالڪيءَ سبب، تر جي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن به هن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيا آهن. هن تاريخي ورثي جي سار سنڀال، موجوده مالڪن جي وس کان مٿي آهي، ان لاءِ حڪومت آڏو عرض آهي ته جيئن شڪارپور جي تاريخي جاين کي ڪلچر هيريٽيج ۾ شامل ڪري ان جي مرمت ڪرائي وڃي ٿي ۽ اتي موجود مالڪن کي ئي مالڪيءَ جو اختيار مليل آهي، ائين ئي هن ڪوٽ تي ملاحن جي مالڪي ئي سمجهي وڃي، ليڪن ان تاريخي قلعي کي ڪلچر هيريٽيج ۾ شامل ڪري ان جي سار سنڀال ڪئي وڃي. جيڪڏهن اهڙي سار سنڀال نه لڌي وئي ته 50 سالن جي اندر هن ڪوٽ جا وڃي نشان بچندا.
هي ڪوٽ گول اڏاوت جو بهترين نمونو آهي، جنهن ۾ ٿوري ٿوري فاصلي تي ٻارهن برج تعمير ٿيل آهن. ڪن جو رايو آهي ته هي ڪوٽ سج جي علامت طور ٺهيل آهي. گول ان جي نشاندهي ڪن ٿا. يعني هي ڪوٽ مبادا سج ۽ ٻارهن برجن جي نسبت جوڙيل هجي. هن ڪوٽ ۾ صرف ٻه لنگهه آهن، هڪ وڏو دروازو ٻيو دري، جڏهن ته هن ۾ ٻه ٻيون به ڳجهيون دريون آهن، جيڪي ضرورت وقت کولي سگهجن ٿيون.
دليل ڪوٽ ۾ ڪتب آندل محرابن کي آرڪيٽيڪچر جي قديم ۽ مروج محرابن سان ڀيٽجي ٿو ته دليل ڪوٽ جا محراب قديم تاٿڪ محرابن سان ٿورا گهڻا ملن ٿا. تاريخي بيانن موجب هي ڪوٽ دفاعي خيال سان ٺاهيو ويو هو، هي گول قلعو سنڌ جي تختگاهه الور ۽ برهمڻ آباد جي بچاءَ لاءِ مضبوط چوڪي هئي.
دليل ڪوٽ جي شڪل عجب جي حد تائين گول آهي، ڪنهن وڏي ماهر ان جو تعميراتي ڪم ڪيو آهي. برج اهڙي نموني بيهاريل آهن، جو انهن جي وچ واري وٿيءَ ۾ هڪ فوٽ جو فرق به نه آهي. دليل ڪوٽ کي ٻارهن برجن ۽ ٻارهن ديوارن ۾ ورهايو ويو آهي. سڄي ڪوٽ جو گهيرو 2468 فوٽ ٿئي ٿو. ڪوٽ کي ٻن ڦاڪن ۾ ورهائبو ته انجو قطر 640 فوٽ ٿيندو. ڪوٽ جي هر حصي تي 30 ڊگرين جي ڪنڊ تي برج اڏيو ويو آهي. ڪوٽ جي مرڪز کان لنگهندڙ ۽ آمهون سامهون ديوارن اندر ڇيڙن کي ملائيندڙ قطر 640 فوٽ آهي. ان ۾ جيڪڏهن ڀت جي 20 فوٽ ٿولهه ملائبي ته ڪوٽ جو قطر 680 فوٽ ٿيندو. ڪوٽ سڌي ميدان تي هئڻ ڪري ان جي اندرين ۽ ٻاهرين زميني سطح ذري گهٽ برابر آهي. البت اندرين سطح بعد ۾ ڪجهه ڀراءَ جي ڪري بلند لڳي ٿي. ڪوٽ جي چوڌاري ديوار، برج ۽ ڪنگريون به هڪ جيتريءَ بلنديءَ تي آهن. 
دليل ڪوٽ جي شاهي دروازي جي بناوت به ٻين ڪوٽن وانگر وڪڙ تي آهي، جيئن ڪوٽ تي هڪ ئي وقت ڪو وڏو حملو نه ٿي سگهي. مکيه دروازي تي ٻه وڏا برج آهن. ٻنهي برجن جي وچ ۾ 23 فوٽن جو لنگهه ڇڏيل آهي. دروازي ۾ اندر گهڙڻ سان 22 فوٽ ڊگهـي ڏيڍي اچي ٿي. ڏيڍيءَ ۾ ٻنهي پاسن کان سپاهين جي ويهڻ لاءِ محراب چوڪيون ٺهيل آهن، جن جي ڇت زمين کان 10 فوٽ آهي. 
هن ڪوٽ جي اوڏڪي ڀت هيٺان 18 ۽ مٿان 10 فٽ ويڪري ٿيندي، جنهن جي مٿان هڪ ڪار يا ٽانگو آسانيءَ سان هلي سگهي ٿو. ديوار ِ چين وانگر هيءَ ڀت به چئن تهن سان بيهاريل آهي، جنهن جي هرهڪ تهه ۾ ڪرڙ ۽ کبڙ جي ڪاٺيءَ جي پڃرن سان مضبوط ڪيل آهي. هن وقت ڀت جي اندران انهن ڪاٺين جا پڇڙ اندازاً 6 کان 8 انچ ٻاهر نڪتل آهن، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته وقت جي ستم ظريفين هن ڪوٽ جا اندريان تهه به ڳاري ڇڏيا. مقامي ماڻهن جي ٻڌائڻ موجب 1992 واري مينهن هن ڪوٽ کي ڪافي تباه ڪيو، هلندڙ مينهن ۾ ڀتين جا چاپڙ ڪرندا رهيا ۽ انهن جو آواز ڄڻ ته ڀت جي ڪرڻ جهڙو ٿي آيو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تعليقات چچنامه، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ جي هڪ تحقيقي مضمون دليل ڪوٽ/ دهليل قلعي ۽ اشتياق انصاريءَ جي ڪتاب ’سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا‘ ۾ دليل ڪوٽ جي ذڪر۽ غلام حسين جوڻي جي هڪ تحقيقي مضمون کان سواءِ ڪنهن ٻئي عالم يا محقق ڀرپور انداز ۾ کوجنا نه ڪئي آهي. هن قلعي جو نالو ’دهليله‘ آهي، جيڪو نالو سڀ کان اڳ مشهور مورخ بلاذريءَ (2699 پنهنجي ڪتاب ’فتوح البلدان‘ ۾ ڏنو آهي. پوءِ جي مورخن ان ساڳيءَ پڙهڻيءَ کي قائم رکيو آهي. هن قلعي متعلق ڪي عوامي روايتون به ملن ٿيون، پر اهي ڏندڪٿائن کان وڌيڪ حيثيت نه ٿيون رکن. جهڙوڪ: ڪن روايتن موجب هي قلعو ٽالپرن جي هڪ نواب مير دليل خان ٺهرايو هو. ٻيءَ روايت موجب هي قلعو ٽالپري دؤر ۾ دليل خان مگسيءَ ٺهرايو هو. هڪ روايت موجب هي قلعو ميرن جي ڪنهن ڪوٽوال ٺهرايو هو. ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي لکي ٿو ته انهن ٻنهي نالن سان ٽالپري دؤر ۾ هن علائقي ۾ ڪو به نواب يا ڪارائو ڪونه ٿو ملي. اهي محض مقامي قياس آرايون آهن، ليڪن اهي روايتون بنهه ڪوڙيون به نه آهن. انهن مان ڪجهه حقيقت ضرور ملي ٿي، ڇو ته ٽالپرن جي دؤر ۾ مـيـر نـور مـحمـد خـان ٽـالپـر (1832- 1840ع) هن قلعي جي مرمت ڪرائي هئي. ان مرمت جي بنياد تي عوامي روايتن ۾ هن قلعي (دليل ڪوٽ) کي ٽالپرن جي دؤر سان ڳنڍيو ويو آهي، جنهن جي عربي صورت ’دهليله‘ آهي. اڳتي هلي عوامي لهجي ۾ ’هه‘ حذف ٿي وئي ۽ ’دهليل‘ بدران ’دليل ڪوٽ‘ جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو. 
هي قلعو تيرهن سؤ ورهين کان به وڌيڪ عرصو اڳ جو ٺهيل آهي. چچنامي جي بيان مان پتو پوي ٿو ته عربن جي سنڌ تي حملي (92هه/ 711ع) وقت به هي قلعو فوجي مقصدن لاءِ استعمال هيٺ هو. چچنامي جو مصنف لکي ٿو ته، ”محمد بن قاسم، برهمڻ آباد کي فتح ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ اهو شهر آباد ۽ سندس ملڪ ڪشادو ۽ سرسبز هو. راوڙ ۽ برهمڻ آباد کي ٻه قلعا هئا، هڪ کي ’بهرور‘ ۽ ٻئي کي ’دهليل‘ سڏيندا هئا. هنن قلعن ۾ اٽڪل سورهن هزار جنگي سپاهي هئا. محمد بن قاسم اتي پهچي ٻن مهينن تائين گهيرو ڪيو. بهرور جي فتح کان پوءِ جڏهن اها خبر دهليل وارن کي پهتي ۽ اها به خبر پين ته محمد بن قاسم فوج سان هن طرف اچي رهيو آهي ته دهليل جي قلعي ۾ رهندڙ واپاري هندستان هليا ويا ۽ جنگي سپاهي لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي ويٺا. اٽڪل ٻن مهينن تائين قلعي جو گهيرو رهيو. 
سيد ابو ظفر ندويءَ جو بيان به لڳ ڀڳ ساڳيو آهي، جيڪو لکي ٿو ته ”ماهه شوال 93هه ۾ محمد بن قاسم برهمڻ ڏانهن پيشقدمي ڪئي. رستي ۾ ٻه مضبوط قلعا هئا، هڪ دهليل ٻيو بهرور. هر قلعي ۾ سورهن هزار فوج هئي.“ 
مٿين تاريخي حوالن مان هيءَ ڳالهه چٽيءَ طره ثابت ٿئي ٿي ته هي قلعو راءِ گهراڻي (450- 662ع) يا ان کان پوءِ برهمڻ گهراڻي (712ع تائين) جي دؤر ۾ تعمير ٿيو آهي. انکانسواءِ مٿئين بيان موجب هن قلعي کي ڏنل ٻٽيون ڀتيون [جيڪي اڄ به موجود آهن] پڻ اهو ثابت ڪن ٿيون ته هي قلعو راءِ يا برهمڻ گهراڻن جي دؤر جو تعمير ٿيل آهي ۽ هن قلعي جي تعمير جو زمانو اُچ، ملتان، نيرون ڪوٽ، ديبل ۽ الور جي قلعن جي لڳ ڀڳ آهي. هيءُ قلعو سنڌ جي تخت گاهه الور ۽برهمڻ آباد جي بچاءَ لاءِ هڪ مضبوط فوجي چوڪي يا ڇانوڻي هو. (سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا ۽ اشتياق انصاريءَ جي ڪتاب ’سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا‘ تان مدد ورتل)

Post a Comment

1 Comments