Recent-Post

هڪ نئي آتم ڪٿا



ليکڪ: اجمل مير مهدي، حيدرآباد
تبديلي فطرت جو هڪ اڻٽر عمل آهي جيڪو صدين کا جاري ۽ ساري آهي امڪاني حالتن موجب اهو عمل هميشه جاري رهڻو آهي تبديلي جي ان سفر ۾ ڪائنات عام کان پيچيده ٿيندي ٿي وڃي، انسان پهريان وڻن جي پَنن سان پاڻ ڍڪيندا هئا. غارن، چُرن، پٿرن، جابلن ۽ عجيب و غريب علائقن ۾ رهندا هئا.
ان جي ڀيٽ ۾ اڄ جو انسان پنهنجي لازوال ترقي جو مثال پاڻ خود آهي. هن دور جو ماڻهو وڏي شان و شوڪت سان زندگي بسر پيو ڪري ، هر قسم جي سهولت جا مزا پيو ماڻي. پراڻي د ؤر ۾ قومون غلام هونديون هيون وقت جي وهڪري سان گڏ جدوجهد ڪري کين آزادي ماڻي، جيئن وقت جو وير وڌنڌو ويو تيئن انسان جي لاءِ مسئلا به جديد قسم جا ٿيندا ويا، روايتون، رسمون، رهڻي سهڻي سڀ تبديل ٿيون آهن پراڻي وقت جي حساب سان گهڻو فرق آهي. صدين کان موجود سنڌ جي ثقافتي۽ تهذيبي حوالي سان جائزو وٺبو ته خبر پوندي ته موئن جي دڙي جا ماڻهو تمام گهڻا مهذب،تهذيب يافته هجڻ سان گڏ تمام سٺي نموني سان پڙهيل لکيل ۽ سماج دوست ماڻهو هوندا هئا. تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته موئن جي دڙي مان جيڪي تاريخي نسخه مليا آهن تن مان خبر پوي ٿي ته سنڌو ماٿري جا رهواسي امن جا علمبردار هجڻ سان گڏ تمام بهترين انفرا اسٽرڪچر جا مالڪ هوندا هئا. سندس بنيادي جوڙجڪ ۾ بهترين تعليمي نظام سان گڏ معياري قسم جا ڪُشاده ۽ وسيع پئيماني تي روڊ، رستا، بهترين ڊرينيج سسٽم ۽ ماڊل گورنمينٽ سسٽم جا منتَظم هوندا هئا. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن مُلڪ جي معاشي حالت سنڌ جي سرڪاري اسپتال جي آءِ سِي يُو ۾ پيل زندگي جي بازي واريءَ جنگ سان وڙهندڙ بلڊ ڪينسر جي مريض جهڙي آهي. جنهن جو علاج هن جديد دور ۾ ماهر ڊاڪٽرن جي هوندي موجود ته آهي پر علاج ڪرڻ لاءِ ضروري سهولتون موجود نه هجڻ جي ڪري اها بازي هر روز شڪست جو منهن ڏسي ٿي
اسان جي هن درد ڀريئي ديس ۾ جتي جيئڻ لاءِ سڀ شيءِ موجود هجي پر حڪمرانن جي جهموريت جي ڪري نه ملندي هجي، جتي ماڻهو مُلڪ ۾ موجود حڪمرانن جا صرف ٽي وي بيان ٻڌندا هجن جتي وڏا وڏا اعلان ٿيندا هجن ۽ سندس پارٽي جي نعرن تي نوجوانن ۽ نياڻن کي رڪس ڪرائيندي ووٽ وٺڻ جو رواج عام هجي جتي سَوَن جي تعداد ۾ ٿر ۾ ٻار پاڻي ۽ غذا جي ڪري مرندا هجن، جتي جنسي دهشتگردي جي ڪارندن کي سزا ڏيڻ لاءِ ڪو مناسب قانون نه هجي جتي جي تعليمي معيار مُلڪ جي ٻين حصن کان گهٽ هجي، جتي ڪاروڪاري جهڙيءَ جهالت واري رسم کي روڪيو نه ويندو هجي اُتي اسان ڪهڙي انصاف جي گُهرج ڪيون اُتي اسان روڊن تي بيهي حڪمرانن ۽ ڪامورن کان ڪهڙا مطالبا ڪيون؟.
گذريل يارنهن سالن کان سنڌ ۾ پي پي حڪومت هلي رهي آهي. تانيه خاصخيلي، فرزانه جمالي، اُمِ رُباب، فضيلا سرڪي ان سميت بي شمار نياڻيون، عورتون، معصوم ٻارڙا ظلم ۽ تشدد جو شڪار ٿيا آهن. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جنسي حراسان ڪرڻ وارا معاملا تمام گهڻا وڌي ويا آهن جنهن جو سبب انتظاميه سميت ذميوار اختيارن جو خاموش رهڻ آهي. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هن وقت ڏُڪار جي حالت لڳي پئي آهي. ڪيترا ئي علائقا آفت سٽيل لڳا پيا آهن. پاڻي جي کوٽ ۽ عدم دستيابي جي ڪري سنڌ جي آبپاشي ۽ زراعت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي جنهن جي ڪري به پوري سنڌ جو تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي. آبادگار،هاري ۽ زميندار پاڻي نه هجڻ جي ڪري ڏاڍا پريشان آهن هڪ طرف آبادگارن جا مظاهرا ۽ ڌرڻا آهن ته پاڻي جي کوٽي آهي پاڻي ڏيو اُهي زمينون به بنجر ٿيڻ لڳيون آهن جيڪي ذرخيز هيون مجموعي طور ته ڏٺو وڃي ته آبپاشي جي کاتي سنڌ سڄي ۾ پاڻي جو ناقص نظام ٺيڪ تہ نہ ڪيو آهي پر اداري جي ڪارڪردگي اڃا تائين سواليه نشان آهي. ٻئي طرف سنڌ ۾ زرعي زمينون اسان جي ڪُڙمين، هارين ۽ غريبن لاءِ جيئڻ جو اهم ذريعو آهن پر وقت موجب پاڻي جو نہ ملڻ ، انهن کي ڀاڻ، دوا ۽ ٻج جو بہ مقروض ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏهن ائين ئي صورتحال رهي ته سنڌ ۾ وڏي پيئماني تي ڏڪار ايندو جنهن ۾ ايترو وڏو نقصان ٿيندو جنهن جو ازالوڪرڻ اسان جي وَسَ ۾ نه هوندو. آبادگارن جي پاڻي جو مسئلو جلد کان پهرين حل ڪيو ويو وڃي ته جئين اُهي پنهنجي جياپي کي جاري رکي سگهن. مظبوط ۽ مستحڪم آبپاشيءَ ۽ زراعت جو ادارو ٺاهيو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ موجود زرعي زمينن مان بهتر اُپت حاصل ڪري ملڪ جي ترقي ۾ حصو شامل ڪجي. غربت، بيروزگاري، بدحالي، ڏڪار۽ پاڻي جي کوٽ سميت جنسي حراسان ڪرڻ جا معاملا ڪير حل ڪندو؟ صوبي اندر نياڻن کي تحفظ ڪير ڏيندو؟ سنڌ ۾ ماڻهن جي احساسِ محرومي وڌي رهي آهي حڪومت جي عدم دلچسپي جي ڪري سنڌ جا شهر کنڊر بڻجڻ واري حالت ۾ اچي رهيا آهن. پاڪستان ۾ گذريل 10 سالن ۾ جنسي ڏاڍائيءَ کان پوءِ قتل، معصوم ٻارڙن سان بد فعلي جا واقعا هزارن جي انگ اکر ۾درج آهن پر انهن واقعن جي فهرست ۾ ڏسبو ته آڱر تي ڳڻڻ جيترن کي مشڪل سان انصاف مليو هوندو. ان جو سبب يا ته جوبدار ڪنهن سياسي، قانوني يا حڪومتي ماڻهو جو خاص يا ويجهو هوندو آهي يا وري دولت ذريعي پنهنجي جان ڇڏائي ويندو آهي.
هاڻي ائين محسوس ٿنيدو آهي ته روزمره جي حساب سان واقعا ۽ قتل ٿين پيا ان جي باوجود حڪمرانن جي ننڍ نه ڦٽي آهي انهن کي ڪو احساس ناهي ته ڪنهن ماءُ جي حالت ڇا هوندي آهي جڏهن هُن جي نياڻي کي جنسي ڏاڍائيءَ کان پوءِ بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويندو آهي. نياڻن سان جنسي ڏاڍائي يا جنسي حراسان ڪرڻ وارا معاملا عام ڳالهه ٿي وئي آهي. سنڌ ۾ هندو نارين کي اغوا ڪرڻ ۽ انهن جو زبردستي مذهب مٽائڻ وارا واقعا اسان جي سامهون آهن. مادر علمي سنڌ ورسٽي ۾ نياڻن جو قتل ٿيڻ، اغوا ٿيڻ ۽ جنسي حراسان ٿيڻ وارا معاملا پهريان کان ئي آن رڪارڊ آهن. انتظامي غفلت جي ڪري رونما ٿيندڙ واقعا ڪنهن اداري يا رياست جو نا تلافي نقصان هوندا آهن. جيئن ڪجهه ڏينهن پهرين شهيد بينظير ڀٽو ورسٽي ۾ فرزانه جمالي سان جنسي حراسان ڪرڻ وارو مسئلو پيش آيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ نوجوان گلوڪاره ثمينه کي سڌا فائر ڪري قتل ڪيو ويو.
واقعو ڪهڙو به هجي تحقيقات ٿيڻ گهرجي. رياست جو فرض آهي ته نتيجن کي سامهون رکي ڪري اهڙا اُپاءَ ورتا وڃن  جنهن سان سنگين نوعيت جي واقعن کي روڪڻ ۾ هٿي ملي. جيستائين قانوني ادارا مضبوط ۽ مستحڪم نه ٿيندا تيستائين نياڻن ۽ معصوم ٻارڙن سميت مُلڪ ۾ قتل و غارت جا واقعا پيا جنم وٺندا. پوءِ ڪڏهن نائلا رند پنهنجو انت پاڻ آڻيندي يا تانيه خاصخيلي کي هميشه لاءِ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو ته ڪڏهن وري زينب کي جنسي ڏاڍائيءَ کان پوءِ قتل ڪري گند ڪچري واري جڳهه تي اڇلايو ويندو. انساني موت جو ٻيو سلسلو روڊ جي حادثن جي صورت ۾ جاري آهي. سيوهڻ کان ڄامشوري جو روڊ ۽ نيشنل هاءِ وي انساني زندگي کي حادثي جي صورت ۾ موت جو راڪاس بڻيل آهن. گذريل 8 مهينن ۾ سيوهڻ روڊ تي حادثن ۾500 کان وڌيڪ انسانن پنهنجي زندگي جو ڏيئو هميشه لاءِ وسائي ڇڏيوآهي. ان سان گڏ ڄامشوري جي لنڪ روڊ تي موت جي ننڍ سُتَل ماڻهن جو علم ڪنهن ماڻهو کان لِڪيل ڍڪيل نه آهي.
ان سڄي رام ڪٿا ۾ حڪومت جو ڪردار ڪٿي به نمايان نظر نٿو اچي. نياڻن سان جنسي حراسان ڪرڻ وارا واقعه، معصوم ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي وارا معاملا ۽ قتل و غارت سان گرم ٿيل بازار کي سنڌ حڪومت کي ترجيحي بنيادن تي حڪمت عملي سان نبيري ته جيئن سنڌ ايندڙ نسل به سُکَ جو ساه کڻي سگهي.
موت جي مهندي لڳائي ڪري زندهه جِيوت جي زندگي جي انت آڻڻ وارن عنصرن کي ترجيحي بُنيادن تي خاص قسم جا اُپاءُ وٺي ڪري انساني زندگي جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ لاپراوهه ۽ غير ذميدارن ماڻهن جي خلاف قانون مطابق ڀرپُور ڪاروائي ڪئي وڃي. پاڪستانين شهرين کان چندي جي نه پر، مضبوط ۽ جامع پاليسيز جي سخت ضرورت آهي. مُلڪ جا شهري ٻاهرين مُلڪن ۾ پنهنجي اولاد، عزيز و اقارب کان پري رهي ڪري محنت ڪري پئسا ڪمائي گڏ ڪن ٿا ۽ پوءِ پنهنجي پيارن ڏانهن موڪلن ٿا ته جيئن اُهي بهتر زندگي گذاري سگهن. سوال اهو آهي ته اگر واقعي مُلڪ ۾ هنن جي لاءِ ڪجهه بهتر هجي آ ته اهي ملڪ ڇڏي ٻاهرين مُلڪن جو رُخ ڇو ڪن ها؟  ٻاهرين مُلڪن ۾ ويل پاڪستان جا ماڻهو ان ئي ڪري ويا آهن جو سندن مُلڪ رهڻ جي لاءِ موزون ناهي رهيو، يا وري قانون جي بالادستي عملي جامي ۾ نظر نه ٿي اچي؛ روزگار جا نوان موقعا نه ملڻ، غربت، بيروزگاري ۽ مهنگائي جي ڪري شهرين جو رُخ ٻاهرين مُلڪن ڏي وڃڻ عام معمول ٿي ويو آهي. وزير اعظم عمران خان کي اهو پهريان ئي معلوم آهي ته خان صاحب اسلامي جهموريه پاڪستان جو منتخب وزير اعظم آهي، عمران خان کي مُلڪ کي شوڪت خانم، نمل فائونڊيشن سمجهي ڪري هلائڻ جي ضرورت ناهي ڇو ته مُلڪ پاليسيز تي ۽ فلاحي ادارا اڪثر چندي، صدقي ۽ خيرات جي عيوض هلايا ويندا آهن.نوَن سڌارن سان گڏ نئي حڪمتِ عملي جوڙي قانوني اصلاحات موثر ڪيا وڃن ۽ صوبن سميت مُلڪ جي ڪامورا شاهي ۾ پڻ تبديلي ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمتِ عملي لازمي آهي.

Post a Comment

1 Comments