Recent-Post

شاگرد جي ذاتي ۽ انفرادي سوچ يا اجتمائي ۽ قومي سوچ



شاگرد جي ذاتي ۽ انفرادي سوچ يا اجتمائي ۽ قومي سوچ
تحرير؛ مبين مطهري

 اها هڪ حقيقت آهي ته ڪائي به قوم جيڪڏهن ترقي ڪندي آ ته اها ٽن شين تي تمام گهڻو ڌيان ڏيندي آهي
استاد
نوجوان/شاگرد
تعليم
اهي ٽي شيون قوم جا بنياد ۽ ٿنڀا هوندا آھن جنهن جي ڪري ڪائي به قوم يا ته ترقي ڪندي آھي يا وري ناڪامي جو شڪار ٿيندي آھي۔
اهي ٽئين شيون قوم جي ترقي جي لاء لازم ۽ ملزوم آھن ڪائي به قوم انهن مان جيڪڏهن ڪنهن هڪ کي به ڇڏي ڏئي يا وري ڪنهن هڪ تي توجه نه ڏئي ته اها قوم ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهندي
مثال طور
ڪنهن به قوم مان تعليم کي ڪڍو ته باقي جهالت آھي
ڪنهن به قوم مان استاد کي ڪڍو ته علم ڪتابن ۾ ئي دٻجي ويندو
ڪنهن به قوم مان نوجوان شاگردن تي توجه نه ڏيو ته قوم جو روشن مستقبل اونداهي ۽ جهالت ۾ تبديل ٿي ويندو،
اهو ئي سبب آھي ته اهي ٽئين شيون لازم ۽ ملزوم آھن۔
اوهان دنيا گهمي ڏسو اوهان کي جيڪي به ڪامياب ۽ ترقي يافته ملڪ يا قومون ملنديون انهن وٽ ان ٽن شين جو تمام گهڻو مقام ۽ مرتبو هوندو ۽ ان تي تمام گهڻو ڌيان هوندو ۽ ان جي لاء هڪ خاص حڪمت عملي ترتيب ڏنل هوندي
پر اسان جي معاشري جو الميو ڏسو ته اسان کي انهن ٽنهي شين مان ڪنهن هڪ تي به ڌيان ڏيڻ جي لاء فرصت ناهي ۽ نه وري اسان ان طرف ڪڏهن متوجه ٿيا آھيون اهو ئي سبب آھي جو اسان جي قوم جا حالات ۽ ان جي موجوده صورتحال انتهائي خراب آھي،
جيئن ته اسان مٿي بيان ڪيو ته نوجوان قوم جو مستقبل هوندو آھي انجي بهتر تعليم ۽ تربيت ڪرڻ مطلب پنهنجي قوم جي مستقبل کي روشن ڪرڻ آھي
۽ قوم جي مستقبل کي بهتر ڪرڻ جي ذميداري فقط ڪنهن گروه ڪنهن علائقي ڪنهن برادري يا ڪنهن اداري جي نه بلڪه هر ان فرد تي اها ذميداري لاڳو ٿئي ٿي جيڪو ان قوم سان تعلق رکي ٿو ان کي گهرجي ته پنهنجي قوم جي سربلندي ۽ ترقي جي لاء ڪوشش ۽ جدوجهد ڪري ۽ هڪ غير معمولي تحرڪ وٺي۔
انهي جي لاء سڀ کان پهريان پنهنجن ان نوجوانن کي تعليم ۽ تربيت جي بنياد تي تيار ڪجي جيڪي قوم جي مستقبل جا رهنماء ۽ حاڪم آھن،
پر مسئلو اهو آھي ته نه والدين نوجوانن تي ڌيان ڏين ٿا ۽ نه وري اسان جا اڪثر سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارا ان معاملي کي سنجيدگي سان وٺن ٿا،
هڪ پنهنجو تجربو ۽ حقيقت اوهان جي اڳيان پيش ڪيان ٿو جيڪا ڪڙي ضرور آهي پر اها ئي اسان جي معاشري جي بنيادي ۽ خطرناڪ بيماري آھي
اسان جي معاشري ۾ هڪ عجيب ٽرينڊ ۽ تسلسل هلي ٿو جيڪو اسان جي ماحول ۽ معاشري جي ارد گرد ڦري ٿو پيو اهو هي ته اسان جي سوچ ڏينهون ڏينهن انفرادي ۽ ذاتي ٿيندي ٿي وڃي جنهن جو نتيجو معاشري ۾ انتهائي خراب ٿو نڪري۔
اسان جي قوم ۽ معاشري جو حال هي آھي ته والدين پنهنجن ٻارن کي پڙهائن ئي ان سوچ سان ٿا ته جيئن نوڪري ملي ۽ اسان جي مالي مدد ٿئي ۽ اسان جي تعليمي ادارن منجهان سڀ ته نه پر اڪثر ادارا نوجوانن کي اها ئي شيء ڏين ٿا جيڪا فقط نوڪري جي لاء ڪافي هجي،
انهي کان علاوه وري جڏهن شاگرد اسڪول کان پوء ٻاهرين ماحول ۽ معاشري ۾ اچي ٿو ته اتي به انکي اها ئي انفرادي سوچ ڏني ٿي وڃي ته پڙھ انڪري جو نوڪري ملندئ،
جڏهن هر طرف کان شروعات ۾ ئي شاگردن کي اهڙي قسم جي انفرادي ۽ ذاتي سوچ ڏني ٿي وڃي ته  پوء شاگرد به ان ئي سوچ جي مطابق پنهنجو مقصد ترتيب ڏئي ٿو جيڪو فقط هلڪي ڦلڪي نوڪري تائين هوندو آهي جنهن جو مطالبو والدين انکان ڪن ٿا يا جيڪو ماحول ۽ معاشرو انجي سوچ کي ذاتي مفادن تائين يا فقط نوڪري تائين محدود رکي ٿو،
اها هڪ حقيقت آهي ته زياده تر شاگردن ۽ طالبعلمن جي سوچ نوڪري تائين محدود آھي جڏهن ته  اها سوچ بلڪل سطحي ۽ معمولي آھي ان کان علاوه ان سوچ جو شاگردن جي تعليم انهن جي تربيت انهن جي ڪرير انهن جي ذهن ۽ انهن جي اخلاقيات تي تمام گهڻو منفي اثر پوي ٿو۔
ڪنهن ڏاڍو بهترين چيو آھي ته جيڪا قوم پنهنجن نوجوانن کي تعليم انهي ڪري ڏئي تاڪه نوڪري حاصل ڪن ته اها قوم نوڪر ئي پيدا ڪري سگهي ٿي حاڪم ۽ قائد نه۔
هڪ ٻي ڳالھ ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته جڏهن اهو چيو ٿو وڃي ته نوڪري لاء نه پڙهجي ته ان جو اهو مطلب هرگز نه آھي ته ڪنهن به سرڪاري چاهي نجي اداري ۾ نوڪري نه ڪجي بلڪه چوڻ جو مطلب اهو آھي ته شاگردن جو تعليم حاصل ڪرڻ جو مقصد نوڪري نه هجڻ گهرجي بلڪه تعليم انهي ڪري حاصل ڪجي تاڪه قابل ٿئي ۽ پنهنجي سوچ کي وسعت ڏئي ۽ گھڻي کان گھڻي تعليم سان ايتري قابليت حاصل ڪري جو دنيا تي ان جي قابليت ڇائنجي وڃي ته جيئن دنيا جا انسان انجي قابليت کان فائدو حاصل ڪن، يعني پنهنجي سوچ کي ذاتي ۽ انفرادي مفادن کان وسيع ڪري اجتمائي مفادن تائين پهچائي،
اهڙي سوچ سان ئي نوجوان شاگرد پاڻ ۽ پنهنجن گھر وارن سان گڏ و گڏ پنهنجي شهر ،پنهنجي قوم،پنهنجي ملڪ، ايستائين جو پوري انسانيت جي خدمت جي لاء پاڻ کي تيار ڪري سگھندو ۽ بالآخر هڪ ڏينهن اهو نوجوان شاگرد عادلاڻو ۽ منصفاڻو معاشرو قائم ڪرڻ جي لاء پنهنجي قوم جي ۽ انسانن جي ڀلي قيادت ،رهبري ۽ رهنمائي ڪري سگهندو.
۽ اها تبديلي تڏهن ايندي جڏهن اسان مٿئين ٽرينڊ کي تبديل ڪنداسين يعني انفرادي ۽ ذاتي سوچ کي ختم ڪري اسان کي اجتمائي، معاشرتي ۽ قومي سوچ اپنائڻي پوندي جيڪڏهن ائين نه ٿيندو ته هر ڪوئي پنهنجي گهر جي تعمير تائين محدود ٿي ويندو ۽ اجتمائي ۽ معاشرتي مفادن کي پنهنجن ذاتي ۽ انفرادي مفادن تي قربان ڪري ڇڏيندو،يعني جيڪڏهن هر هڪ پنهنجي ۽ پنهنجي گھر جي تعمير جو سوچيندو ته پوء ڪير آهي جيڪو پنهنجي قوم، پنهنجي ملڪ جي سربلندي جي لاء يا انسان ذات جي خدمت جي لاء سوچيندو،
جڏهن ته پهرئين مرحلي واري سوچ جنهن جا برا نتيجا اسان پنهنجي ماحول ۽ معاشري ۾ هن وقت محسوس ڪري به رهيا آھيون۔
قومن جو روشن مستقبل نوجوانن جي هٿن ۾ هوندو آھي پر اسان وٽ حالت اها آھي ته اسان نوجوانن کي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آھي جو ان کي اتان ڪڍڻ جي لاء به اسان وٽ ايترو شعور نه رهيو آهي جو اسان اهو سمجهي سگهون ته اسان جو مستقبل ڪنهن بري ڄار ۾ جڪڙيل آھي انهي کي آزاد ڪرائڻ گهرجي، مٿان وري معاشري جي بگڙيل حالتن جو نوجوانن تي منفي ۽ برو اثر الڳ ٿئي ٿو،
انهي صورتحال ۾ نوجوان بلڪل بيوس ۽ لاچار ٿي پوي ٿو جنهن جا برا نتيجا نوجوانن جو اعلي تعليم کان ۽ اخلاقيات کان بي توجهي ۽ اجتمائي ۽ معاشرتي سوچ کان ڌيان هٽي وڃڻ آھي ان کان علاوه اهو ته شاگرد بس اوترو ئي پڙهي ٿو جيترو سندس هلڪي ڦلڪي نوڪري جي لاء ڪافي هجي۔
يقينن اهڙي قسم جي روش تمام گهڻو نقصانڪار آھي شاگردن جي لاء والدين جي لاء ۽ بالخصوص قوم ۽ ملت جي لاء يعني هي اهو زهر قاتل آھي جيڪو آھسته آھسته نوجوان جي سوچ کي ته متاثر ڪري ئي ٿو پر ان سان گڏ و گڏ قوم ۽ ملت جي مستقبل کي به ڀيانڪ ۽ خراب بڻائي ٿو.
ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ماحول ۽ معاشرو اهڙي قسم جا حالات پيدا ڪندو ته نوجوان نسل ۾ تخليقي ۽ اجتمائي سوچ پيدا ئي نه ٿيندي جيڪا گهر محلي شهر سان گڏوگڏ قوم يا ملڪ جي ترقي جي لاء هجي۔
انهي ڪري ضروري آھي ته ان نقص کي اسان محسوس ڪيون ۽ تعليم جي معيار کي بهتر ڪيون ۽ گڏ و گڏ لائق ۽ قابل استادن جي چونڊ ڪري پنهنجن نوجوانن کي اعلي تعليم ۽ بهتر تربيت ڏياريون ۽ انهن جي سوچ جي سطح کي بلند پروازي عطا ڪيون ته جيئن هو بهترين معاشري ۽ ماحول جي تخليق ۽ تعمير ڪري سگهن۔

Post a Comment

2 Comments