الله پاڪ جو نيڪ پرھيزگار
متقي ۽ درويش صفت انسان .
امداد علي خليلي :
امداد علي خليلي :
پروردگار جڏھن پنھنجن ڪجھ
خاص بندن کي ڪجھ عطا ڪندو آھي تہ انھن کي پنھنجو عطاعت گذار فرمانبردار ، نيڪ متقي
، پرھيزگار ۽ علم و حڪمت عطا ڪندو آھي،
جن ۾ ڪجھ نمايان خاصيتون ادا سائين ۾ به اسان ڏٺيون،
مان سميت ادا سائين جي ويجھو رھندڙ ڪافي دوستن ذاتي طور مشاھدو به ڪيو ھوندو .
ادا سائين جي شخصيت منجھ پروردگار اھڙي خاصيت ۽ محبت شامل ڪئي ھئي جو جيڪو به ساڻس ملاقات ڪندو ھيو چاھي اھا ملاقات چند گھڙين ۽ لمحن جي ئي ڇو نه ھجي مگر متاثر ايترو ٿيندو ھيو جو ٻيھر ساڻس ملاقات لاء مشتاق ھوندو ھيو جنھن جو ساڻس ذاتي طور گھر جي ھڪ فرد جي حيثيت سان مان پاڻ ۽ مون سميت ادا سائين جي ويجھي رھندڙ دوست بہ پرک رکن ٿا،
سائين جو وڇوڙو جيڪو ھڪ عظيم سانحو ۽ خال آھي جنھن جو پر ٿيڻ ناممڪن آھي اسان جي گھر سميت ان سانحي جو اثر سوين انسانن ۽ گھراڻن تي پيو ڇو جو سائين ھڪ شخص نه بلڪه ھڪ شخصيت ھئا،
ادا سائين جي شخصيت ۾ تقوا ، پرھيزگاري عطاعت خداوندي ۽ حڪمت ڪمال جي سمايل ھئي
زندگي جي ڪنھن به مرحلي ۽ ڪيتري به مشڪل ۾ ادا سائين جا فيصلا ۽ قدم ايترا ته مٶثر ۽ اٽل ھوندا ھئا جو ان فيصلي کان ھڪ انچ به انسان نه اڳتي پئي وڌي سگھيو ۽ نه پوئتي ھٽي سگھيو جيڪي سندس بھترين حڪمت جي دليل ھئي،
سادگي پسندي ۾ به ادا سائين جو ڪو مٽال ڪون ٿو ملي سگھي ھڪ معلم ۽ استاد ھئڻ جي باوجود جيتري پذيرائي ادا سائين کي وڏي عمر جي افراد ۾ مليل ھئي وري اوتري ئي ننڍن ٻارن ۾ به مليل ھئي، وڏن سان ملاقات وقت ظرف وڏي ھوندي ھيس ۽ ننڍن سان بلڪل انھن جي ھم عمر ٿي ملندو ھيو،
ھر وقت ھر دوست لاء حاضر رھندا ھئا چاھي رات ھجي يا ڏينھن گرمي ھجي سردي ھجي طبيعت ٺيڪ ھجي يا نه مگر پنھنجي ذات کي ادا سائين ايترو ته سستو ڪري ڇڏيو ھو جو ھر انسان جي پھچ ادا سائين تائين آساني سان ھوندي ھئي ،
تقوا ۽ پرھيزگاري ۾ به پنھنجي مثال پاڻ ھئا مونکي بلڪل واضح طور تي ياد آھي ته جڏھن اسان وٽ سنڌ ۾ 2010ع ۾ ٻوڏ آئي ھئي ته تنھن وقت ادا سائين ٻوڏ ۾ پنھجي قوت کان وڌيڪ ڪم ڪري ڏيکاريو جنھن ۾ ڪئمپ جو قائم ڪرڻ متاثرن مؤمنين تائين راشن وغيره پھچائڻ شامل ھيو ، انھن ڏينھن ۾ اسان جي وڏي چاچي سائين جو انتقال ٿيو تڏھن بابا سائين به ڪراچي کان ڳوٺ آيل ھئا ،
ٻوڏ جي متاثر مؤمنين لاء جڏھن گرم ڪپڙا ڪمبل ۽ ٻين شين جو ٽرڪ اچي پھتو ته ان مان سامان لاھڻ جي ذميداري ادا سائين اسان کي ڏني ته سامان لاھي رکو تنھن دوران سڄي ٽرڪ جو سامان لاٿوسين ۽ لاھڻ کان بعد ادا سائين ڳڻپ شروع ڪئي ان دوران جڏھن اسان سامان کي ترتيب سان رکندا وياسين ته بابا سائين به اچي حاضر ٿيو ۽ پيء جي حيثيت سان بابا سائين حجت ڪري وڃي ھڪ ڪمبل کنيون ، ته ادا سائين بابا سائين کي نرمي سان مخاطب ٿي چيو ته بابا اوھان ڪمبل ڇو کنيون آھي ته بابا سائين ھڪ والد جي حيثيت سان حجت ڪندي وراڻيو ته مونکي ھڪڙو ڪمبل کپي ته ادا سائين وراڻيو ته بابا ھي ڪنھن ٻئي جي امانت آھي اوھان کي نٿو ڏئي سگھان بابا سائين جي ڪافي اسرار باوجود آخر ادا سائين بابا سائين کي دست بستہ ٿي اھي جملہ چيا ته اگر اوھان کي ڪمبل کپي ته مان اوھان کي پنھنجي کيسي مان پئسا ٿو ڏيان اوھان وڃي مارڪيٽ کان وٺو ۽ اھي جمله ٻڌي مان سميت گڏ بيٺل سڀ دوست حيران ٿي ويا .
ايترو ئي نہ بلڪہ ادا سائين جي جڏھن طبيعت 2017 جي آخر ڊسمبر مھيني ۾ چيلھ جي مسئلي سبب ڪافي خراب ٿي پئي ھئي جنھن سبب ادا سائين گھمڻ ڦرڻ کان بہ لاچار ٿي پيا ھئا تڏھن ڊاڪٽرن آپريشن جو مشورو ڏنو جنھن وقت سائين قاضي منير صاحب سميت ڪافي دوست مسلسل رابطي ۽ ڪوششن ۾ ھئا ته طبيعت بھتر ٿي وڃي آخر ڪار اسان ادا سائين کي لياقت نيشنل اسپتال ۾ سرجري لاء داخل ڪرايوسين جنھن وقت به مونکي واضح طور ياد آھي ته سائين مغرب جي نماز پنھنجي بيڊ تي ويٺي پڙھي رھيا ھئا ته اسپتال جو عملو سندس آپريشن لاء وٺڻ آيو ۽ ادا سائين جيئن ئي مغرب جي نماز ختم ڪئي ته ادا سائين کي آپريشن ٿيٽر جي اندر وٺي ويا ان وقت ٽائيم شايد ست پيا ٿين آپريشن ۾ ڪافي ٽائيم لڳائڻ کان بعد ادا سائين کي رات جو ٻارنھن يا ھڪ بجه آپريشن ٿيٽر کان ٻاھر ڪڍي وارڊ ڏي منتقل ڪيو ويو تنھن وقت ساڻس مان گڏ ھئس ۽ جڏھن فجر جو ٽائيم ٿيڻ لڳو ته ادا سائين مونکي مخاطب ٿيندي چيو ته انصاف مونکي نماز پڙھڻي آھي ، جڏھن مان جمله ٻڌا حيران ۽ پريشان به ٿيس ته ادا سائين کي جواب ۾ وراڻيس ته اوھان جي آپريشن ٿيندي ڪجھ گھنٽا ئي مس گذريا آھن نماز ڪيئن پڙھندؤ ته ادا سائين چيو پڙھڻي ضرور آھي آخر ڪار مونکي حڪم ٿيو حڪم جي تابعيداري ڪندي مان اسپتال کان ھيٺ لھي صاف جڳھ کان مٽي کڻي وڃي ادا سائين کي تيمم ڪرايم جنھن کان بعد ادا سائين حڪم ڪيو ته منھنجي بيڊ کي قبلي طرف منھن ڪر جيئن قبلي طرف چھرو ٿئي مان بيڊ کي قبلي طرف ڪيم ادا سائين سمھيل حالت ۾ ئي نماز ادا ڪئي ۽ ان وقت مونکي امام خميني رح جو منظر ياد اچي ويو جنھن وقت سائين شديد علالت جي باوجود بيماري جي بستري تي نماز ادا ڪئي.
التماس سوره فاتحہ،
الله پاڪ ادا سائين کي جوار رحمت ۾ جڳھ عطا ڪري ۽ اسان کي سندس نقش قدم تي ھلندي زندگي گذارڻ جي توفيق عطا ڪري آمين.

انصاف علي.

1 Comments
شکریہ آپ احباب کا اس پوسٹ کو شامل کرنے کے لیے.
ReplyDelete