Recent-Post

قصو هڪ ٽيئن گدڙ جو



قصو هڪ ٽيئن گدڙ جو

هڪ گدڙ گهمڻ نڪتو سڄو ڏينهن رلڻ کان پوء شام جو گهر لاء موٽندي رستو ڀلجي ويو. اچي هڪ ڳوٺ ڀرسان پهتو.
هڪ ماري بندوق کنيو زمين گهميو پئي؛ تنهن جي گدڙ تي نظر پئجي وئي. ڀري دونالي ڌوڙيو ڏنائيس.
گدڙ اچي پٽ تي پيو. سوچيائين ته جي اٿي ڀڄندس ته وري بندوق هڻندو؛ سو مڪر ڪري مري پيو.
ماري بندوق کنيو گدڙ مٿان اچي بيٺو ته هڪ همراهه آيو ۽ ماري کي چيائين ته گدڙ ماريو اٿئي ڇا؟
ماري چيو هائو روز ٻنيون لتاڙي ويندو هو اڄ نيٺ مارجي ويو.
همراهه چيس ته يار مونکي حڪيم چيو هو ڪنهن گدڙ جون ٻه ٽنگون کڻي اچ ته دوا ٺاهي ڏيائين. سو قرب ڪر؛
ماري چيس ها ها ڪو مسئلو آ ڇا وڍيس ٻه ٽنگون.
گدڙ کي خيال آيو ته اٿي ڀڄندس ته بندوق هڻندا ڀلا ٻه ٽنگون وينديون جان ته بچي ويندي.
ٽنگون ڪپجي ويس پيو ئي هو ته مٿان ٻيو همراهه آيو چيائين يار وارو ڪر گدڙ جو پڇ مونکي ڏي ڪم ۾ آهي.
گدڙ چيو پڇ ڪهڙي ڪم جو آ ڀلي وڍي وڃي.
ڏي مٿان ٽيون همراهه آيو اچي ماري کي چيائين ته ادا حڪيم چيو هو گدڙ جو مغز آڻ ته دوا ٺاهي ڏيائين.

گدڙ سوچيو اوهيو ٿئي؛ ڪڃرن جي ملڪ ۾ آياسين دوا ٿي وياسين...

لطيفي  سمجهاڻي.. ٿل ڪينال؛ زمينون؛ گيس؛ ٿر ڪول؛ وسيلا هڪ هڪ ٿي سڀني تي جدوجهد ماٺي ٿيندي وئي؛ هاڻي ڪارونجهر جبل به پٽيون ٿا وڃن پر اسان وٽ اڃان گدڙ وارا ڪن اکيون ۽ نڪ آهي. جڏهن دوا ٿيون صفا..
سيد مھدی ٺارو شاھ

Post a Comment

1 Comments

  1. چوري ڪرڻ تي سلام ھجيو ھان

    ReplyDelete