Recent-Post

مهراڻ حقيقي مالڪيءَ جي منتظر

 


مهراڻ حقيقي مالڪيءَ جي منتظر۔۔۔۔۔۔!

اجمل مير مهدي۔

 

جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل! هي ڏينهن به گھاري وينداسين،

ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ! ڏونگر ڏاري وينداسين۔

 

ڪھڙي قهرام جي قهر کي لفظن جي شڪل ڏئي انهن احساسن کي لاڀائتو بنائجي جيڪي مهراڻ جي ماروئڙن انيڪ درد جي ترجماني ڪن۔

سنڌ ۾ اڻکٽ قتل جي سلسلي ۽ جنسي دهشتگرديءَ مُلڪ مَلير جا بنياد لوڏي ڇڏيا آھن، ڪيترن معصوم ۽ بيگناھ سنڌ ڄائين جا نوحا لکي ماتم ڪجن، ڪيترن سنڌ جي مقتولن ۽ مظلومن جي درد جي ڪهاڻي لفظن جي منطقي انجام تائين پهچائجي۔ بي ضمير ۽ بيغيرت سياسي دَلن ۽ ضمير فروش ڀوتارن سنڌ جي نقشي بگاڙڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪئي آھي ان سلسلي ۾ انهن پهرين مرحلي وڏيرڪي راڄ کي حتمي شڪل ڏني ۽ پنهنجا ماڻھو مختلف شعبن ۾ سيٽ ڪري اسٽيٽ جي اندر قائم ڪرڻ واري خواب کي پورو ڪيو۔ هاڻي سرڪاري وڏيرن جون پنهنجون ائين رياستون آھن جيئن پيرن کي حويليون ۽ رئيسن کي جاگيرون هونديون آھن۔ هاڻي سوال اهو آھي ايتري مضبوط سسٽم جوڙڻ کانپوءِ

سرڪاري پارٽيءَ جا نمائندا، وزير، مشير، صلاحڪار، ايم پي ايز مينهن،ٻوڏ، ڪرونا، ماڪڙ ۽ خشڪ سالي ۾ واهر ڇو ته ڪن ۽ ڇاڪاڻ ته ڪن؟ اهي سڀ سنڌي قوم جو درد ڇو ته محسوس ڪن۔ وڏيرڪو راڄ انهن پنهنجي نام نهاد مقصدن لاءِ جوڙيو نه ئي سنڌي قوم جي فلاح ۽ بهبود لاءِ۔

انهن سياسي ۽ سرڪاري ڀوٿارن کي ڀلي ڀت خبر آھي ته ڪهڙو سنڌي قوم غيرت ڪري نام نهاد ميرن، ظالم وڏيرن، قاتل جاگيردارن ۽ پلاسٽڪ جي نوابن کي اليڪشن يا ووٽ وٺڻ مهل ڪهڙا موچڙا ٺوڪيندي يا ردعمل طور تي سماجي بائيڪاٽ ڪندي يا ڪهڙو قوم ووٽ ڏيڻ کان ٺپ جواب ڏيندي، يا انهن جي ظلم و بربريت خلاف اٿندي ۽ احتجاج ڪندي ۽ اها خبر اٿن ته ايتري سياسي مزاحمت ئي سنڌ ۾ ناهي رهي جو کين وڏا اڏيل ڪوٽ ڪرائي مسمار ڪندا۔

گذريل پندرهن سالن ۾ سرڪاري پارٽيءَ عوام جو جُوس ڇڏيو آھي،

سرڪاري ڀوتارن ماڪڙ ڀيري ڪهڙي واهر ڪئي هئي جو اڳتي انهن مان ڪا اُميد رکجي؟

بحريا ٽائون جي معاملي تي جڏهن سنڌين قبضا مافيا جي ولار جي مخالفت ڪندي احتجاج ڪيو ته سنڌين جي ئي سنڌ حڪومت سنڌين خلاف ڏھ هزار کان وڌيڪ دهشتگرديءَ واريون ايف آئي آر داخل ڪرايون هيون،

ڪرونا جي وبا ۾ ڪهڙو امداد ڪري ٿڪجي پيا هئا جو هاڻي اچي ماروئڙن جي مدد لاءِ واعدا واريندا.؟

 

انهن کان علاوه اهم ڳالھ اها  آهي ته سرڪاري پارٽيءَ وٽ گذريل پندرهن سالن کان ٻهراڙيون ڪنهن به ترجيجي فهرست ۾ شامل ناهن، شهر پهريان ئي ڪرپشن ۽ ڪميشن سسٽم جي ڪري تباھ ٿي ويا آهن.

ٻوڏ ۽ مينهن يا ڪا آفت يا سامونڊي طوفان سرڪاري ڀوتارن لاءِ مال ۽ ملڪيت جو سبب بڻبو آهي ۽ سنڌي قوم لاءِ عذاب اليم.

سرڪاري ڀوتارن کي خبر آهي ته سنڌ مان ڪنهن به قسم جي مزاحمت ٿيڻي ناهي نه ئي ڪو ماڻهو سندن خلاف ڳالهائي سگهي ٿو جيڪڏھن ڪنھن ڳالهايو به سهي ته جھموریت جو نعرو لڳائي دهشتگرديءَ واري ايف آئي آر داخل ڪرائي ويندي،

تنهنڪري سرڪاري ڀوتارن کي جيئن سٺو لڳي ٿو ائين ويٺا ڪن ٿا ۽ پنهنجو وڏيرڪو راڄ اڏڻ ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آھن۔

سرڪاري ڀوتارن جي ڪري عوام بس ذليل ۽ رسوا ٿيڻ لاءِ دربدر لڳو پيو آھي ۽ انهن جي ڍونگي همدردي ۽ ڪُوڙا دلاسن جي ڪهاڻي ختم نٿي ٿئي۔

 

سنڌيو! اٿو آسمان مان ڪا وحي نه ايندي نه ئي زمين تي ڪو معجزو ٿيندو، سياسي مزاحمت اڻٽر آھي، پنهنجي ذاتي مقصدن کي تاڪ جي هيٺان رکي ڪري گڏيل قومي مفادن تي بنا تفريق جي گڏ ٿيڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ناهي۔

سنڌي پاڻ ئي همت ڪندا ته ڀرجهلا ٿيندا ۽ سنڌ جي حقيقي مالڪي ڪري سگهندا۔

 

ڇو گھٻرائين ٿو ڪوٽ ڏسي، هي اُوچي اُوچي اوٽ ڏسي،

زندان اڏائي وينداسين، زنجير پِگھاري وينداسين۔

 

اجمل مير مهدي، حيدرآباد

#AjmalMeerMehdi

#SindhiWriter

Post a Comment

1 Comments